سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    ۔
    سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز​

    http://www.youtube.com/watch?v=6MYZxSe5ZA4
    تاليف، تصنيف، ۽ ترتيب۔۔ ممتاز علي وگهيو(لطيفي )

    سنڌي ادب جي شروعات ۽ ارتقاء بابت عالمن ۾ ڪجهه اختلاف آهن. ڪجهه عالمن جي اها راءِ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات عربن جي دؤر ۾ ٿي، پر ڪجهه عالمن جو اهو چوڻ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جي دؤر ۾ ٿي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔"اره بره ڪنڪره، ڪرڪري مندرا"۔۔۔۔۔يا ڪن روايتن موجب اهو جملو هيئن آهي؛۔۔۔۔۔۔۔"اره اصره ڪڪرا. ڪي ڪره مندره"۔۔۔هن جملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيى بن برمڪيءَ جي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهي جملي جي معنى هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. "جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي".هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن افريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيو هيو.بحر حال جيڪڌهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏهن هن دؤر کي "سنڌي ادب جو دؤر" نٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دؤر" به سڏيو وڃي ٿو.۔۔۔۔۔ادب“ کي بنيادي طرح ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:۔۔1. نثري حصو ۔۔۔2. نظمي حصو . نثري حصووارو ادب:۔۔۔۔۔۔ نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جنهن ۾ نه رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن سورويرتا ۽ شجاعت، همت ۽همدردي جا مثال ملن ٿا، اهي نه رڳو ريجهه، رهاڻ ۽ واندڪائي جي وندر جو سُهائيندڙ سامان آهي پر پس پرده سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق شامل آهن. 2. نظمي حصووارو ادب:۔۔۔۔ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري اچي وڃي ٿي جهڙوڪ: پرولي، ڳجهارت، پهاڪا، هنر، دُراهو، ڏور، ست سُرا، ڏَهَسنامو، سِنگار، ڇلڙو، مورو، ٻيلڻ، مانجهيئڙو، هو جمالو، وائي-ڪافي ۽ جهُولڻا، لولي ، ڪوڏاڻا ۽ لوڪ گيت، غزل، َآزاد نظم، بيت، وغيره پڻ اچي وڃن ٿا.سنڌي شاعري۔۔۔۔۔۔۔سنڌي شاعري درد جي لهجي جي خاص گهاڙيٽي ۾ لکي وڃڻ سبب اهڙو اثر رکي ٿي جو راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جهڙا ڪردار پيدا ٿي پون ٿا، جيڪي سر گهورن ۽ سر وٺن ٿا. هتي سر ته ان سينگاريل سکيءَ تان به گهوريا وڃن ٿا، سنڌي شاعري ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ جيئن جماليات آهي اهڙي ريت اسان جي سنڌ جي تقريبن شاعرن ۾ پڻ جمالياتي عنصر جهجي انداز ۾موجود نظر اچن ٿا. ۽ شاعري ۾ شاعر پنهنجي پنهنجي انداز ۾ محبوب کي مخاطف ٿئي ڪري ان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي حسن جي تعريف ڪئي آهي جئين سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح صاحب پنهنجي شاعري ۾ حسن ۽ جمال جو ذڪر ڪيو آهي اهڙو مثال ته اسان کي سنڌي شاعري ۾ ملڻمشڪل آهي ۽ اهيو ڪمال ته صرف شاهه صاحب جي شاعريء ۾ ئي آهي اچو ته سندس شاعري ۾ حسن جمال جو ٿيل ذڪر ڏسون۔۔ شاهه صاحب فرمائن ٿا ته ۔۔۔چوڏهين چنڊ تون اڀرين سهسين ڪرين سينگار،،،،،پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلا ڪرين هزار،،،،،،جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.،،،،،چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان نه پرينءَ سين،،،،،،تون اَڇو منجهه رات، منهنجو سڄڻ سدائين سوجهرو،،،،،اونداهين اڌ رات ۾ پرينءَ پسايو پاڻ،،،،،،چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاو ۾،،،،،،،،، نو نير، ڏهه ڏانوڻ، پندرنهن پيند پياس،،،،،بگهاڙيون بغلن ۾ لکين لوه لڳياس،،،،،،جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنايس هڪڙي ،،،،،هن تاري هن هيٺ، هُت منهنجا سپرين،،،،،،سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين،،،، سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر شيخ اياز رح صاحب پنهنجي محبوب لاء ڪيڏا نه خوبصورت الفاظ استعمال ڪيا آهن۔۔۔(اها جنهن جا نهٺا نيڻ ائين هئا، جيئن رڻ ۾ رات ٺرندي آهي.۔۔۔۔۔ اها جنهن جي وارن جي پناهن ۾ اسان کي ريتي ۾ رلندي ڇانوَ ملندي آهي،۔۔۔۔ اها جنهن جي نڪ جي سوني ڦلي ايئن هوندي هئي، ڄڻ ته ڪو تارو چنڊ سان چيڪيل هو۔۔۔۔ ۽ اها جنهن جو عشق اسان وٽ آرائين جيئن جهول ڀري ايندو هو، ته اسان بيوس ٿي پوندا هئاسين،،) وغيره وغيره،۔۔۔۔ جهڙي ريت نثر جو پنهنجوهڪ حسن آهي ۽ لطف آهي اهڙي طرح وري شاعري جو لطف به پنهنجوهڪ منفرد حسن، ۽ من کي موهيندڙ سرن سان ڀريل هڪ بيمثال لطف آهي، ۽ مون ڏٓٺو آهي ته دنيا جي مڙني ادبن ۾ نثر کان وڌيڪ شاعري لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، ۽ نثر جي بنسبت شاعري ماڻهن جي دلين تي وڌيڪ اثر ڪري ٿي، سنڌ سلامت جا ساٿيو، هت مون پڻ توهان لاء سنڌ جي مختلف شاعري جي مختصر تعارف سان گڏ انهن جي شاعري اها به خوبصورت آوازن ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، اميد ته منهنجي هي ننڍڙي ڪوشش به پسند ايندي۔
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح صاحب ​

