• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

10 شيون جيڪي جاپان کان سکڻ گهرجن

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! تازو جاپان ۾ جيڪو زلزلو آيو ۽ ان ۾ جيڪا تباهي ٿي سا اسان سڀني پنهنجين اکين سان ڏٺي، سڀ ڪجهه تباهه ٿيو، ماڻهون مئا، زخمي ٿيا، گهر تباهه ٿيا، لڙهي ويا، ملڪيتون ختم ٿي ويون ۽ ماڻهون رستن تي اچي ويا، پر هڪ شئي جاپان مان ختم نه ٿي سا هئي همٿ ۽ ايمانداري، اهڙيون قومون پنهنجي همٿ ۽ ايمانداريءِ سان ٿورڙي ئي عرصي ۾ وري اڳي کان به اڳريون ٿي اڀرنديون آهن ۽ آسمان کي هٿ لائڻ جا گيت ڳائينديون آهن ... پر بزدل ۽ بي ايمان قومون هميشه پستيءَ ۾ ۽ ڪريل زندگي گذارين ٿيون بلڪه اڳ کان به بدتر ۽ بدتر کان به بدتر ٿيندا وڃن ٿا ...

رب العالمين کان دعا آهي ته هو سنڌين ۾ به همٿ ۽ ايمانداريءَ جو جذبو پئدا ڪري ته جيئن اسين موجوده تباهه ڪن ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگيءَ مان پار پئون ۽ هي طوق لاهي ڦٽا ڪريون ... آمين
*****************************

10 شيون جيڪي جاپان کان سکڻ گهرجن

http://imageshack.us
1. صبر؛ هن زلزلي، ٻوڏ ۽ ايٽمي بجلي گهر مان نڪرندڙ مصيبت دوران، هزارين ماڻهون مئا، گهر تباهه ٿيا، زخمي ٿيا ۽ ملڪيتون ختم ٿي ويون پر ڪو خاص روڄ راڙو ۽ پٽڪو نظر نه آيو.
2. بردباري؛ برباد ۽ تباهه حال جاپاني پاڻي ۽ کاڌي وٺڻ لاءِ بردباري ۽ صبر سان قطارن ذريعي پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪندا رهيا ڪنهن به ڪنهنکي ڪو خراب لفظ نه چيو نه جهيڙو ٿيو ۽ نه گارگند ڪيو ويو.
3. اهليت؛ زلزله سهندڙ عمارت سازيءَ سبب، عمارتون لڏيون، هيٺ مٿي ٿيون پر ائين ڌڙام سان اچي نه ڪريون جنهن سبب ايترو موت نه ٿيو جيترو ٿيڻ گهربو هو.
4. ايمانداري؛ ماڻهن اهو ڪجهه خريد ڪيو ۽ پاڻ وٽ رکيو جيترو سندن موجود حالت ۾ ضروري آهي، انڪري ته جيئن سڀني کي ڪجهه حاصل ٿئي.
5. منظم؛ نه دڪان لٽيا ويا، نه شور ڪيو ويو ۽ نه هڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهنکي ڌڪا مليا ... صرف هڪٻئي کي سمجهيو ويو ۽ مدد ڪئي وئي.
6. قرباني؛ 50 ڪارڪن ڀڄڻ جي بجاءِ نيوڪليئر بجلي گهر مان پاڻي ڪڍندا رهيا، ان خيال کان مٿي ته پگهار ملندي يا نه معاوضو ملندو يا نه يا جان هلي ويندي.
7. رحمدلي ۽ محبت؛ هوٽلن کاڌن جون قيمتو گهٽائي ڇڏيون، بئنڪ جا اي ٽي ايم ڪنهن سڪيورٽيءَ کان بغير اڪيلا ڪم ڪندا رهيا، ان هفتي هر ڪنهن ٻي جي ضرورت اڳ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
8. تربيت ۽ تعليم؛ هر هڪ پوڙهي توڙي ٻار کي اها چڱيءِ طرح خبر هئي ته مصيبت جي گهڙين ۾ ڇا ڪرڻو آهي.
9. ميڊيا (اخبارون ۽ ٽي وي) انهن ڪنهن به روئڻ ۽ ڏکن يا مصيبتن جي ذڪر پيش ڪرڻ کان علاوه هنن صبر جي تلقين ڪئي ۽ همٿ ڏياريندا رهيا.
10. ضمير جي صفائي؛ جڏهن اچانڪ بجلي هلي وئي ته ماڻهن دڪانن تان کينل سامان، واپس الماڙين ۾ رکي ڇڏيو ۽ آرام سان ٻاهر نڪري هليا ويا.

