نثارابڙو
نائب منتظم
اچو ته رب جا شڪرَ ادا ڪريون ۽ زندگي آسان ڪريون؛
**************************************
* گهر ۾ رات جو ڪيل پارٽيءِ سبب گند ٿيو پيو آهي.
مقصد ته اوهان وٽ خوشيون آهن ... الحمد الله
* ٽيڪس ادا ڪرڻو آهي.
مقصد ته اوهان جو روزگار هلندڙ آهي ... الحمد الله
* ڪپڙا سوڙها ٿيندا وڃن.
مقصد اوهان جي صحت بهتر آهي ... الحمد الله
* گهر جي باغ جي ڇٻر وڌي وئي آهي، دريون صاف ڪرڻ واريون آهن ۽ خراب ناليون ٺهرائڻيون آهن ...
مقصد اوهان وٽ گهر آهي ... الحمد الله
* ماڻهون حڪومت جي خلاف شڪايتون ڪندا ٿا وتن
مقصد، ملڪ ۾ ڳالهائڻ جي آزادي آهي ... الحمد الله
* بجليءَ جو بل تمام گهڻو آيو آهي؟
مقصد اوهان وٽ سهولتون آهن ... الحمد الله
* کٽيءَ جو خرچ وڌي ويو آهي. ڪپڙن جي صفائي ۽ استري مهانگي ٿي وئي آهي
مقصد اوهان وٽ ڪپڙا آهن پائڻ لاءِ ... الحمد الله
* صبح جو وڄندڙ گهڙيال کي بند ڪرڻو پيو آهي؟
مقصد اوهان جيئرا آهيو ... الحمد الله
* روزانه تمام گهڻيون ميل ۽ فون تي نياپا ٿا اچن؟
مقصد اوهان جي دوستن جي تعداد خاصو آهي ... الحمد الله
* مٿان ٿلهي ڪمبل وجهي سمهڻ کانپوءِ به گهڙيال جي گهنٽي اٿاري ٿي ڇڏي؟
مقصد اوهان وٽ ٻڌڻ جي صلاحيت بهتر آهي، جڏهن ڪيترا ماڻهون ٻڌي نٿا سگهن ... الحمد الله
* صبح جو اٿڻ سان سج جي روشني اکين کي وٺي ٿي ؟
مقصد اوهان جون اکيون ڪم ڪن ٿيون، جڏهن ته هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهون ڏسي نٿا سگهن ... الحمد الله
* پنهنجي آرامده بستري مان اٿڻ تي تڪليف ٿئي ٿي ...
مقصد اوهان کي اٿڻ جي سگهه آهي جڏهن ته ڪيترا ماڻهون بستري تان اٿڻ جهڙا به ناهن ... الحمد الله
* ناشتي جي وقت ايتروکاڌو ناهي هوندو جيترو رسالن ۽ فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو آهي.
مقصد کاڌو موجود آهي، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن کي ڪجهه کائڻ لاءِ به ناهي ملندو ... الحمد الله
* ڪم تي وڃڻ جا اوقات ڪار بي ڍنگا ۽ بي ترتيب آهن.
مقصد نوڪري لڳل آهي، جڏهن ته ڪيترا ماڻهون نوڪريءَ کان بنا هلي رهيا آهن … الحمد الله
* قسمت خراب آهي، پئسي ڏوڪڙ ۾ ڪمي آهي، گهر ۾ پريشاني آهي، دوستيءَ ۾ بي چيني آهي،
پر الله جا شڪر آهن ته آءُ حيات آهيان، انهن سڀني مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ ... الحمد الله
*********************
حاصل مطلب؛
مٿي ڏنل ٽوٽڪن جو مقصد اهو ناهي ته اوهين هر حال ۾ خوش ٿي هٿ پير هڻڻ ڇڏي ڏيو، ۽ ڪمبل مٿان وجهي سمهي رهو ... نه بلڪل نه مٿئين ٽوٽڪن جو مقصد آهي ته اوهان انهن حالتن کان دلشڪسته نه ٿيو، شڪايتون نه ڪريو ... بلڪ الله جو شڪر ادا ڪندي، پنهنجن مسئلن کي خوش اصلوبيءَ سان حل ڪريو ۽ ڪامياب ۽ ڪامران زندگي گهاريو ...
جيڪو ماڻهون ڪِرڻَ کان پوءِ اٿي کڙو ٿيندو آهي، انکي ڪريل نه چئبو آهي، پر جيڪو ماڻهون ڪِرڻ کان پوءِ اٿڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو انکي ڪريل چئبو آهي ...
اسين سڀ جيڪڏهن هر حال ۾ الله جا شڪر گذار ٿي وڃون ته رب اسانجي هر مشڪل کي آسان ڪري ڇڏيندو آهي .... اهو ئي رب عظيم جو ڪلام آهي ۽ پيغمبرن جو پيغام ...