پسر شهيد
سينيئر رڪن
ڪاوش تان ورتل
نئين دهلي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر وريندر سهواگ وهم جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ هو اهڙي شرٽ پائي ميچون کيڏي رهيو آهي جنهن تي نمبر نه لکيل آهي، سهواگ انگن جي علم جي ماهر جي مشوري تي عمل ڪري رهيو آهي، جنهن کيس ٻڌايو آهي ته سٺي ڪارڪردگي لاءِ هو 44 نمبر واري پنهنجي شرٽ نه پائي، اهو مشورو سهواگ لاءِ صحيح ثابت ٿي رهيو آهي ڇو ته 5 ميچن ۾ 65.40 جي ايوريج سان 327 رنسون ٺاهي چڪو آهي، صرف سهواگ نه پر ڀارت جا ٻيا رانديگر به انگن واري علم تي يقين ڪن ٿا، ڪپتان ايم ايس ڌوني ۽ يووراج سنگهه پنهنجي پيدائش واري تاريخ وارا نمبر استعمال ڪري رهيا آهن، ڌوني جي شرٽ جو نمبر 7 آهي ۽ هو 7 جولاءِ تي پيدا ٿيو هو، يووراج 12 ڊسمبر تي پيدا ٿيو هو ان ڪري سندس شرٽ نمبر 12 آهي، سچن ٽنڊولڪر کاٻو پيڊ پهرين پائڻ جي عادت بڻائي ڇڏي آهي ۽ هو ان بيٽ سان وڌيڪ کيڏندو آهي جنهن سان سندس وڌيڪ سينچريون لڳل آهن، سچن جڏهن بيٽنگ ڪندو آهي ته سندس گهر وارا ٽي وي بند رکندا آهن کين خوف هوندو آهي ته هو جلد آئوٽ ٿي ويندو.