نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! تازو جاپان ۾ جيڪو زلزلو آيو ۽ ان ۾ جيڪا تباهي ٿي سا اسان سڀني پنهنجين اکين سان ڏٺي، سڀ ڪجهه تباهه ٿيو، ماڻهون مئا، زخمي ٿيا، گهر تباهه ٿيا، لڙهي ويا، ملڪيتون ختم ٿي ويون ۽ ماڻهون رستن تي اچي ويا، پر هڪ شئي جاپان مان ختم نه ٿي سا هئي همٿ ۽ ايمانداري، اهڙيون قومون پنهنجي همٿ ۽ ايمانداريءِ سان ٿورڙي ئي عرصي ۾ وري اڳي کان به اڳريون ٿي اڀرنديون آهن ۽ آسمان کي هٿ لائڻ جا گيت ڳائينديون آهن ... پر بزدل ۽ بي ايمان قومون هميشه پستيءَ ۾ ۽ ڪريل زندگي گذارين ٿيون بلڪه اڳ کان به بدتر ۽ بدتر کان به بدتر ٿيندا وڃن ٿا ...
رب العالمين کان دعا آهي ته هو سنڌين ۾ به همٿ ۽ ايمانداريءَ جو جذبو پئدا ڪري ته جيئن اسين موجوده تباهه ڪن ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگيءَ مان پار پئون ۽ هي طوق لاهي ڦٽا ڪريون ... آمين
*****************************
رب العالمين کان دعا آهي ته هو سنڌين ۾ به همٿ ۽ ايمانداريءَ جو جذبو پئدا ڪري ته جيئن اسين موجوده تباهه ڪن ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگيءَ مان پار پئون ۽ هي طوق لاهي ڦٽا ڪريون ... آمين
*****************************
1. صبر؛ هن زلزلي، ٻوڏ ۽ ايٽمي بجلي گهر مان نڪرندڙ مصيبت دوران، هزارين ماڻهون مئا، گهر تباهه ٿيا، زخمي ٿيا ۽ ملڪيتون ختم ٿي ويون پر ڪو خاص روڄ راڙو ۽ پٽڪو نظر نه آيو.
2. بردباري؛ برباد ۽ تباهه حال جاپاني پاڻي ۽ کاڌي وٺڻ لاءِ بردباري ۽ صبر سان قطارن ذريعي پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪندا رهيا ڪنهن به ڪنهنکي ڪو خراب لفظ نه چيو نه جهيڙو ٿيو ۽ نه گارگند ڪيو ويو.
3. اهليت؛ زلزله سهندڙ عمارت سازيءَ سبب، عمارتون لڏيون، هيٺ مٿي ٿيون پر ائين ڌڙام سان اچي نه ڪريون جنهن سبب ايترو موت نه ٿيو جيترو ٿيڻ گهربو هو.
4. ايمانداري؛ ماڻهن اهو ڪجهه خريد ڪيو ۽ پاڻ وٽ رکيو جيترو سندن موجود حالت ۾ ضروري آهي، انڪري ته جيئن سڀني کي ڪجهه حاصل ٿئي.
5. منظم؛ نه دڪان لٽيا ويا، نه شور ڪيو ويو ۽ نه هڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهنکي ڌڪا مليا ... صرف هڪٻئي کي سمجهيو ويو ۽ مدد ڪئي وئي.
6. قرباني؛ 50 ڪارڪن ڀڄڻ جي بجاءِ نيوڪليئر بجلي گهر مان پاڻي ڪڍندا رهيا، ان خيال کان مٿي ته پگهار ملندي يا نه معاوضو ملندو يا نه يا جان هلي ويندي.
7. رحمدلي ۽ محبت؛ هوٽلن کاڌن جون قيمتو گهٽائي ڇڏيون، بئنڪ جا اي ٽي ايم ڪنهن سڪيورٽيءَ کان بغير اڪيلا ڪم ڪندا رهيا، ان هفتي هر ڪنهن ٻي جي ضرورت اڳ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
8. تربيت ۽ تعليم؛ هر هڪ پوڙهي توڙي ٻار کي اها چڱيءِ طرح خبر هئي ته مصيبت جي گهڙين ۾ ڇا ڪرڻو آهي.
9. ميڊيا (اخبارون ۽ ٽي وي) انهن ڪنهن به روئڻ ۽ ڏکن يا مصيبتن جي ذڪر پيش ڪرڻ کان علاوه هنن صبر جي تلقين ڪئي ۽ همٿ ڏياريندا رهيا.
10. ضمير جي صفائي؛ جڏهن اچانڪ بجلي هلي وئي ته ماڻهن دڪانن تان کينل سامان، واپس الماڙين ۾ رکي ڇڏيو ۽ آرام سان ٻاهر نڪري هليا ويا.
اهڙن عملن سبب ئي قومون عظيم ٿينديون آهن ۽ عظيم سڏرائينديون آهن.
هڪ ٻي ڳالهه دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هيٺ جاپان جي شهر ۾ هڪ مسجد جي تصوير آهي، جيتوڻيڪ آس پاس سڀ عمارتون تباهه ٿيون آهن، ۽ نقصان رسيو اٿن، پر هن الله جي گهر کي ڪجهه به نه ٿيو آهي ...
جنهنکي الله رکي تنهنکي ڪير چکي جي ڳالهه جيئان، جنهن گهر ۾ سچي نيت سان الله جي عبادت ٿيندي هجي ته ان گهر ۾ الله جو نور هجي ٿو ته پوءِ ڪير آهي جو ان نور کي وسائي سگهي.
دوستو! اچو ته پنهنجي صبر ۽ ايمان جي سگهه کي وڌايون ۽ پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪريون۔