• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
آخرڪار پالي ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو۔ مينهوڳيء جي موسم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪئي۔ پاڪستان پنهنجي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون شعيب اختر جي جڳه تي وهاب رياض ۽ عمر اڪمل جي جاء تي اسد شفيق کي کيڏايو ويو۔

زمبابوي کي انگز جي شروعات ۾ ئي نقصان پهتو جڏهن رزاق ۽ عمر گل شروع ۾ ئي وڪيٽون ورتيون۔ ميچ هلندي بارش بار بار راند ۾ رخنو وجهندي رهي ۽ آخر ۾ زمبابوي جي اننگ کي ختم ڪرڻو پئجي ويو۔ زمبابوي 40 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ٺآهيون ۽ بارش پئجي وئي۔ اروين 52 رنسون ٺاهيون۔ عمر گل 3 وڪيٽون ورتيون۔

پاڪستان کي D/L واري طريقي مطابق 38 اوورن ۾ 163 رنسن جو ٽارگيٽ مليو۔ هڪ دفعو ٻيهر اوپنر احمد شهزاد غير ذميدارانه بئٽنگ ڪئي ۽ 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو پر پوء حفيظ ۽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ کيڏندڙ اسد شفيق بهترين بئٽنگ ڪئي۔ حفيظ 49 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جل ئي آفريدي به 3 رنسون ٺاهي پويلين واپس روانو ٿيو پر شفيق ۽ يونس خان پاڪستان کي ميچ کٽي ڏني۔ اسد شفيق 78 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته يونس 13 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو۔ پاڪستان 34 اوورن ۾ 164 رنسون ڪري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو۔

عمر گل کي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو جنهن 16 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون

saus7o.jpg


اسد شفيق جنهن ناٽ آئوٽ 76 رنسون ٺاهيون

25ztbx5.jpg

 
Back
Top