آسٽريليا جي ڪينيا خلاف آسان فتح

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 جي بئنگلور ۾ کيڏيل ڪالهوڪي ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڪينيا کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي آسٽريليا مقرر 50 اورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهيون۔ مائيڪل ڪلارڪ 93 ، بريڊ هيڊن 64 ۽ هسي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔ ڪينيا اوڊامبو 3 وڪيٽون ورتيون ۔

    جواب ۾ ڪينيا جي ٽيم مقرر 50 اورن ۾ 265 رنسون ٺاهيون ۽ هن جا 6 رانديگر آئوٽ ٿيا۔ اوبويا 98 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿيو جڏهن ته مشرا 72 رنسون ٺاهيون۔ آسٽريليا پاران شان ٽيٽ 2 وڪيٽون ورتيون۔ اهڙي طرح آسٽريليا هي ميچ به کٽي گروپ ۾ اڃان تائين ناقابل شڪست آهي۔
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو بهترين رانديگر ڪينيا جو ڪولنس اوبويا

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آسٽريليا جي ڪينيا خلاف آسان فتح

    هن ميچ ۾ ڪينيا يادگار ڪارڪردگي ڏيکاري۔۔۔۔ هن ٽورنامينٽ ۾ پهريون ڀيرو 200 جو اسڪور ڪيو اٿن ۽ ان کان علاوه ڪولنس اوبايا ۽ مشرا پنهنجو سڀ کان وڌيڪ اسڪور به هن ئي ميچ ۾ ٺاهيو۔۔ جڏهن ته ڪولنس اوبايا فقط 2 رنسن جي گهٽتائيءَ جي ڪري پنهنجي پهرئين سينچري نه ٺاهي سگهيو۔۔۔۔
    مطلب ته ڪينيا جهڙي ننڍڙي ٽيم آسٽريليا کي آرام سان کٽڻ نه ڏنو ۽ رڪي پونٽنگ کي پنهنجي لفظن تي سوچڻو پوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو