ڇا اوهان پنهنجي ڳوٺ، ڳلي ۽ شهر جو نقشو ڏسڻ چاهيو ٿا ۔۔۔ ته پوءِ اچو ته آءُ اوهانکي گهمايان ۔۔۔ هيٺ ڪلڪ ڪريو ۽ ڳوٺ کي ڳولهي وٺو ۔۔۔ نوٽ؛ سائيٽ کلڻ کانپوءِ هيٺ سنڌ جي ضلعن جي فهرست آهي پنهنجي ضلعي تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڳوٺ تائين پهچو ۔۔ سنڌ گهمو
جواب: نقشو ڏسو ادا مون کي نقشو ڳولھڻ نه آيو، خير ڪا ڳڻتي جي ڳالھ نه آھي نيٺ ته سکي وٺندس۔ ڳوٺ وارن وري ڪھڙيون چڱايون ڪيون آھن جو ويھي ڳوليان۔جڏھن 20 سالن جو ڳڀرو جوان ھيس ته لوڌي ڳوٺ مان ڪڍيائون۔ وري سار نه لڌائون ته ڪھڙي حال ۾ پيو زندگي گذاريان۔
جواب: نقشو ڏسو سائين عبدالڪريم صاحب اوهان هاڻي سچل ڳوٺ جا آهيو ، ان جو نقشو مان اوهان کي سڀاڻي ڏيکاريندس۔ خير آ دليون جوان آهن اوهان جهونا آهيو ته ڇا هي پر اسان جا رهنما آهيو۔
جواب: نقشو ڏسو سائين نثار مهرباني مونکي ڳولڻ باوجود سچل ڳوٺ ڪونه مليو۔ شايد مارڪ ٿيل ناهي يا مان ڏسڻ ۾ غلطي ٿو ڪيان۔ باقي واقعي هي هڪ قيمتي سائيٽ آهي
ادا مون ڪجه ڏينهن پهرين هڪڙي شيرئنگ ڪئي هئي ان مان اهو مراد هو ته جتي سنڌ گڏجي ٿي اتي هميشه ميرپورخاص کي وساريو وڃي ٿو ان مان هن نقشي جي ضلعن مان اندازو لڳائي سگهو ٿا۔۔۔۔ ان ۾ ميرپوخاص لڀي ئي ڪون ٿو۔۔
هفتو اڳ ڳوٺان گهمي آيا آهيون رونبا هلي رهيا هئا ابول ڏاڍي گرمي هئي، وري ڪير گهمندو وري ڪي لابارا لهن ته پو گهمندا سين۔
پر مون پنهنجو رڳو ڳوٺ ئي نه پر گهر پڻ ڏسي ورتو۔۔۔ سائين نثارابڙو ته نقشي واري سائيٽ ونڊ ڪئي ۔۔۔ هاڻي اها توهان جي قابليت آهي نه ته پنهنجو ڳوٺ ڏسو۔۔۔۔ ۽ جيئن ته مون کي تنهنجي قابليت جي خبر آهي ان ڪري رڳو تنهنجي ڳوٺ کي ئي نه پر تنهنجي گهر جو به نقشو ڳولي ورتم۔۔۔۔
سائين نثارابڙو رشيد ته پنهنجو گهر به درست نه پيو ٻڌائي جڏهن ته مونکي هن جي گهر جي چڱيء طرح خبر باقي هن ذيشان رشيد جيڪو منهجو گهر ڏسيو آهي اهو ته نه آهي هي الائي ڪهن جو گهر مونکي ٿو ڏئي
واهه سائين نثار صاحب واهه توهان جي شامل ڪيل ونڊ تمام سٺي آهي پر ڪجهه اهڙيون جڳايون آهن جيڪي نقشي ۾ نظر نه ٿيون نڪرن جئين هيٺ ڏنل سڀ شهر آهن پر ان ۾ ٽنڊوالهيار نه ٿو نڪري صحيح ان کي ڪڍڻ جو ڪو حل ته ٻڌايو۔
شايد گوگل ارٿ وارن کي به ميرپورخاص سان خدا ڪارڻ وير آهي۔ ظالم ڪٿي جا! سائيم ڪا زڪوات ، صدقو ڪڍو ته اکين اھيا ڪچرو صاف ٿي نڪري اچي ۽ لڪيل ميرپور خاص سامهون اچي ويندو، گوگل ارٿ جي ڪهڙي مجال!
رضوان علياڻي بدران مون صدقو ۽ زڪوات ڏئي ڇڏي ۽ گوگل ارٿ اکين جا پڙدا لاهي صاف ڪري ميرپور خاص کي نروار ڪري ڇڏيو )توهان لا اهن خبر) هاڻ افتار پارٽي توهان تي ڊيو ٿي بلا ڇڏيو چانهه جي ڪپ تي شمشير حيدري جي تعزيت تي ميڙاڪو ڪريو پنهنجي گهٽي ۾ ته سائي هي آهي اوهانجو ميرپور خاص پن جي نساني سان، پڪڙي وٺوس متان وري ڇڏائي ڀڄي نه وڃي۔ 585 اٽيچمينٽ ڏسو
ڪوبه ڳوٺ، شهر، عمارت، ندي، دريا، روڊ لکي سرچ ڪلڪ ڪريو انشالله من جون مُرادون پوريون ٿي وينديون۔ جهڙوڪ (ٽنڊو الهه يار، سنڌ، پاڪستان) 586 اٽيچمينٽ ڏسو