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌرهالا حويلي۾ ڄائو۔ شاهه عبداللطيف حبيب شاهه جو پٽ، عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، جمال شاهه جو پڙپوٽو ۽ جمال شاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاه تاڃيءَ پيٽي سيد هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي،اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.چون ٿا ته شاه حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ ڀٽ کان ڇهه ۽ اڏيري لعل کان ٻه ڪوهه پري آهي. چون ٿا ته شاه الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري. شاه صاحب امي (اڻ پڙهيل) هو يا نه تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪنهن جو چوڻ آهي ته هو هڪ يگانو علم هو. ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي.شاه صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. انهن ڪتابن تي ڪنهن به هنڌ ڪجهه به لکيل ناهي جنهن کي شاه جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو عبداللطيف جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنهنجي ڪتاب تحفه الڪرام ۾ لکي ٿو اگرچه عبداللطيف اڻ پڙهيل هو ته به ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. تحفه ڪرام شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنهن سال پوءِ يعني 1786 ۾ لکيل آهي۔ انهي ڪري ڪي عالم ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿا۔ حقيقت ۾ عارفن اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو ّخاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي، جنهن تي ڪجهه ٻين عالمن ڪم ڪيو آهي مگر اهو ڪم انهيء دور جو ٿيل نه آهي جنهن کي اسان سند سمجهون۔ هت سنڌ جي عظيم شاعر جي ڪجهه شاعري پيش ڪجي ٿي۔باقي اگر شاهه صاحب جي شاعري وڊيوز جي صورت ۾ جهجهي مقدار ۾ ٻڌڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔
    http://www.youtube.com/watch?v=G1sxiBidY9w
    http://www.youtube.com/watch?v=vnN5rgbLla4
    http://www.youtube.com/watch?v=58p5rQjbEhU
    http://www.youtube.com/watch?v=ZL1jncppaPI
    http://www.youtube.com/watch?v=m7mDKpimiNE
    http://www.youtube.com/watch?v=zxZp8Q6GNWs
    http://www.youtube.com/watch?v=ywK0Xc8ubZA

    هن صدي جو وڏو شاعر شيخ مبارڪ علي( شيخ اياز )

    شيخ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس 3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر 3 ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين شيخ اياز سنڌ جو بيباڪ ۽ هن صدي جو وڏو شاعر هو سندس شاعري مان ڪجهه شاعري سنڌ جي هڪ سهڻي آواز ماهين هسباڻي جي آوز ۾ پيش ڪجي ٿي۔ .
    http://www.youtube.com/watch?v=EEzvdbRY5bU
    http://www.youtube.com/watch?v=8OrWAWzWAk0
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عّظيم انسان ء عّظيم فقير صفت شاعر​


    ۔احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عّظيم انسان ء عّظيم فقير صفت شاعر هو۔ سندس شاعري هر طبقي ۾ ٻڌي ء پڙهي وڄي ٿي، استاد بنيادي طرح هڪ سونهن پسند شاعر هو مگر کيس سنڌه سان بيحد محبت ء پيار هو، دادو سان ته عشق هو، ۔۔۔۔بقول استاد بخاري۔۔۔ ” پنهنـــــــــــــــــــــ ـجي دل جي نالي،، منهنـــــــــــــــــــــ ــجي دل دادو آهي،، دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي،، ۽سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“،،، استاد بخاري پنهنجي زندگي جي شروعات هڪ پارائمري استاد جي حيثيت سان ڪئي. ۽ آخر تائين استاد جي پيشي سان وابسته رهيا ۽ دادو ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر جا فرائض پورا ڪيائون. ۽ پوء دادو ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ سندس ئي نالي سان رکيو ويو استاد بخاري جي سادگي جو انداز اهيو هو جو بخاري صاحب دادو ڪاليج ڪڏهن پيرين پنڌ، ته ڪڏهن سائيڪل تي. ته ڪڏهن ٽانگي ۾ ايندا هئا. ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا، پوئين سال مون استاد بخاري تي هڪ مضمون۔۔۔ دادو جي دل دادو جو آواز احمد شاه استاد بخاريٌء ۔۔۔ لکيو هو جيڪو پڻ مون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو، جنهن کي منهنجي دوست عاشق سولنگي صاحب پڻ پسند ڪري پنهنجي ذاتي بلاڪ تي لڳايو هو۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو استاد بخاري سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن کي ننٓڍي کان وٺي وڏي تائين ۽ جوان کان وٺي ۽ پيرسن جي عمر تائين ٻڌو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، سنڌ سلامت جا ساٿيو، استاد بخاري جي تصويرن جا البم ڏسڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪريو۔ جنهن ۾ ڏسو استاد بخاري جون تقريبن لڳ ڀڳ 400جي قريب تصويرون۔۔۔ ان کان علاوه هت استاد بخاري جي شاعري کي هڪ سهڻي ۽ وڻندڙ آواز ۾ پڻ پيش ڪيو وڃي ٿو۔
    http://www.youtube.com/watch?v=SIDnDg_CAAk
    http://www.youtube.com/watch?v=Doun3j7r-rE
    http://www.youtube.com/watch?v=vxJzEuAkgT4
    http://www.youtube.com/watch?v=K9w_MgeqZkk
    http://www.youtube.com/watch?v=r3bl4UzcNsU&tracker=False
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس ​


    تاجل بيوس سنڌ جو تمام سهڻو ۽ بيباڪ شاعر هو، سندس سموري شاعري ۾ سنڌ سان پيار ۽ محبت جي خوشبوء پلٽيل آهي، هي سنڌ جو نه وسرندڙ شاهر تاجل بيوس . خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 آڪٽوبر 1938ع ۾ جنم ورتو. جيتوڻيڪ سندس والد مرحوم محمد جعفر نه ڪو امير هو، نه وري ڪو سرندي وارو، پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ جي ٿر، بر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو.سنڌ جي سهڻي شاعر تاجل بيوس صاحب جي ڪجهه شاعري آواز جي صورت ۾ هت پيش ڪجي ٿي،

    http://www.youtube.com/watch?v=SNizO0HkIbo
    http://www.youtube.com/watch?v=EMtBloMaJBk

