آسٽريليا جي ڪينيا خلاف آسان فتح

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ورلڊ ڪپ 2011 جي بئنگلور ۾ کيڏيل ڪالهوڪي ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڪينيا کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي آسٽريليا مقرر 50 اورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهيون۔ مائيڪل ڪلارڪ 93 ، بريڊ هيڊن 64 ۽ هسي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔ ڪينيا اوڊامبو 3 وڪيٽون ورتيون ۔

جواب ۾ ڪينيا جي ٽيم مقرر 50 اورن ۾ 265 رنسون ٺاهيون ۽ هن جا 6 رانديگر آئوٽ ٿيا۔ اوبويا 98 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿيو جڏهن ته مشرا 72 رنسون ٺاهيون۔ آسٽريليا پاران شان ٽيٽ 2 وڪيٽون ورتيون۔ اهڙي طرح آسٽريليا هي ميچ به کٽي گروپ ۾ اڃان تائين ناقابل شڪست آهي۔

اڄوڪي ميچ جو بهترين رانديگر ڪينيا جو ڪولنس اوبويا

281y5o5.jpg

 
جواب: آسٽريليا جي ڪينيا خلاف آسان فتح

هن ميچ ۾ ڪينيا يادگار ڪارڪردگي ڏيکاري۔۔۔۔ هن ٽورنامينٽ ۾ پهريون ڀيرو 200 جو اسڪور ڪيو اٿن ۽ ان کان علاوه ڪولنس اوبايا ۽ مشرا پنهنجو سڀ کان وڌيڪ اسڪور به هن ئي ميچ ۾ ٺاهيو۔۔ جڏهن ته ڪولنس اوبايا فقط 2 رنسن جي گهٽتائيءَ جي ڪري پنهنجي پهرئين سينچري نه ٺاهي سگهيو۔۔۔۔
مطلب ته ڪينيا جهڙي ننڍڙي ٽيم آسٽريليا کي آرام سان کٽڻ نه ڏنو ۽ رڪي پونٽنگ کي پنهنجي لفظن تي سوچڻو پوندو
 
Back
Top