اهڙن عملن سبب ئي قومون عظيم ٿينديون آهن ۽ عظيم سڏرائينديون آهن.

هڪ ٻي ڳالهه دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هيٺ جاپان جي شهر ۾ هڪ مسجد جي تصوير آهي، جيتوڻيڪ آس پاس سڀ عمارتون تباهه ٿيون آهن، ۽ نقصان رسيو اٿن، پر هن الله جي گهر کي ڪجهه به نه ٿيو آهي ...

سبحان الله

http://imageshack.us
جنهنکي الله رکي تنهنکي ڪير چکي جي ڳالهه جيئان، جنهن گهر ۾ سچي نيت سان الله جي عبادت ٿيندي هجي ته ان گهر ۾ الله جو نور هجي ٿو ته پوءِ ڪير آهي جو ان نور کي وسائي سگهي.

دوستو! اچو ته پنهنجي صبر ۽ ايمان جي سگهه کي وڌايون ۽ پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪريون۔
 
جواب: 10 شيون جيڪي جاپان کان سکڻ گهرجن

همٿ ۽ ايمانداري،۔۔۔۔۔ ادا ابڙا صاحب جنهن سماج ۾ ڏوهاري ذهنيت حاوي هُجي، اتي ايمانداري، سچائي ۽ پيشه ور سوچ جي به اڻاٺ هوندي آهي. پاڪستاني معاشرو به لڳ ڀڳ هر شعبي ۾ ڏوهاري ذهنيت رکندڙن سان ڀريل آهي. چئجي ته ڪنهن لاء چئجي ۔ ادا مون ته اهيو ڏٓٺو آهي ته هت ايماندار ۽ حلال جي روزي ڪمائڻ واري کي ئي شرمندو ڪيو ويندو آهي اهو ان لاء ته ان (هر ) حلال ڪمائيندڙ وٽ ايترو پيئسو ۽ دولت جمع ناهي ٿئي سگهندي جنهن سان هو حرام جي پيئسي مان ڪمايل دولت مند ماڻهون سان زندگي جي هر موڙ تي، مقابلو ڪري سگهي، هن ويچاري وٽ ته زندگي جون ضروري شيون به پوريون ڪو نه ٿيون ٿين، سو اهو هر وقت ان چنتا ۾ رهندو آهي ته پنهنجون جائز گهرجون ڪٿان پوريون ڪيان، جڏهن ته امير ( گهڻو ڪري حرام مان ڪمايل دولت وارو ) روز نيان عياشون ڪرڻ جا بهانه ڳوليندو رهندو آهي، ۽ بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ به وري اهڙن ماڻهن جي ( جن حرام بي ايماني ڌوڪيبازي سان پيئسو ڪمايو هوندو آهي ) لي لست ۽ ٺٺ ٺانگر هوندا آهن ۽ هر ڪو ماڻهون ان ڏانهن ئي ڌيان ڏيندو آهي ۽ ان جي ئي واهه واهه ۾ پورا هوندا آهن ( پوء اهو ڇو نه پنهنجي تر جو نامي گرامي ڏوهاري هجي، ) ادا تازو مثال وٺو ته هن ٻوڏ مان جيڪا ڪجهه مهينا پهرين اسان وٽ اسان جي ملڪ ۾ آئي هئي، انهيء ۾ امداد ۾ آيل رقم مان وزيرن مشيرن ته وڏو پيئسو ٺاهيو، پر هيٺئين ڪلاس جي آفيسرن ۽ اين جيوز جي ملازمن به وڏو پيئسو ( حرام جو پيئسو جيڪو متاثرين کي ملڻو هو ) ٺاهيو آهي، ۽ افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ان ڪمائي کي اهي پنهنجو حق ٿا سمجهن ۽ انهيء ڪمائي تي ناز پيا ڪن۔ ادا اگر اسان جي سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثريت هوندي ته پوء اسان جو معاشرو ڪئين بهتري حاصل ڪندو، ادا بهتري جي اچڻ مان مان نااميد ته نه آهيان مگر اهيو ڪم مشڪل تمام گهڻو ٿو لڳي جنهن لاء اردو جو هڪ پهاڪو آهي ته ۔۔ ان لاء به پاپڙ وڪڻنا پوندا باقي آساني سان اهيو ممڪمن ڪونهي، دعا آهي ته رب پاڪ اسان جي ماڻهن کي همت ۽ ايمانداري جا جزا پيدا ڪري آمين۔
 
محترم ممتاز صاحب، اوهانجون سڀ ڳالهيون سچيون، بيشڪ گهڻو گند آهي، پر سوال اهو آهي ته ائين ڇو؟ هي ملڪ اسلام جي نالي ته ٺاهيو ويو هو، جڏهن ته اسلام حق ۽ سچ جو دين آهي، اسلام ته سلامتي جو مذهب آهي، هن ملڪ کي اڄ به ماڻهون اسلام جو قلعو ٿا سمجهن، ان قلعي ۾ جنهن ۾ اسلام جو نالو ورتو ويندو هجي، قرآن ۽ دين جي ڳالهه ڪئي ويندي هجي، قرآن جيڪا روشني آهي پر پو اسانجي زندگين ۾ ايتري گهري ستن سمنڊن جي تري واري اونداهي ڇو؟؟؟؟؟؟

تمام وڏو سوال آهي، جيڪڏهن ان سوال تي سوچبو ته ڪافي ڳالهيون واضح ٿينديون پر پو به اسانجا سڄڻ سٻاجهڙا سنڌي خاموش ڇو آهن؟؟؟؟؟ ڇا هن انڌير لا پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي وئي هئي؟ ڇا سچ ۽ حق سان منهن موڙڻ لا هن ملڪ سان الحاق ڪيو ويو هو؟؟؟

جاپاني ته ڪجهه ئي مهينن ۾ آباد ٿي ويندا وري نوان ٿي ويندا پر انهن ماڻهن جو ڇا جيڪي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا، ڇا انهن جي پوئواري ڪئي وئي، يا وري هاڻ بس ڪجهه ئي مهينن ۾ جيڪڏهن ٻي ڪا ٻوڏ آئي جنهنجون اڳڪٿيون ٿين پيون ته ان ۾ قوم ۽ ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟؟؟؟؟؟

آخر ڏوهه ڪنهنجو آهي؟؟؟؟

آخر ڳالهه ڇا آهي؟

جواب کپي ٿو ۔۔۔۔ آهي ڪير جو انهن سوالن جا جواب ڳولهي ۽ انهن جو حل ڪڍي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

رب العالمين اوهانکي بري نظر کان بچائي ۽ لک ٿورا جو اوهان سهڻا خيال ونڊ ڪيا آهن ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: 10 شيون جيڪي جاپان کان سکڻ گهرجن

بس ادا الله پاڪ اسان ۾ اهڙي همٿ پيدا ڪري۔ آمين
سهيل محمد لاکو۔ گل حسن لاکو
 
جواب: 10 شيون جيڪي جاپان کان سکڻ گهرجن

سائين نثار سلام

جپاني ماڻهن جي حوصلي ۽ انهن جي ثابت قدمي تي تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان۔ اهو ملڪ جيڪو ڪڏهن قدرتي ته ڪڏهن انساني تباھ ڪارين جي ور چڙهيل هجي پر پوء به پنهنجي محنت، حوصلي، همت ۽ ثابت قدمي سان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي، اهو هڪ قابل تعريف عمل آهي۔

اسان جون دعائون جپاني ماڻهن سان گڏ آهن۔
 
Back
Top