    ڊڪٽر عبدالڪريم ادل سومرو​


    ڊاڪٽر عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو 15 آگسٽ 1955 تي سکر ۾ پيدا ٿيو.سندس ادبي نالو ادل سومرو آهي پاڻ موجودو دؤر جومشهور شاعر ۽ اديب آهي. ادل سومري جي پي.ايچ ڊي آهي. پاڻ ڪيئي ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ ڪيترائي ايوارڊ ماڻي چڪو آهي۔۔۔ادبي سٿ ۾ شموليت ۔۔۔ 1971ع کانڪرت/ڌنڌو/نوڪري۔۔۔۔۔ يونيورسٽي ٽيچر (چيئر مين سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ ) سرگرميون ۔۔۔۔ لکڻ پڙهڻ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ پسنديده شاعر/اديب ۔۔۔۔۔شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، غالب، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، آغا سليم، امر جليل پسند جو ڪتاب ۔۔۔۔ شاهه جو رسالو پسند جو شعر ۔۔۔۔جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي، اچي اوطاقان مون پرين پري ڪيو. (شاهه) پسنديده صنف ۔۔۔۔۔ وائي، بيت، غزل، آتم ڪهاڻي پنهنجو پهريون شعر ۔۔۔۔۔ ”ماءُ بنا ٻار جو نظم“ هلال پاڪستان 1969ع۔۔۔۔ادل صاحب سنڌي شاعري کانسواء اردو ۾ به بهترين شاعري ڪئي آهي، جيڪي وڊيوز ۾ محفوظ آهي هت سندس شاعري سهڻي آواز ۾ پيش ڪجي ٿي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=7NZ5ClxsO1s&NR=1
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    اميدن جو شاعر امداد حسيني​

    امداد حسيني صاحب پڻ هڪ بهترين سنڌي اديب ۽ شاعر آهي، سيد امداد علي شاه ولد سيد فضل محمد شاه 10 مارچ 1941 تي شهر ٽکڙ ، حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني يا سانول اٿس. پاڻ موجودو دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ باقي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين . امداد حسيني صاحب مسلسل لکندو پيو اچي هن سڀني جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس نظم جديد انداز ۾ آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي سٺن فنڪارن ڳايو آهي۔۔۔امداد حسيني صاحب نه صرف پاڻ هڪ بهترين شاعر ۽ اديب آهن پر سندن وني سحرامداد هڪ پڻ بهترين شاعره سان گڏ هڪ بهترن ليکڪه پڻ آهي، پاڻ شاعري کان علاوه ريسرچ تي پڻ ڪم ڪري چڪيون آهن، پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهن، سحر امداد صاحبه هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ بهترين ماءُ ۽ زال پڻ رهيون آهن، هت محترم امداد حسيني صاحب جي شاعري مان ڪجهه آواز جي صورت ۾ هت پيش ڪجي ٿو۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=kgbaa92a7xw
    http://www.youtube.com/watch?v=htuhTCskK_4

    سحر امداد صاحبه هڪ بهترين ليکڪ ​

    سحر امداد هڪ بهترين شاعره سان گڏ هڪ بهترن ليکڪه پڻ آهي، پاڻ شاعري کان علاوه ريسرچ تي پڻ ڪم ڪري چڪيون آهن، پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهن، سحر امداد صاحبه هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ بهترين ماءُ ۽ زال پڻ رهيون آهن سحر امداد امداد سنڌ جي مشهور شاعر امداد حسيني جي وني آهن، ۽ امداد حسيني صاحب پڻ هڪ بهترين سنڌي اديب ۽ شاعر آهي، امداد صاحب جو ادبي نالو امداد حسيني يا سانول اٿس. پاڻ موجودو دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ باقي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين . امداد حسيني صاحب مسلسل لکندو پيو اچي هن سڀني جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هت امداد حسيني جي وني محترمه سحر امداد جي شاعري پيش ڪجي ٿي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=htuhTCskK_4
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    عوامي شاعر احمد خان مدهوش ​

    عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان احمد چانڊيي ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو. مرحوم مدهوش پونئيرن ۾ 2 پٽ خليل عارف سومرو، شڪيل احمد سومرو ۽ 5 نياڻين حسن بانو، جهان بانو، مهوش، ڪوثر پروين ۽ افشان سوڳوار ڇڏيا آهن. مدهوش تعلقي جوهي شهر جي سومرا محلي جو رهواسي هو. مدهوش سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاري جو همعصر ۽ سندس جيان پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. مدهوش ننڍ پڻ ۾ سُگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جي خاندان سان تعلق هجڻ ڪري ادب سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته ادب سان گڏوگڏ هن پرائمري استاد جي حيثيت ۾ درس ۽ تدريس واري شعبي جي پڻ وڏي خدمت ڪئي احمد خان مدهوش 50 سالن کان وڌيڪ عرصو شاعري ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو هت سندس شاعري مان ڪجهه شعري پيش ڪجي ٿي۔.
    http://www.youtube.com/watch?v=IauPNT5RHww
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    قمر شهباز جي شخصيت ۽ شاعري ​

    قمر شهباز 13 اپريل 1938 ۾ نوابشاهه ۾ ڄائو هن 1962 ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم. اي. انگريزي ڪرڻ کان پوءِ ملازمت اختيار ڪئي ۽ جتان تازو ئي رٽائرڊ ٿيو آهي. قمر شهباز 1954 کان لکڻ شروع ڪيو ۽ هيل تائين کوڙ ساريون ڪهاڻيون مضمون سعر ڪالم ڪالم لکي چڪو آهي. هن وقت تائين سندس ڪتاب چنڊ رهين ٿو ڏور اٺون گهر قمر شهباز جون ڪهاڻيون ضمير جو موت واچوڙن جي لاٽ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ هن جا ريڊيو ۽ ٽيليوزن لاءِ لکيل ناٽڪ براڊ ڪاسٽڪ ٿي چڪا آهن، سندس شاعري مان ڪجهه سٽون هت سنڌ سلامت جي فورم تي پيش ڪجن ٿيون۔
    http://www.youtube.com/watch?v=3OI6zp16i78
    انور پيرزادو هڪ جبل جيڏي شخصيت ​

    سنڌ ڌرتي جت سونهن جا شاعر ۽ عظيم فنڪار پيدا ڪيا آهن اتي بيباڪ ۽ بهادر انسان به پيدا ڪيا آهن، جن هميشه سچ جو ساٽ ڏنو ۽ ڪڏهن به ظالم اڳيان نه جهڪيا۔ عزيتون ۽ تڪليفون ته برداشت ڪيون بلڪه پنهنجو سر به ڪپائي ڇڏيائون پر ڪڏهن هار نه مڃيائون،
    انهن بيباڪ ۽ اڏول انسانن مان سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت محترم جناب انور پيرزادو صاحب پڻ هڪ هو۔ انور پيرزادو صاحب تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ 25 جنوري 1945ع تي اک کولي۔ انور پيرزادي جي بنيادي سڃاڻپ ته هڪ شاعر جي آهي، پر انور پيرزادو نه صرف هڪ شاعر هو پر هو هڪ جيوگرافر ۽ آرڪيولاجسٽ پڻ هو، انور پيرزادي پاڪستان ايئر فورس ۾ به پنهنجا فرائض انجام ڏنا، پر بنگلاديش جي حق ۾ هڪ خط لکڻ جي ڪري انور پيرزادو پاڪستان ايئر فورس مان جيل پهتو، جنهن هن کي بيباڪ صحافي بنٍجڻ تي مجبور ڪيو۔ انور پيرزادي موئن جي دڙي سان بيحد محبت ڪندڙ شخص هو، ۽ هن موئي جي دڙي جي کوٽائي جي ڪم ۾ پڻ حصو ورتو، انور سنڌ سان بيحد محبت ڪندو هو جنهن جو عڪس سندس شاعري مان نظر اچي ٿومگر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سندس شاعري سندس وفات کانپوء منظر عام تي، سنڌ سلامت جا ساٿيو هت سندس شاعري مان ڪجهه شاعري آواز جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿي۔

    http://www.youtube.com/watch?v=XOXrPt4lfHc
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جو ماهر ڊاڪٽر تنوير عباسي​



    سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن 7 ڊسمبر 1934ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو،.سندس وفات 25 نومبر 1999 اسلام آباد ۾ ٿي ۽ سنڌ کان دور اتي ئي دفن ڪيو ويو.تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ سندس شمار سنڌيءَ جي اوچ ڪوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ڇھ 6 مجموعا۔سندس شاعري جو انداز به پنهنجو آهي جنهن جو هڪ منفرد انداز آهي، تنوير صاحب سنڌ جي سرتاج شاعر حضرت شاهه لطيف جي شاعري تي هڪ بهترين ڪتاب شاه لطيف جي شاعري لکيو جنهن ۾ هن شاهه صاحب کي دورِ جديد جي حساب سان متعارف ڪرايو آهي، ۽ سندس اهيو ڪتاب تمام گهڻو مشهور ويو، هت سندس شاعري مان ڪجهه شاعري آواز جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=q0ZH5U8zki0

    عالم ، حافظ ، اديب ، شاعر ، حڪيم محترم نياز همايوني​

    3 جنوري 2003 تي دل جي دؤري پوڻ سبب اسان جو برک شاعر، محقق، يوناني ويڄ، فارسيءَ جو ماهر ۽ ڏاهو نياز همايوني لاڏاڻو ڪري، هڪ اهڙي سفر سٽاڻو، جتان ڪوبه واپس نه وري سگهيو آهي. هو هڪ اعليٰ مزاحمتي شاعر هجڻ سان گڏ، فارسيءَ جو عالم به هو. جنهن جي ترجمي ٿيل ڪتابن ۾ تاريخ جا ٻه ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۽ ”تاريخ طاهري“ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لازوال سرمايو آهن. سندس ٻه شعري مجموعا ”ڌرتيءَ جا گيت“ ۽ ”ساڻيهه جي ساک“ به اسان جي لائبريرين جي سونهن بڻيل آهن۔۔۔نياز همايوني، اسان جي دور جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جي صلاحيتن ۽ ادبي خدمتن ۽ فن بابت ڪا سير حاصل ۽ جامع لکڻي اڃا تائين نظر نه آئي آهي. سواءِ ماضيءَ ۾ تاج بلوچ جي سوجهرو لاءِ ورتل انٽرويوءَ جي، جيڪو مهتاب (چنه) راشديءَ جي نالي ۾ شايع ٿيو يا ذوالفقار راشديءَ جي لکڻيءَ يا مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ گرامي صاحب جي مختصر راءِ جي. ان جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته نياز جي شاعري ۽ فن تي لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. هت سندس شاعري مان ڪجهه سٽون آواز جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿيون

    http://www.youtube.com/watch?v=2P8vcPaO5_w
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ ادارو ۽ تحريڪ آهي، ​

    تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ ادارو ۽ تحريڪ آهي، جنهن نه رڳو هر پيڙهي جي آبياري ۽ سربراهي ڪئي آهي، پر ادب جي اجري آئيندي لاءِ پڻ جاکوڙيو آهي، هو هڪ منفرد لهجي ۽ ڊڪشن جو شاعر آهي، سندس فن انوکو ۽ اڻڇهيل آهي، سندس شعرن ۾ هڪ فڪر سمايل آهي، هو نه رڳو روماني لهجي جو شاعر آهي پر سندس شاعري ۾ مزاحمت ڳوڙهي ڳڻتي ۽ همت لاءِ اتساه پڻ موجود آهي. جنهن کي جيڪڏهن مغربي شاعري جي گهرجن تي پرکيو وڃي ته سندس شاعري هڪ وڏو مقام ماڻي سگهي ٿي. سنڌي شاعري جي پارکو لطيف نوناريءَ تاج بلوچ جي نظمن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ اچڻ کانپوءِ مغربي ويس ۾ مشرقي شاعري پنهنجا جلوا ۽ جوت ڏيکاريندي، هت سندس شاعري مان ڪجهه شاعري پيش ڪجي ٿي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=4RdjwXXTykg
    نارائڻ شام سنڌي جو هڪ بهترين محب وطن شاعر​

    نارائڻ شام سنڌي جو هڪ بهترين محب وطن شاعر هو، سندس شاعري ۾ هڪ عجيب رنگ سمايل آهي، سندس شاعري ۾ اميدن جو سوز سمايل آهي، نارائڻ شام کي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به تمام گهڻو ساراهيو آهي ۽ سندس ذڪر پنهنجي ڪتاب ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر ۾ پڻ ڪيو آهي، مگر وقت جي بي رحم چئجي جو هن ورهاڱي اسان کان هئڙو عظيم شاعر جسماني طرح الڳ ڪري ڇڏيو، هت سندس شاعري مان ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون۔
    http://www.youtube.com/watch?v=HnN0VVRXZNs
    http://www.youtube.com/watch?v=oz2fl4OFm-0
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    واه ۔۔۔
    يار ممتاز!

    اوهانجي هن ليک ڏسڻ کانپوءِ وات مان واه واه جو لفظ ور ور ڪري نڪرندو رهيو آهي ۔۔۔

    جامع، معلوماتي ۽ ڪارائتي ونڊ تي اوهانجي نرڙ تي جيتريون پپيون ڏجن اوتريون گهٽ آهن ۔۔۔

    لفظن ۾ هن ليک جو احاطو ڪرڻ مشڪل آهي ۔۔۔ سنڌي ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ تي هڪ مڪمل ليک آهي ۔۔۔ سنڌي ادب جو پياسو جڏهن اوهانجي هن ليک کان گذرندو ته سندس سڄي تاس ختم ٿي ويندي ۔۔۔

    هميشه کان وڌيڪ مڪمل ۽ مانائتي ليک ونڊ ڪرڻ تي واڌايون قبول پون ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    ادا اسلام عيڪم توهان پنهنجي بهترين ليک مان اسان کي مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي ۔هن توهانجي ليک کي جيترا دفعا پڙهجي ٿو ته هر دفعي نئين ڳاله عالم آشڪار ٿي ٿئي۔ڏاڍي محنت سان لکيل هڪ آرٽيڪل آهي۔جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي ۔بس ايترو چواندسين ڪيپ آٽ اپ۔​
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    سائين ابڙا صاحب توهان جون اهي محبتون ۽ مهربانيون آهن جو توهان هن ناچيز جي هر تحرير تي پنهنجي محبت واري نظر رکيو پيا اچو، جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، سائين مون کي پسند ڪرڻ ۽ ان جي مٿان وري پنهنجا قيمتي انمول جامع ڪمينٽس ڏيڻ لاء به مان توهان جو هميشه وانگر ٿورائتو آهيان، سنڌي ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ ( مگر شاعري به شاعري هجي، جنهن ۾ ڪو درس هجي ڪو علم ۽ دانائي هجي، ڪو جدوجهد جو رستو ڏيکاريل هجي، جنهن ۾ ڪو اونهو فڪر سمايل هجي نه ڪي صرف لفظ سان لفظ ملائي شاعري ڪيل هجي، جنهن ۾ نه ڪو قائدو هجي نه ڪي بحر وزن ۽ شاعري جا اصول هجن، اهڙي شاعري کان ماڻهون ائين ڀلو آهي، ) ، شخصيات تي سوانح ۽ آتم ڪهاڻي ته منهنجي پسند جا مضمون ۽ عنوان آهن، جنهن تي ڪم ڪرڻ ۾ مون کي هڪ سڪون ملندو آهي ۽ مان جڏهن ٿڪبو آهيان ته پنهنجي پسند جو ڪم ڪرڻ لڳندو آهيان ۽ يقين ڪريو ته منهنجو اهو ٿڪ خبر ناهي ڪيئن ختم ٿئي ويندو آهي۔ سائين بس دعائن ۾ هميشه وانگر ياد رکندا ايندا۔ مهرباني
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    ادا غلام مصطفه ميمڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پسند ڪيو۔ ادا بس توهان ڀائرن جون مهربانيون آهن جو اهي سٺي موٽ ڏيندا رهو ٿا، ورنه هن بندي ۾ ته ڪا ڳالهه اهڙي ڪونهي،
     
  14. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    ادا اوھان اھو تاريخي ڪم ڪيو آھي ۽اميد ته اھو سلسلو جاري رھندو۔
    اوھان کي لک مبارڪان ھجن ۔
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    ادا عبدالڪريم چانڊيو صاحب توهان جون مهربانيون جو توهان هن منهنجي ننڍي ڪوشش کي پسند ڪيو،
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز

    ادا تمام بهترين ليک آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو