آرزو
سينيئر رڪن
ميلا پوري دنيا ۾ مشهور آهن، ۽ ميلن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو لطف اندوز ٿيندا آهن، ميلاپاڪستان ۽ هندسان سميت پوري دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٿيندا آهن، ڪٿي ڪنهن فيسٽوئل جي صورت ۾ ته ڪٿي پيرن جي عرس جي صورت ۾، ميلن ۾ ڀائر ڀينرن لاچوڙيون به خريد ڪرڻ ايندا آهن ته مڙس پنهنجي ونين لاڪنگڻ به وٺڻ ايندا آهن، ۽ محبوب پنهنجي معشوقن جي لا سوکڙيون پسند ڪندا آهن، سڄو ڏينهن ٻنيِ ۾ ڪم ڪندڙ هاري به پنهنجو ٿڪ لاهڻ لا ميل ۾ اچي تفريح ڪندا آهن، دوست دوست پاڻ ۾ ٽولا ٺاهي پهچندا آهن ته ڳوٺ وارا بسن جو ٻيڻو ڪرايو ڀري ڪري ميلي ۾ گهمڻ ايندا آهن۔
مطلب ته ميلي جا شوقين ميلا لڳڻ جو انتظار ڪندا آهن ۽ پو ميلي ۾ ميلو مچائيندا آهن،
بد قسمتي سان منهنجو به چند ڏينهن اڳ لڳل ميلو جيڪو لکي غلام شاهه ويجهو وزيرآباد ۾ وڃڻ ٿيو، جتي ميلو ته گهٽ نظر آيو پر فحاشي ۽ بي حيائي حد کان به وڌيڪ نظر آئي، پوري ميلي ۾ سگريٽن ۽ نشي آور سوپارين جا وڌ کان وڌ اسٽال لڳل هئا، ميلو گهمڻ کان پو منهنجو وڃڻ عورتن واري سيشن ۾ ٿيو، جتي ناچڻين کي حد کان ڪريل ڪپڙا پاتل هئا، اٽڪل ٻه ديجن کن عورتون فحاش ميوزڪ تي فحاش ڊانس ڪري رهيون هيون، ۽ جڏهن ان حال ۾ ويٺل ماڻهن تي منهنجي نظر پئي ته سائين سچ پڇو منهنجي پيرن هيٺان زمين ڌڏندي محسوس ٿي، ان حال ۾ ويٺل پنهنجي تر جي وڏيرن سميت سنڌ جو ناميارون شخصيتون ويٺل هئون، جنهن ۾ سياستدان، ڪاروباري، ٺيڪيدار ۽ بالا آفيسرن معزز ماڻهن سميت ڪٻاڙي مزدور ۽ مختلف ظبقي ۽ مختلف قومن جا ماڻهو ويٺل هئا، جيڪي انهن ناچڻين مٿان پنج رپين جي نوٽن کان وٺي پنج هزار جي نوٽن تائين گهور ڪري رهيا هئا، مهنجي اندازي متابق هڪ ڪلاڪ ۾ ٻه لک روپن جي گهور نشي ۾ ڌت معزز ماڻهو ڪري رهيا هئا۔ اسان جي سنڌ مٿان ڏکي کان ڏکيو دور گزري رهيو آهي ماڻهن وٽ ٻه وقت ماني جيترا وسيلا نه آهن،
بيروزگاري جي شرح ڪٿان کان ڪاٿي پهتي آهي،ڪرپشن ۽ ڏوهن جو عروج هلي رهيو آهي، اتي اسان جا سنڌي پنجاپين بيغيرتن جي ناچڻين جي مٿان ڪروڙين رپين جي برسات ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال ۾ اهي پئسه متاسرن تي خرچ ٿين ها ته ڇا اسان ڪو ڏکيو ڏينهن ڏسون ها؟؟؟ مان سمجهان ٿو ته هرگز نه،
چيو ويندو آ ته ميلا سنڌ جي ثقافت آهن، ته ڪو آهي ٻڌائڻ وارو ته ڇا سنڌ جي ثقافت اها آهي ته ناچڻين جي مٿان ڪروڙين رپين جي برسات ڪئي وڃي فحاشي کي عام ڪيو وڃي، نئين نسل کي اها راح ڏيکاري وڃي،
الله اسان کي سڌي راح تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين۔۔۔
اوهان لا۽ پيش آهن موبائيل تان ورتل ڪجهه تصويرون۔۔۔۔۔۔۔
>
هڪ معزز ماڻهو جو هڪ ناچڻي جي اڳيان جهڪڻ جو انداز۔۔۔۔۔۔۔