انڊيا جي رانديگرن ۾ وهم

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ڪاوش تان ورتل


    نئين دهلي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر وريندر سهواگ وهم جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ هو اهڙي شرٽ پائي ميچون کيڏي رهيو آهي جنهن تي نمبر نه لکيل آهي، سهواگ انگن جي علم جي ماهر جي مشوري تي عمل ڪري رهيو آهي، جنهن کيس ٻڌايو آهي ته سٺي ڪارڪردگي لاءِ هو 44 نمبر واري پنهنجي شرٽ نه پائي، اهو مشورو سهواگ لاءِ صحيح ثابت ٿي رهيو آهي ڇو ته 5 ميچن ۾ 65.40 جي ايوريج سان 327 رنسون ٺاهي چڪو آهي، صرف سهواگ نه پر ڀارت جا ٻيا رانديگر به انگن واري علم تي يقين ڪن ٿا، ڪپتان ايم ايس ڌوني ۽ يووراج سنگهه پنهنجي پيدائش واري تاريخ وارا نمبر استعمال ڪري رهيا آهن، ڌوني جي شرٽ جو نمبر 7 آهي ۽ هو 7 جولاءِ تي پيدا ٿيو هو، يووراج 12 ڊسمبر تي پيدا ٿيو هو ان ڪري سندس شرٽ نمبر 12 آهي، سچن ٽنڊولڪر کاٻو پيڊ پهرين پائڻ جي عادت بڻائي ڇڏي آهي ۽ هو ان بيٽ سان وڌيڪ کيڏندو آهي جنهن سان سندس وڌيڪ سينچريون لڳل آهن، سچن جڏهن بيٽنگ ڪندو آهي ته سندس گهر وارا ٽي وي بند رکندا آهن کين خوف هوندو آهي ته هو جلد آئوٽ ٿي ويندو.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انڊيا جي رانديگرن ۾ وهم

    بس ادا وهم جو علاج حڪيم لقمان وٽ ڪون باقي قدرت جي کي سلام آهي جنهن پنهنجي جهولي ۾ ڪيترائي راز لڪائي رکيا آهن
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انڊيا جي رانديگرن ۾ وهم

    اوهان بلڪل صحيح پيا چئو۔ هندستان جي رانديگرن ۾ اهي شيون گهڻي اهميت واريون آهن۔ مونکي ياد آهي ته سريلنڪا جي ان وقت جي بهترين بئٽسمين گروسنها پنهنجو نالو گروسنگها مان مٽائي رکيو هو جيڪو کيس جوتشين صلاح ڏني هئي۔ برائن لارا لاء به مشهور هيو ته هو جادو جو شڪار آهي۔

    اڄڪله هندستان جي رانديگرن ۾ وهم گهڻو ڏٺو ويو آهي۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انڊيا جي رانديگرن ۾ وهم

    ڪاٿي اڄوڪي ميچ ۾ جلد بازي ۾ ڪم نه ابتو ٿي وڃي پوءِ ته همراهن جو وهم به پڪ ۾ تبديل ٿي ويندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو