نثارابڙو
نائب منتظم
سياست جي گاديءَ جي وارثن کان سنڌ جو سوال
1843ع ۾ آزاد سنڌ جو جهنڊو سرنگون ٿيو، حق حاڪميت کسجي ويو، ان کان پوءِ سنڌي قوم آزاديءَ جي جنتن ۽ لذتن کي رڳو تصور جي دنيا ۾ ائين ياد ڪندي رهي آهي، جيئن ڪا پريميڪا پنهنجي پهرئين پيار جا حسين ڏينهن من جي لاڪر ۾ لڪائي رکندي آهي،هڪ قوم، جنهن جي سرشت ۾ امن، محبت، رواداري ۽ انسان دوستيءَ جا ماڪ ڦڙن جهڙا احساس رهيا آهن، جيڪا پنهنجي صدين جي روايتن کي ساهه ۾ سانڊيندي آئي آهي، جنهن قوم ڪتب خانن، درسگاهن، لائبريرين کي پنهنجو ورثو سمجهيو آهي، جنهن قوم دنيا جي لاءِ مُهين جي دڙي جي صورت ۾ سول انجنيئرنگ جو مثال پيش ڪيو، سمبارا جي صورت ۾ رقص جو روپ پيش ڪيو، جنهن کي ناز آهي ته هنن ڪڏهن به ڪنهن قوم تي فوج ڪشي ناهي ڪئي، ڪنهن قبيلي کي تلوار جي زور تي فتح ناهي ڪيو، البته شاعري ۽ راڳ، ساز ۽ آواز جي ذريعي لکين دلين تي فتح جا ازلي جهنڊا ضرور جهولايا آهن،
ان قوم تاريخ ۾ هزارين هلائن ۽ حملن جا عذاب سٺا آهن، هن ڌرتيءَ جي دل، بمبئي جي غلاميءَ جا ڏنڀ سٺا، پر ان کان به وڏي عذاب جي ڪاري رات پوءِ شروع ٿي، جيڪا سڀ ڪجهه لٽي وئي، اڄ 64 سالن جي تاريخ جي ان تجربي کان پوءِ سنڌ هڪ محڪوم خطي طور دنيا جي نقشي تي موجود آهي، ڪڏهن ايوب جي آمريت، ڪڏهن ضياءَ جا ظلم، ڪڏهن جمهوريت جو ريشمي طلسم، ته ڪڏهن مفاهمت جي سلوڻي زبان- پر سنڌ سکن لاءِ سِڪي وئي، ڪو امن جو سج نه اڀريو، هڪ طرف قومي تشخص خطري ۾ ته ٻئي طرف زبان خلاف سازشون، درياهه تي ڊئم ۽ ڪئنال، بک، بدحالي، بدامني، لکين نوجوانن جي هٿن ۾ ڊگريون پر روزگار لاءِ رڙيون، وک وک تي احتجاج، ڌرڻا، روڊ بند، بک هڙتالون، اغوا، برادرين وچ ۾ خوني تڪرار، شهرن تي قبضو، مارڪيٽ تباهه، زراعت بيحال، پاڙو پاڙي جو ويري، ڳوٺ ڳوٺ جو بدخواهه، اسڪولن ۾ استادن جي عدم موجودگي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جا ڏاڍ، غريب نياڻين جون ٻارن سميت خودڪشيون، ڪامورن جا ظلم، وڏيرن جون ونگارون، سرداري ۽ پيري جي نالي تي استحصال، درگاهون ۽ دارالامان قيد خانا بڻيل، ٽڪي ملهه وڪامندڙ اڪثر شاعرن ۽ دانشورن جون قطارون، ثنا خوانيون، داٻا ڏيئي چيو وڃي ٿو ته چپ ٿيو! بس چُپ! ڇو ته پاڻ امن پسند ۽ سهپ پسند آهيون. آخر ڪيسين؟
ڇا امن پسندي اها آهي ته هڪ قوم روڊن تي پوليس جون لٺيون جهلي، جيلن ۾ وڃي قتل ٿئي، ڌاڙن ۾ ڦرجي درياهه وڃائي، ٻولي وڃائي، شهر وڃائي، بک مري ۽ جنهن جا ٻار اسپتالن جي درن تي دوا لاءِ لُڇي مرن، جنهن قوم جون عورتون روڊن تي پنن، جيڪا ڌرتي سوين گئس جون فيلڊون، تيل جا ذخيرا، پٿر، ڪوئلي جون کاڻيون، سوين ميل سامونڊي پٽي، بندرگاهه رکندي هجي، زراعت ۾ خوشحال هجي، مقامي صنعت ۾ اڳڀري هجي، ان قوم وٽ هڪ ويلي جي ماني ۽ تن تي اوڍڻ لاءِ ڪپڙو نه هجي، ڇا پوءِ به امن پسنديءَ جي نالي تي بي رحم سياست ان قوم کي رڳو دلفريب خواب ڏيکاري چپ ڪرائي ڇڏي ته ان سياست کي قبولڻ کپي؟ وک وک تي سياسي دڪان آهن، ڪميونزم، قومپرستي، جمهوريت جا خوبصورت ليبل لڳل آهن، ڪيترائي وائڙا ويڄ آهن، پنجن پنجن ماڻهن تي بيٺل پارٽيون به سنڌ جي بقا جا نعرا هڻن ٿيون، نام نهاد دانشور، سنڌ سنڌ ڪندي ٿڪجن نٿا، مها ڏاها مفڪر سنڌ جا سڄڻ آهن، شهيدن جا وارث، يوپي ۽ دهلي وارا سنڌ جا خير خواهه آهن، پر سنڌ محڪوم آهي، سنڌي عورت ۽ مرد، جبر هيٺ آهي، سنڌ جو اصل وارث، سنڌي عوام 64 سالن کان گهاڻي ۾ پيڙجي رهيو آهي، جڏهن سنڌ سوال ٿي ڪري ته اي سياست جي گاديءَ جا وارثو! آخر هيءَ قهر جي رات ڪڏهن کُٽندي؟ ته هر مها ڏاهو، محترم سياستدان پنهنجو سياسي پراڊڪٽ ٻڌائي چوي ٿو: ”بس رڳو سجاڳ ٿيو، منزل پري ناهي.“ سنڌ انهن سمورن کان پڇي ٿي ته، ڇا سنڌي عوام جاڳيو ناهي؟ ون يونٽ ۾ توهان سان گڏ هو، ايم آر ڊي تحريڪ ۾توهان جو ٻانهن ٻيلي هو، ڪالاباغ ڊيم خلاف توهان جي ساٿ ۾ هو، اڄ به توهان مها ليڊر جتي وڃو ٿا، سنڌ سوين هزارين لکين ماڻهن جي صورت ۾ اٿي بيهي ٿي، توهان جي چهرن ۾ نجات جا گَس ڳولي ٿي، پر توهان رعايتن ۽ مصلحتن جو شڪار ٿي اسلام آباد جي دٻاءَ آڏو هارائي وڃو ٿا، توهان نظرين، پارٽين ۽ انائن کان مٿي ٿي سنڌ لاءِ سوچيو، خاص ڪري سنڌ جي اڪائونٽ تي سياست ڪندڙ ڌريون وقتي طور نظريا پاسي رکي ”سنڌ بچايو“ جي نالي تي متحد ٿي تحريڪ هلائين ته سڄي سنڌ اٿي بيهندي ۽ سنڌ هن پاتال مان نڪري پار ٿي سگهي ٿي، باقي ڇڙ وڇڙ ۽ منتشر سياست سنڌ کي اڃان وڌيڪ محڪوميءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيندي.
نواز شاهه ڀاڏائي
فيسبڪ تان ورتل؛