ورلڊ ڪپ 2011 جي بئنگلور ۾ کيڏيل ڪالهوڪي ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڪينيا کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي آسٽريليا مقرر 50 اورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهيون۔ مائيڪل ڪلارڪ 93 ، بريڊ هيڊن 64 ۽ هسي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔ ڪينيا اوڊامبو 3 وڪيٽون ورتيون ۔
جواب ۾ ڪينيا جي ٽيم مقرر 50 اورن ۾ 265 رنسون ٺاهيون ۽ هن جا 6 رانديگر آئوٽ ٿيا۔ اوبويا 98 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿيو جڏهن ته مشرا 72 رنسون ٺاهيون۔ آسٽريليا پاران شان ٽيٽ 2 وڪيٽون ورتيون۔ اهڙي طرح آسٽريليا هي ميچ به کٽي گروپ ۾ اڃان تائين ناقابل شڪست آهي۔

اڄوڪي ميچ جو بهترين رانديگر ڪينيا جو ڪولنس اوبويا