شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]اچو ته رب جا شڪرَ ادا ڪريون ۽ زندگي آسان ڪريون؛
    **************************************
    * گهر ۾ رات جو ڪيل پارٽيءِ سبب گند ٿيو پيو آهي.
    مقصد ته اوهان وٽ خوشيون آهن ... الحمد الله

    * ٽيڪس ادا ڪرڻو آهي.
    مقصد ته اوهان جو روزگار هلندڙ آهي ... الحمد الله

    * ڪپڙا سوڙها ٿيندا وڃن.
    مقصد اوهان جي صحت بهتر آهي ... الحمد الله

    * گهر جي باغ جي ڇٻر وڌي وئي آهي، دريون صاف ڪرڻ واريون آهن ۽ خراب ناليون ٺهرائڻيون آهن ...
    مقصد اوهان وٽ گهر آهي ... الحمد الله

    * ماڻهون حڪومت جي خلاف شڪايتون ڪندا ٿا وتن
    مقصد، ملڪ ۾ ڳالهائڻ جي آزادي آهي ... الحمد الله

    * بجليءَ جو بل تمام گهڻو آيو آهي؟
    مقصد اوهان وٽ سهولتون آهن ... الحمد الله

    * کٽيءَ جو خرچ وڌي ويو آهي. ڪپڙن جي صفائي ۽ استري مهانگي ٿي وئي آهي
    مقصد اوهان وٽ ڪپڙا آهن پائڻ لاءِ ... الحمد الله

    * صبح جو وڄندڙ گهڙيال کي بند ڪرڻو پيو آهي؟
    مقصد اوهان جيئرا آهيو ... الحمد الله

    * روزانه تمام گهڻيون ميل ۽ فون تي نياپا ٿا اچن؟
    مقصد اوهان جي دوستن جي تعداد خاصو آهي ... الحمد الله

    * مٿان ٿلهي ڪمبل وجهي سمهڻ کانپوءِ به گهڙيال جي گهنٽي اٿاري ٿي ڇڏي؟
    مقصد اوهان وٽ ٻڌڻ جي صلاحيت بهتر آهي، جڏهن ڪيترا ماڻهون ٻڌي نٿا سگهن ... الحمد الله

    * صبح جو اٿڻ سان سج جي روشني اکين کي وٺي ٿي ؟
    مقصد اوهان جون اکيون ڪم ڪن ٿيون، جڏهن ته هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهون ڏسي نٿا سگهن ... الحمد الله

    * پنهنجي آرامده بستري مان اٿڻ تي تڪليف ٿئي ٿي ...
    مقصد اوهان کي اٿڻ جي سگهه آهي جڏهن ته ڪيترا ماڻهون بستري تان اٿڻ جهڙا به ناهن ... الحمد الله

    * ناشتي جي وقت ايتروکاڌو ناهي هوندو جيترو رسالن ۽ فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو آهي.
    مقصد کاڌو موجود آهي، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن کي ڪجهه کائڻ لاءِ به ناهي ملندو ... الحمد الله

    * ڪم تي وڃڻ جا اوقات ڪار بي ڍنگا ۽ بي ترتيب آهن.
    مقصد نوڪري لڳل آهي، جڏهن ته ڪيترا ماڻهون نوڪريءَ کان بنا هلي رهيا آهن … الحمد الله

    * قسمت خراب آهي، پئسي ڏوڪڙ ۾ ڪمي آهي، گهر ۾ پريشاني آهي، دوستيءَ ۾ بي چيني آهي،
    پر الله جا شڪر آهن ته آءُ حيات آهيان، انهن سڀني مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ ... الحمد الله

    *********************
    حاصل مطلب؛
    مٿي ڏنل ٽوٽڪن جو مقصد اهو ناهي ته اوهين هر حال ۾ خوش ٿي هٿ پير هڻڻ ڇڏي ڏيو، ۽ ڪمبل مٿان وجهي سمهي رهو ... نه بلڪل نه مٿئين ٽوٽڪن جو مقصد آهي ته اوهان انهن حالتن کان دلشڪسته نه ٿيو، شڪايتون نه ڪريو ... بلڪ الله جو شڪر ادا ڪندي، پنهنجن مسئلن کي خوش اصلوبيءَ سان حل ڪريو ۽ ڪامياب ۽ ڪامران زندگي گهاريو ...

    جيڪو ماڻهون ڪِرڻَ کان پوءِ اٿي کڙو ٿيندو آهي، انکي ڪريل نه چئبو آهي، پر جيڪو ماڻهون ڪِرڻ کان پوءِ اٿڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو انکي ڪريل چئبو آهي ...

