ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز
تاليف، تصنيف، ۽ ترتيب۔۔ ممتاز علي وگهيو(لطيفي )
سنڌي ادب جي شروعات ۽ ارتقاء بابت عالمن ۾ ڪجهه اختلاف آهن. ڪجهه عالمن جي اها راءِ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات عربن جي دؤر ۾ ٿي، پر ڪجهه عالمن جو اهو چوڻ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جي دؤر ۾ ٿي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔"اره بره ڪنڪره، ڪرڪري مندرا"۔۔۔۔۔يا ڪن روايتن موجب اهو جملو هيئن آهي؛۔۔۔۔۔۔۔"اره اصره ڪڪرا. ڪي ڪره مندره"۔۔۔هن جملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيى بن برمڪيءَ جي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهي جملي جي معنى هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. "جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي".هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن افريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيو هيو.بحر حال جيڪڌهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏهن هن دؤر کي "سنڌي ادب جو دؤر" نٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دؤر" به سڏيو وڃي ٿو.۔۔۔۔۔ادب“ کي بنيادي طرح ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:۔۔1. نثري حصو ۔۔۔2. نظمي حصو . نثري حصووارو ادب:۔۔۔۔۔۔ نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جنهن ۾ نه رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن سورويرتا ۽ شجاعت، همت ۽همدردي جا مثال ملن ٿا، اهي نه رڳو ريجهه، رهاڻ ۽ واندڪائي جي وندر جو سُهائيندڙ سامان آهي پر پس پرده سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق شامل آهن. 2. نظمي حصووارو ادب:۔۔۔۔ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري اچي وڃي ٿي جهڙوڪ: پرولي، ڳجهارت، پهاڪا، هنر، دُراهو، ڏور، ست سُرا، ڏَهَسنامو، سِنگار، ڇلڙو، مورو، ٻيلڻ، مانجهيئڙو، هو جمالو، وائي-ڪافي ۽ جهُولڻا، لولي ، ڪوڏاڻا ۽ لوڪ گيت، غزل، َآزاد نظم، بيت، وغيره پڻ اچي وڃن ٿا.سنڌي شاعري۔۔۔۔۔۔۔سنڌي شاعري درد جي لهجي جي خاص گهاڙيٽي ۾ لکي وڃڻ سبب اهڙو اثر رکي ٿي جو راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جهڙا ڪردار پيدا ٿي پون ٿا، جيڪي سر گهورن ۽ سر وٺن ٿا. هتي سر ته ان سينگاريل سکيءَ تان به گهوريا وڃن ٿا، سنڌي شاعري ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ جيئن جماليات آهي اهڙي ريت اسان جي سنڌ جي تقريبن شاعرن ۾ پڻ جمالياتي عنصر جهجي انداز ۾موجود نظر اچن ٿا. ۽ شاعري ۾ شاعر پنهنجي پنهنجي انداز ۾ محبوب کي مخاطف ٿئي ڪري ان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي حسن جي تعريف ڪئي آهي جئين سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح صاحب پنهنجي شاعري ۾ حسن ۽ جمال جو ذڪر ڪيو آهي اهڙو مثال ته اسان کي سنڌي شاعري ۾ ملڻمشڪل آهي ۽ اهيو ڪمال ته صرف شاهه صاحب جي شاعريء ۾ ئي آهي اچو ته سندس شاعري ۾ حسن جمال جو ٿيل ذڪر ڏسون۔۔ شاهه صاحب فرمائن ٿا ته ۔۔۔چوڏهين چنڊ تون اڀرين سهسين ڪرين سينگار،،،،،پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلا ڪرين هزار،،،،،،جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.،،،،،چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان نه پرينءَ سين،،،،،،تون اَڇو منجهه رات، منهنجو سڄڻ سدائين سوجهرو،،،،،اونداهين اڌ رات ۾ پرينءَ پسايو پاڻ،،،،،،چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاو ۾،،،،،،،،، نو نير، ڏهه ڏانوڻ، پندرنهن پيند پياس،،،،،بگهاڙيون بغلن ۾ لکين لوه لڳياس،،،،،،جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنايس هڪڙي ،،،،،هن تاري هن هيٺ، هُت منهنجا سپرين،،،،،،سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين،،،، سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر شيخ اياز رح صاحب پنهنجي محبوب لاء ڪيڏا نه خوبصورت الفاظ استعمال ڪيا آهن۔۔۔(اها جنهن جا نهٺا نيڻ ائين هئا، جيئن رڻ ۾ رات ٺرندي آهي.۔۔۔۔۔ اها جنهن جي وارن جي پناهن ۾ اسان کي ريتي ۾ رلندي ڇانوَ ملندي آهي،۔۔۔۔ اها جنهن جي نڪ جي سوني ڦلي ايئن هوندي هئي، ڄڻ ته ڪو تارو چنڊ سان چيڪيل هو۔۔۔۔ ۽ اها جنهن جو عشق اسان وٽ آرائين جيئن جهول ڀري ايندو هو، ته اسان بيوس ٿي پوندا هئاسين،،) وغيره وغيره،۔۔۔۔ جهڙي ريت نثر جو پنهنجوهڪ حسن آهي ۽ لطف آهي اهڙي طرح وري شاعري جو لطف به پنهنجوهڪ منفرد حسن، ۽ من کي موهيندڙ سرن سان ڀريل هڪ بيمثال لطف آهي، ۽ مون ڏٓٺو آهي ته دنيا جي مڙني ادبن ۾ نثر کان وڌيڪ شاعري لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، ۽ نثر جي بنسبت شاعري ماڻهن جي دلين تي وڌيڪ اثر ڪري ٿي، سنڌ سلامت جا ساٿيو، هت مون پڻ توهان لاء سنڌ جي مختلف شاعري جي مختصر تعارف سان گڏ انهن جي شاعري اها به خوبصورت آوازن ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، اميد ته منهنجي هي ننڍڙي ڪوشش به پسند ايندي۔