• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لا سنڌي ميڊيا تي پنهنجا فني جوهر ڏيکارڻ جو موقعو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌ جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لا سنڌي ميڊيا تي پنهنجا فني جوهر ڏيکارڻ جو هڪ نادر موقعو يونيورسٽين ۾ ئي۔
ڊراما ڊائريڪٽ ڪري پيش ڪرڻ وارو هڪ مهان ۽ قابل احترام ۽ قابل عزت پروڊيوسر ۽ ڪلاس ون ڊائريڪٽر مُحترم "علي اڪبر پٺاڻ" سنڌي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گهر ويٺي عزت، ابرو ۽ احترام سان پنهنجي اندر ۾ لڪيل فن جي صلاحيتن کي اُڀارڻ جو موقعو ڏيڻ چاهي ٿو۔

هن اهڙن تمام سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سنڌي ميڊيا "ساليوُوڊ" ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد سنڌ جي توسط سان يونيورسٽين جي ئي ماحول ۾ پنهنجي نئين پروجيڪٽ هڪ سنڌي سوپ ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي اهي۔

هي سوين قسطن تي مُشتمل سنڌي سوپ ڊرامون، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ئي رڪارڊ ٿيندو ۽ هن جا مُڪمل سڀئي ڪردار يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد ئي هوندا ۽ هي سوپ ڊرامون ،سنڌ جي پهرئين سئٽيلائيٽ چينل "ڪي۔ ٽي۔ اين" تان آن ايئر ٿيند و جنهن کي يونيورشٽين جي ماحول تي ۽ ۾ ئي رڪارڊ ٿيندو۽ ڪبو۔ هن جي رڪارڊنگ جلد مُڪمل ڪري ڪي ٽي اين تان آن ايئر ڪئي ويندي ۔ يونيورشٽين جا اُهي تمام سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي ميڊيا ٽيڪنڪس ۽ ميڊيا مئنيجمينٽ سکڻ چاهين ٿا ۽ مُستقبل ۾ انٽرٽينمينٽ ميڊيا وسيلي (ڪي۔ ٽي ۔اين) جي هن سوپ سيريل ۾ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جيترو جلد مُمڪن ٿي سگهي ، آڊيشن، اسڪرين ٽيسٽ، ۽ ڪردارن جي ورهاست لا ڊرامي جي مهان ڊائريڪٽر " علي اڪبر پٺاڻ" سان رابطي ۾ اچن، ۽ ٽيلفون يا ايس ايم ايس ڪن يا اي ميل ڏين يا فيس بوڪ تي رابطو ڪن۔ رابطا هيٺ ڏجن ٿا۔ ياد رکو توهانجي شوق ۽ مُستقبل جي تڪميل لا هي گهر ويٺي آڇ آهي فائدو وٺو۔

رابطا هيٺ ڏجن ٿا۔
سيل نمبر آهي 0322 -6666691
فيس بوڪ تي : http://www.facebook.com/profile.php?id=100000743821306
aliakbar.pathan@yahoo.com
اچو ته هنن ميڊيا انٽرٽينمينٽ سرگرمين ۾ حصو وٺي سنڌي ميڊيا ۾ هڪ سُٺي ۽ پڙهيل لکيل اعلي تعليم يافته ماڻهن لا بهترين ماحول جي شُروع ڪرڻ جي ابتدا ڪريون، جيڪو مُستقبل ۾ اوهان جي روزگار جو حصو به بڻجي سگهي ٿو ۽ اخلاقي پُستين کان ڪريل ماڻهن جي حوصلا شڪني ڪري هُنن کي به هن فيلڊ ۾ صحيح دڳ ڏئي سڌي رستي تي آڻيون ۽ سنڌي تهذيب، ڪلچر ، ماحول کي ميڊيا وسيلي وڌندڙ گندگي کان پاڪ صاف ڪريون اهو اسان سڀني جو قومي ۽ اخلاقي فرض به آهي، تنقيد برا تنقيد نه ڪريو پر ماحول ۾ گهُسي گندگي جي روڪ ڪري هُن ماحول کي سُٺو بڻايون اه تڏنهن ئي مُمڪن ٿيندو جو پڙهيل تبقو ٽولن جا ٽولا ٿي ميڊيا ۾ گهُسندو ۽ بُراين کي سُٺن ڊرامن، اسڪرپٽ ۽ ماحول سان فلٽر ڪندو۔
 
جواب: يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لا سنڌي ميڊيا تي پنهنجا فني جوهر ڏيکارڻ جو مو

سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب مهرباني

تمام بهترين ڪاوش آهي جنهن کي جيترن دوستن تائين پهچائجي ته بهتر آهي۔ پٺاڻ صاحب جي هنن ڪاوشن تي کيس سلام، اميد ته گهڻي کان گهڻا سنڌي نوجوان ڀائر ۽ ڀينرون هن سوپ سيريل ۾ حصو وٺنديون۔

اوهان جي اهڙين صحتمند سرگرمين تي اوهان جس لهڻو
 
Back
Top