    اسين سڀ جيڪڏهن هر حال ۾ الله جا شڪر گذار ٿي وڃون ته رب اسانجي هر مشڪل کي آسان ڪري ڇڏيندو آهي .... اهو ئي رب عظيم جو ڪلام آهي ۽ پيغمبرن جو پيغام ...
    [/justify]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،


    الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ، الحمدلله ،

    سائين هي ته رڳو سو دفعه آهي پر جيترو به شڪر ڪجي سو گهٽ آهي ، الله تعالى اوهان جو اهو سعيو قبول فرما
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    شڪر الحمد لله ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رب پاڪ جا ڪرم آهن

    سائين نثار تمام سهڻو ليک جنهن جي ڇا تعريف ڪجي۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان سڀني کي ڏنل نعمتن جو شڪر گذار رهڻ جي توفيق ڏي ۽ خوش رکي۔۔۔آمين


    ستر ڪر ستار! آئون اگهاڙي آهيان
    ڍڪئين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    بيشڪ الله پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آهن
    سائين نثار صاحب توهانجون سڀ ڳالهيون سچيون آهن
    ڪجهه سٽون استاد پيرل قمبر جون ذهن تي تري آيون آهن

    الله ته اهڙو ڏيندڙ آ نه ڪي دان کٽي نه ڪي نان کٽي
    سو‌ سال حياتي انسان جي پر ان جو نه ٿو احسان کٽي


    سدائين گڏ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    دوستو! لک ٿورا ليک پسند ڪرڻ جا ۔۔۔

    بيشڪ رب العالمين ڏاتار آهي، رزاق آهي، سندس آڏو دنيا جا سڀ سخي هيچ آهن ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ دنيا جي هڪ تمام وڏي اداري هڪ رپورٽ درج ڪئي هئي ته ڪائنات ۾ ايترو ڪجهه موجود آهي جو جيڪڏهن انصاف سان انسانن ۾ ورهايو وڃي يا ڏنو وڃي ته هر انسان آمريڪي صدراتي محل کان به وڏي گهر جو مالڪ ٿي سگهي ٿو ۔۔۔

    دوستو، قرآن شريف هڪ هنڌ فرمايو آهي ته جيڪا چڱائي آهي سان منهنجي طرفان آهي ۽ جيڪا برائي آهي سا اوهانجي پنهنجن عملن جو نتيجو هوندو آهي ۔۔۔

    اچو ته هن دنيا کي سمجهون ۽ حق ۽ سچ جي راهه تي هلي هن دنيا کي سهڻو ۽ پرامن بڻائي ڇڏيون ۔۔۔ پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن شيطان ۽ شيطاني عمل ڪندڙ انسانن جي خلاف جهد ڪنداسون ۔۔۔

    اي رب العالمين اسانکي همٿ عطا ڪر ته سڌي راهه تي پاڻ هلون ۽ ٻين جي رهنمائي ڪريون ۽ شيطان کي شڪست ڏئي سگهون ۔۔۔ آمين
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    ادا بهترين ليک آهي، رزق روزيءَ‌جي تقسيم بيشڪ الله ڪندو آهي پر ان ۾ انساني عمل ۽ اخلاق جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جيئن زندگيءَ لاءِ به هڪ فرمان آهي ته ”حسن اخلاق زندگيءَ کي وڌائي ٿو ۽ تعلقات ٽوڙڻ يا قطع رحمي انسان جي حياتي گهٽائي ٿي“
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    شڪر الحمد لله
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    شڪر الحمدلله،
    الله سائين جو جيترو به شڪر ڪجي اهوگهٽ آهي

    سائين لاجواب تمام سٺي نموني سنق آموز سمجهاڻي ڏني اٿو،

    تڏهن ته چوندا آهيون سائين نثار جو هر ليڪ هڪ بهترين اديب ء دانشور جهڙو هوندو آهي

    سنڌ سلامت لاء توها ن انمول آهيو

    لاجوب
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    ادا سائين اسلام عليڪم۔توهان جيڪي سهڻا سخن جو ويچار ڪيو آهي ماشاالله تمام بهترين ۽ حاصل زندگي آهن۔هر حال ۾ انسان کي الله سائين جو شڪر ڪرڻ گهرجي۔انسان جيترا دفعا الله سائين جو شڪر ادا ڪندو الله پاڪ هن کي وڌيڪ نعمتن سان نوا زيندو۔الحمد لله،الحمدلله توهان جو ليک لاجواب ۽ وڏي رمز وارو آهي۔ هميشه خوش رهو۔
     
  10. سلام خان

    سلام خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2011
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شڪرگذاري ۔۔۔ الله راضي

    سائين سلام عليڪم سائين ابڙي صاحب جا اڪريل لفظ پڙهي مناسب نه لڳو ته ائين ئي گذري وڃون ڇوته اسان کسڪيا پيا وڃون ان ادي جي ڳالهه پڙهي ٻيلي موٽ کائي وڌيسين واقعيا الله جا لک احسان آهن جنهن ايتريون ساريون نعمتون عطا ڪيون جنهن جو شمار نه ٿا ڪري سگهون ۽ ڪنهن نعمت کي ويجهي کان سمجهڻو آهي ته ماڻهو ڪنهن اهڙي ماڻهو کان ان جي قدر لا سوال ڪري جيڪو پاڻ ان کان محروم هجي ۽ پاڻ کي ان جا تي سوچي ڏسي تنهنجا لک احسان منهنجا مالڪ منهنجا خالق
    سائين اهو به مناسب ناهي ته مست جهڙي داناه جو شڪر نه ڪجي ڏکي ڳالهه کي به سولو سمجهائيندو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو