• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

نثارابڙو

نائب منتظم
سياست جي گاديءَ جي وارثن کان سنڌ جو سوال

1843ع ۾ آزاد سنڌ جو جهنڊو سرنگون ٿيو، حق حاڪميت کسجي ويو، ان کان پوءِ سنڌي قوم آزاديءَ جي جنتن ۽ لذتن کي رڳو تصور جي دنيا ۾ ائين ياد ڪندي رهي آهي، جيئن ڪا پريميڪا پنهنجي پهرئين پيار جا حسين ڏينهن من جي لاڪر ۾ لڪائي رکندي آهي،هڪ قوم، جنهن جي سرشت ۾ امن، محبت، رواداري ۽ انسان دوستيءَ جا ماڪ ڦڙن جهڙا احساس رهيا آهن، جيڪا پنهنجي صدين جي روايتن کي ساهه ۾ سانڊيندي آئي آهي، جنهن قوم ڪتب خانن، درسگاهن، لائبريرين کي پنهنجو ورثو سمجهيو آهي، جنهن قوم دنيا جي لاءِ مُهين جي دڙي جي صورت ۾ سول انجنيئرنگ جو مثال پيش ڪيو، سمبارا جي صورت ۾ رقص جو روپ پيش ڪيو، جنهن کي ناز آهي ته هنن ڪڏهن به ڪنهن قوم تي فوج ڪشي ناهي ڪئي، ڪنهن قبيلي کي تلوار جي زور تي فتح ناهي ڪيو، البته شاعري ۽ راڳ، ساز ۽ آواز جي ذريعي لکين دلين تي فتح جا ازلي جهنڊا ضرور جهولايا آهن،

ان قوم تاريخ ۾ هزارين هلائن ۽ حملن جا عذاب سٺا آهن، هن ڌرتيءَ جي دل، بمبئي جي غلاميءَ جا ڏنڀ سٺا، پر ان کان به وڏي عذاب جي ڪاري رات پوءِ شروع ٿي، جيڪا سڀ ڪجهه لٽي وئي، اڄ 64 سالن جي تاريخ جي ان تجربي کان پوءِ سنڌ هڪ محڪوم خطي طور دنيا جي نقشي تي موجود آهي، ڪڏهن ايوب جي آمريت، ڪڏهن ضياءَ جا ظلم، ڪڏهن جمهوريت جو ريشمي طلسم، ته ڪڏهن مفاهمت جي سلوڻي زبان- پر سنڌ سکن لاءِ سِڪي وئي، ڪو امن جو سج نه اڀريو، هڪ طرف قومي تشخص خطري ۾ ته ٻئي طرف زبان خلاف سازشون، درياهه تي ڊئم ۽ ڪئنال، بک، بدحالي، بدامني، لکين نوجوانن جي هٿن ۾ ڊگريون پر روزگار لاءِ رڙيون، وک وک تي احتجاج، ڌرڻا، روڊ بند، بک هڙتالون، اغوا، برادرين وچ ۾ خوني تڪرار، شهرن تي قبضو، مارڪيٽ تباهه، زراعت بيحال، پاڙو پاڙي جو ويري، ڳوٺ ڳوٺ جو بدخواهه، اسڪولن ۾ استادن جي عدم موجودگي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جا ڏاڍ، غريب نياڻين جون ٻارن سميت خودڪشيون، ڪامورن جا ظلم، وڏيرن جون ونگارون، سرداري ۽ پيري جي نالي تي استحصال، درگاهون ۽ دارالامان قيد خانا بڻيل، ٽڪي ملهه وڪامندڙ اڪثر شاعرن ۽ دانشورن جون قطارون، ثنا خوانيون، داٻا ڏيئي چيو وڃي ٿو ته چپ ٿيو! بس چُپ! ڇو ته پاڻ امن پسند ۽ سهپ پسند آهيون. آخر ڪيسين؟

ڇا امن پسندي اها آهي ته هڪ قوم روڊن تي پوليس جون لٺيون جهلي، جيلن ۾ وڃي قتل ٿئي، ڌاڙن ۾ ڦرجي درياهه وڃائي، ٻولي وڃائي، شهر وڃائي، بک مري ۽ جنهن جا ٻار اسپتالن جي درن تي دوا لاءِ لُڇي مرن، جنهن قوم جون عورتون روڊن تي پنن، جيڪا ڌرتي سوين گئس جون فيلڊون، تيل جا ذخيرا، پٿر، ڪوئلي جون کاڻيون، سوين ميل سامونڊي پٽي، بندرگاهه رکندي هجي، زراعت ۾ خوشحال هجي، مقامي صنعت ۾ اڳڀري هجي، ان قوم وٽ هڪ ويلي جي ماني ۽ تن تي اوڍڻ لاءِ ڪپڙو نه هجي، ڇا پوءِ به امن پسنديءَ جي نالي تي بي رحم سياست ان قوم کي رڳو دلفريب خواب ڏيکاري چپ ڪرائي ڇڏي ته ان سياست کي قبولڻ کپي؟ وک وک تي سياسي دڪان آهن، ڪميونزم، قومپرستي، جمهوريت جا خوبصورت ليبل لڳل آهن، ڪيترائي وائڙا ويڄ آهن، پنجن پنجن ماڻهن تي بيٺل پارٽيون به سنڌ جي بقا جا نعرا هڻن ٿيون، نام نهاد دانشور، سنڌ سنڌ ڪندي ٿڪجن نٿا، مها ڏاها مفڪر سنڌ جا سڄڻ آهن، شهيدن جا وارث، يوپي ۽ دهلي وارا سنڌ جا خير خواهه آهن، پر سنڌ محڪوم آهي، سنڌي عورت ۽ مرد، جبر هيٺ آهي، سنڌ جو اصل وارث، سنڌي عوام 64 سالن کان گهاڻي ۾ پيڙجي رهيو آهي، جڏهن سنڌ سوال ٿي ڪري ته اي سياست جي گاديءَ جا وارثو! آخر هيءَ قهر جي رات ڪڏهن کُٽندي؟ ته هر مها ڏاهو، محترم سياستدان پنهنجو سياسي پراڊڪٽ ٻڌائي چوي ٿو: ”بس رڳو سجاڳ ٿيو، منزل پري ناهي.“ سنڌ انهن سمورن کان پڇي ٿي ته، ڇا سنڌي عوام جاڳيو ناهي؟ ون يونٽ ۾ توهان سان گڏ هو، ايم آر ڊي تحريڪ ۾توهان جو ٻانهن ٻيلي هو، ڪالاباغ ڊيم خلاف توهان جي ساٿ ۾ هو، اڄ به توهان مها ليڊر جتي وڃو ٿا، سنڌ سوين هزارين لکين ماڻهن جي صورت ۾ اٿي بيهي ٿي، توهان جي چهرن ۾ نجات جا گَس ڳولي ٿي، پر توهان رعايتن ۽ مصلحتن جو شڪار ٿي اسلام آباد جي دٻاءَ آڏو هارائي وڃو ٿا، توهان نظرين، پارٽين ۽ انائن کان مٿي ٿي سنڌ لاءِ سوچيو، خاص ڪري سنڌ جي اڪائونٽ تي سياست ڪندڙ ڌريون وقتي طور نظريا پاسي رکي ”سنڌ بچايو“ جي نالي تي متحد ٿي تحريڪ هلائين ته سڄي سنڌ اٿي بيهندي ۽ سنڌ هن پاتال مان نڪري پار ٿي سگهي ٿي، باقي ڇڙ وڇڙ ۽ منتشر سياست سنڌ کي اڃان وڌيڪ محڪوميءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيندي.
نواز شاهه ڀاڏائي

فيسبڪ تان ورتل؛​
 
جواب: سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

سائين نثار صاحب۔۔تمام بهترين ليک اوهان ونڊ ڪيو آهي۔
سائين هي ليک ڪنهن جو لکيل آهي۔۔۔ليکڪ کي سلام آهي۔۔سموريون ڳالهيون سچ سراسر سچ۔
 
جواب: سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

سائين ! اهو ليک محترم نواز شاهه ڀاڏائي جو لکيل آهي ۽ روزانه ڪاوش تاريخ 22 مارچ 2011 ع واري پيپر جي ها ئيد پارڪ واري حصي ۾ ڇپيو آهي ان کي سنڌ سلامت تي آڻڻ لا مون پنهنجي استاد کي وڏا وس ڪيا پر منهنجي هڪ به نه ٻڌائين ، سهڻو جو موڊ وارو ٿيو ۔ هڪ ته سهڻو ، ٻيو پنهنجي موڊ وارو ۽ ٽيون وري ٿيو ڪنجوس ڪير پڄي ۔
شاباس آهي سائين نثا ر کي جو ان جي ڪمي پوري ڪيائين ۽ اهڙو قيمتي ليک ساٿين تائين پهچايائين ۔ سائين نثار ابڙي کي وڌيڪ گذارش ڪجي ٿي ته اجوڪي ڪاوش جي ادارئي واري پيج تي سائين محسن ٻٻر جو تاريخي ليک ،چوڌري رحمت علي ۽ جي ۔ سيد وارو پاڪستان جي نالي سان ڇپيو آهي ، ان کي به ساٿين تائين لکي پهچائي ، ته سندس مهرباني ٿيندي ،ڇاڪاڻ ته مون وارو استاد اڄ مون کان لڪي الائي ڪيڏاهن ڀڄي ويو آهي ۔
 
