• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توبن گهر

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

تو بن آ گهر خالي خالي
من جو مندر خالي خالي

موهن ۾ ڪئين مومل ڳوليان
هاڻ آ کنڊر خالي خالي

تون جو ناهين اڄ ڀي منهنجو
قسم تي آڳر خالي خالي

تنهنجو پيار نه پنهنجي جهولي
ڄڻ ته مقدر خالي خالي

مو ته وڇائي غربت خاطر
پوڀي آ چادر خالي خالي

روز ڀريل هوندي آ گوري
اڄ ڇو آ گهاگهر خالي خالي

ويهي ڪنهن سان روح رلايان
روح جو رهبر خالي خالي

اڄ ته گُهلي پئو ساهه ٿو گهٽجي
آهين ڇو اوٿر خالي خالي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: توبن گهر

لڳي ٿو ڪنهن پياري جي اچانڪ جدائي جا جذبات چٽيل آهن۔۔۔ محبت جي اظهار جو شاعر وٽ وري هڪ پنهنجو نمونو هوندو آهي۔۔۔ ڪي ته اظهار ڪندي ڪندي حدون به اورانگهي ويندا آهن۔۔ پر توهان جي شاعري ۾ محبت جو انداز نرالو لڳو۔۔
 
Back
Top