• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نقشو ڏسو

جواب: نقشو ڏسو

ادا مون کي نقشو ڳولھڻ نه آيو، خير ڪا ڳڻتي جي ڳالھ نه آھي نيٺ ته سکي وٺندس۔ ڳوٺ وارن وري ڪھڙيون چڱايون ڪيون آھن جو ويھي ڳوليان۔جڏھن 20 سالن جو ڳڀرو جوان ھيس ته لوڌي ڳوٺ مان ڪڍيائون۔ وري سار نه لڌائون ته ڪھڙي حال ۾ پيو زندگي گذاريان۔

ڳوٺ وارن سان ميار کين ڏسڻ لاءِ به تيار ناهيو باقي وڃي اڌ اڌ ڪلو مکڻ جي چاڻي سان ناشتا ڪري اچي فُل ري چارج ٿي هتي آزاد قوم لاءِ ويل ڪيو ٿا؟

اهو سڀ صحيح آهي؟ سليمان وساڻ


پر مون پنهنجو رڳو ڳوٺ ئي نه پر گهر پڻ ڏسي ورتو۔۔۔

654rjd.png

سائين مهرباني
پر منهنجو ڳوٺ ڪون ٿو ملي لڳي ٿو سيلاب ۾ اهو به گم ٿي ويو آهي

سائين نثارابڙو ته نقشي واري سائيٽ ونڊ ڪئي ۔۔۔ هاڻي اها توهان جي قابليت آهي نه ته پنهنجو ڳوٺ ڏسو۔۔۔۔ ۽ جيئن ته مون کي تنهنجي قابليت جي خبر آهي ان ڪري رڳو تنهنجي ڳوٺ کي ئي نه پر تنهنجي گهر جو به نقشو ڳولي ورتم۔۔۔۔

6olm4i.png

ذيشان رشيد سڀني جا دروازا نظر اچن پيا!
 
بلي بلي ! اسان کان ته ڪو نه ٿو لڀي ،باقي آمريڪا وارو ڊرون ته الائي جي ڪهڙا ،ڪهڙا هنڌ ٿو ڳولهي لهي ،ان جون ڪي خدمتون حاصل ڪريان پرقمبر واري سردارن ڳوٌننٌٌٌٌ جا ته رستائي ڊاهي ڇڏيا آهن ، تنهن ڪري ڪو به ڊرون منهنجي اصلي ماڳ کي ڳولهي نه سگهندو ۔
 
ادا او مٺا او سائين هي سڀيئي دوست پنهنجا پنهنجا ماڳ گهمي ويا ، پر يارو مون وارو 5000 هزار سال پراڻو ، لاڙڪاڻو ساهـ سيباڻو جو مورڳو نقشي ۾ ئي نالو ڪونهي ڇو ؟؟؟ ڪهڙي خطا ٿي اسان کان ؟
 
گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ڏٺم 1972 کان 1977 تائين جي زندگيءَ جا ڪيئي قصا ڪهاڻيون ننڍڙيون شرارتون جهڳڙا هڪٻئي سان رُساما استادن جو پيار استادن جون مارون ۽ رانديون ڇا ڇا ته ياد ڪرايو اٿوَ ، نثار ڀائو الله سائين اوهان کي اجر ڏيندو۔
 
C:\Documents and Settings\ABDULSABOOR QADRI\My Documents\Downloads\Compressed
نثار ابڙو صاحب زبردست ڪم ڪيو اٿَوَ ۔ مان پنهنجو ڳوٺ گھميس ۽ ڦوٽو محفوظ پڻ ڪيم ۔ مونکي توهان جي ويبسائٽ ڏاڍي سُٺي لڳي ، هن سائٽ جي جيتري به تعريف ڪجي اوتري گھٽ ٿيندي ۔
 
ڇا اوهان پنهنجي ڳوٺ، ڳلي ۽ شهر جو نقشو ڏسڻ چاهيو ٿا ۔۔۔ ته پوءِ اچو ته آءُ اوهانکي گهمايان ۔۔۔ هيٺ ڪلڪ ڪريو ۽ ڳوٺ کي ڳولهي وٺو ۔۔۔
نوٽ؛ سائيٽ کلڻ کانپوءِ هيٺ سنڌ جي ضلعن جي فهرست آهي پنهنجي ضلعي تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڳوٺ تائين پهچو ۔۔

ڪارائتو ونڊ_قرب
 
Back
Top