جواب: سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

تمام بهترين ليڪ آهي سائين ان ليکڪ کي فقير پاران به سلام

بهترين معلوماتي شيرنگ آهي سائين

جاري رکجو
 
جواب: سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

سائين ! اهو ليک محترم نواز شاهه ڀاڏائي جو لکيل آهي ۽ روزانه ڪاوش تاريخ 22 مارچ 2011 ع واري پيپر جي ها ئيد پارڪ واري حصي ۾ ڇپيو آهي ان کي سنڌ سلامت تي آڻڻ لا مون پنهنجي استاد کي وڏا وس ڪيا پر منهنجي هڪ به نه ٻڌائين ، سهڻو جو موڊ وارو ٿيو ۔ هڪ ته سهڻو ، ٻيو پنهنجي موڊ وارو ۽ ٽيون وري ٿيو ڪنجوس ڪير پڄي ۔
شاباس آهي سائين نثار کي جو ان جي ڪمي پوري ڪيائين ۽ اهڙو قيمتي ليک ساٿين تائين پهچايائين ۔ سائين نثار ابڙي کي وڌيڪ گذارش ڪجي ٿي ته اجوڪي ڪاوش جي ادارئي واري پيج تي سائين محسن ٻٻر جو تاريخي ليک ،چوڌري رحمت علي ۽ جي ايم سيد وارو پاڪستان جي نالي سان ڇپيو آهي ، ان کي به ساٿين تائين لکي پهچائي ، ته سندس مهرباني ٿيندي ،ڇاڪاڻ ته مون وارو استاد اڄ مون کان لڪي الائي ڪيڏاهن ڀڄي ويو آهي ۔

سائين محترم عبدالڪريم صاحب، اوهان جي سهڻي استاد کي الله پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔ هو جت به هوندو خوش هوندو ۽ ظاهر آهي سنگت جي گهيري ۾ هوندو ۔۔۔ اوهان پنهنجي پيار ۾ ٿورو سخي ٿيڻ سکو نه ته پيار هوا ٿي ويندو ۔۔

محترم سائين معاف ڪجو ته آ اخبارون اصل ڏسان ئي ڪون بلڪ مون ته پاڪستاني خبرون ڏسڻ به ڇڏي ڏنيون هيون، انجا ڪجهه سبب آهن؛
1 وقت نه ملڻ ۔۔۔۔ نوڪري ۽ انجون ضرورتون پوريون ڪندي اخبارن پڙهڻ لا وقت نٿو ملي
2 سنڌ سلامت ۽ ٻين سنڌ دوست فورمن تي چڪر لڳائڻ سبب پڻ وقت نٿو ملي جو اخبارون پڙهجن
3 پاڪستان جون حالتون ۽ ان ۾ سياست جو قلابازيون ۽ سماجي ڏک پسي دل تي گهرا اثر ٿين ٿا، انڪري به اخبارون ڏسڻ يا خبرون ٻڌڻ کان ڪترائيندو آهيان، جيئن ڪانو لنوائي گليل کان۔

اوهانجو ڏسيل مضمون منهنجي نظر کان ناهي گذريو، انڪري ونڊ ڪرڻ ڏکيو آهي ۔۔۔ ها اوهان ٿورڙو استاد جو انتظار ڪريو ۔۔۔ سخين کان ته هرڪو ڪم ڪڍي ڄاڻي پر اوهان اهڙي شخصيت آهيو جو ڪنجوسن مان به ڪم ڪڍي ڄاڻو ۔۔۔ انڪري اوهان محنت جاري رکو ۔۔۔

دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

سائين نثار مهرباني

تمام بهترين نموني هي ليک لکيل آهي ۽ سڀ ڳالهيون دل سان لڳن ٿيون۔
”بس رڳو سجاڳ ٿيو، منزل پري ناهي.“
اسان ڪڏهن ٿا سجاڳ ٿيون اهو هن وقت اهم سوال آهي، جنهن جو جواب مونکي گهٽ ۾ گهٽ مستقبل قريب ۾ نظر ڪونه ٿو اچي۔ باقي هڪ ڏينهن اهڙو اچڻو ضرور آهي۔

اسان جي شاگرد سان ظلم اهو ٿيو جو جنهن طوطي ۾ سندس ساھ آهي اهو مڪي پاڪ آيل آهي عمري تي ۽ اسان وري ڪاله سنڌ سلامت جي سرواڻ سان ملڻ ٽنڊو محمد خان ويل هئاسون ۽ ڄامشوري جون هوائون پڻ کاڌيوسين۔ سائين ڪريم چانڊيو جو هر حڪم اکين تي اڄ شام ساڻس ملي انشاء الله سندس هر خواهش پوري ڪنداسون۔

لک قرب اوهان جا
 
جواب: سنڌ وارثن کان سنڌ جو سوال

حيرت اٿم لکندڙ پنهنجي قلم سان ايتريون رڙيون ڪري رهيا آهن پر اسان سنڌي ستل ته ستل ئي رهيا سين
ڪالهه مون ڏي علامه اقبال جو هڪ شعر ڪنهن موڪليو ۔۔ پورو ته ياد نه آهي پر سندس مطلب ڪجهه هن طرح هيو ته ”منهنجي قوم جي جوان کي ننڊ مان نه اٿار، متان هو ڪو آزادي جو خواب ڏسندو هجي۔۔۔“

لڳي ٿو اسان سنڌي ان خواب ڏسڻ لاءِ به سڪندا هونداسين ۔۔۔ پر جس لهڻ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي طور اهڙين رڙين ۽ چونڊڙين کي جاري رکيو پيا اچن جنهن جا نتيجا ويجهڙ ۾ ته کين به نظر نه ٿا اچن
 
Back
Top