پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]آخرڪار پالي ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو۔ مينهوڳيء جي موسم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪئي۔ پاڪستان پنهنجي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون شعيب اختر جي جڳه تي وهاب رياض ۽ عمر اڪمل جي جاء تي اسد شفيق کي کيڏايو ويو۔

    زمبابوي کي انگز جي شروعات ۾ ئي نقصان پهتو جڏهن رزاق ۽ عمر گل شروع ۾ ئي وڪيٽون ورتيون۔ ميچ هلندي بارش بار بار راند ۾ رخنو وجهندي رهي ۽ آخر ۾ زمبابوي جي اننگ کي ختم ڪرڻو پئجي ويو۔ زمبابوي 40 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ٺآهيون ۽ بارش پئجي وئي۔ اروين 52 رنسون ٺاهيون۔ عمر گل 3 وڪيٽون ورتيون۔

    پاڪستان کي D/L واري طريقي مطابق 38 اوورن ۾ 163 رنسن جو ٽارگيٽ مليو۔ هڪ دفعو ٻيهر اوپنر احمد شهزاد غير ذميدارانه بئٽنگ ڪئي ۽ 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو پر پوء حفيظ ۽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ کيڏندڙ اسد شفيق بهترين بئٽنگ ڪئي۔ حفيظ 49 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جل ئي آفريدي به 3 رنسون ٺاهي پويلين واپس روانو ٿيو پر شفيق ۽ يونس خان پاڪستان کي ميچ کٽي ڏني۔ اسد شفيق 78 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته يونس 13 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو۔ پاڪستان 34 اوورن ۾ 164 رنسون ڪري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو۔
    [/JUSTIFY]

    عمر گل کي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو جنهن 16 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون

    [​IMG]

    اسد شفيق جنهن ناٽ آئوٽ 76 رنسون ٺاهيون

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو