جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
تو بن آ گهر خالي خالي
من جو مندر خالي خالي
موهن ۾ ڪئين مومل ڳوليان
هاڻ آ کنڊر خالي خالي
تون جو ناهين اڄ ڀي منهنجو
قسم تي آڳر خالي خالي
تنهنجو پيار نه پنهنجي جهولي
ڄڻ ته مقدر خالي خالي
مو ته وڇائي غربت خاطر
پوڀي آ چادر خالي خالي
روز ڀريل هوندي آ گوري
اڄ ڇو آ گهاگهر خالي خالي
ويهي ڪنهن سان روح رلايان
روح جو رهبر خالي خالي
اڄ ته گُهلي پئو ساهه ٿو گهٽجي
آهين ڇو اوٿر خالي خالي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
تو بن آ گهر خالي خالي
من جو مندر خالي خالي
موهن ۾ ڪئين مومل ڳوليان
هاڻ آ کنڊر خالي خالي
تون جو ناهين اڄ ڀي منهنجو
قسم تي آڳر خالي خالي
تنهنجو پيار نه پنهنجي جهولي
ڄڻ ته مقدر خالي خالي
مو ته وڇائي غربت خاطر
پوڀي آ چادر خالي خالي
روز ڀريل هوندي آ گوري
اڄ ڇو آ گهاگهر خالي خالي
ويهي ڪنهن سان روح رلايان
روح جو رهبر خالي خالي
اڄ ته گُهلي پئو ساهه ٿو گهٽجي
آهين ڇو اوٿر خالي خالي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد