سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2011۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [JUSTIFY]سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چاهي هو ڪهڙي به قوم يا ذات جو هجي اهو سنڌي آهي۔ [/JUSTIFY][/"b
    [JUSTIFY] ادا افتخار صاحب اسلام عليڪم۔جنهن نيڪ مقصد جنهن جو ذڪر توهان هيٺن لائنين ۾ ڪيوآهي;[/JUSTIFY] [justify] مان چاهيان ٿو ته سنڌي جي پرچار ڪندڙ سوين ويب سائيٽ وجود ۾ اچن ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۽ سمت سان سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ نشونما جو سبب بڻجن ، ۽ اهي سڀ دوست جيڪر تيار ٿيندا ته مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪريڊٽ ملندو سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي [/justify]۔



    [justify]هڪ تمام وڏو ۽ قابل ستائش ڪم ڪيو آٿو،جيڪو توهان جي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت جو ثبوت آهي۔دل اسان جي چوي ٿي ته توهان سان ۽ هن فورم جي ٻين سڀني مانورن ميمبرن سان هڪ ڳاله ونڍ ڪيان۔7 اپريل 2011۔چيف جسٽس آف سنڌ جناب محترم مشير عالم صاحب پنهنجي 13 ٻين مانورن هائي ڪورٽ جي جج صاحبان سان گڏجي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوشين جي دعوت تي ٺٽو وزٽ ڪيو ۽ نيولي کٽيل بار جي آفيس برير(پريزڊنٽ ۽ باڊي جي ٻين ميمبرن ) کي اُوٿ کڻايو۔اسان کي محفل ۾ شرڪت جو موقعو وڪيل صاحبان جي مهربانين سان مليو۔هڪ وڪيل صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته سنڌ ۾ رهندڙ 60 فيصد سنڌي آهن۔جناب چيف صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ اُن وڪيل صاحب کي مخاطب ٿي فرمايوته[/justify]"[justify]مسٽر لکاڻو بهراڻي توهان جي ڳاله کان اسان کي اختلاف آهي۔سنڌ ۾ 60 فيصد سنڌي نه ٿا رهن پر 100فيصد سنڌي ٿارهن۔سنڌ جو هر ماڻهو چاهي ڪهڙي قوم سان به تعلق رکي ٿو اهو سنڌي آهي۔"[/justify]هنن وڌيڪ فرمايو ته;
    [justify]اسان سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان فخر سان چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون۔"[/justify]

    [justify] سائين جن جي انهي بيان جي تصديق،ٺٽو بار ايسوسئشن،لوڪل ايڍمينسٽريشن،ميڍيا۔۽ ٻين ماڻهن جن ان محفل ۾ شرڪت ۡڪئي هئي۔انهن کان ڪري سگهجي ٿي۔هن ڳاله ٻڌائڻ جو مطلب اهو هو ته هاڻي ايڏي وڏي پوسٽ تي ويٺل هستيون بلند بانگ پنهنجي پاڻ کي سنڌي چون ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ٿا ڪن۔الله سائين شل سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان جي دل ۾ چيف جسٽس صاحب جهڙي سوچ پيداڪري ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري۔آمين۔ @};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-

    ]
    [/justify][/size][/color]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    بلڪل سائين ،

    جيڪڏهن اهڙي سوچ هر ڪنهن ۾‌ پيدا ٿئي ۽ هرڪو صرف سنڌي سڏرائي ته هوند تمام ڀلو ٿئي وڃي

    پر سائين ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي رهن سنڌ ۾‌ کائن سنڌ جو سڏرائن به سنڌي پر دل ۾ بغض اٿن

    الله ڪري انهن جي دل صاف ٿئي وڃي

    مون فقير جي اها دعا آهي ته سنڌ هميشه سر سبز ۽ شاداب رهي

    اهڙي قميتي ليک ونڊ ڪرڻ‌تي توهان جي مهرباني

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي



    سائين ميمڻ صاحب لک مهربانيون

    ڪجح ڏينهن کان اواهن جي لکڻين جي ڪمي محسوس ڪري رهيو هئس ۽ اڄ توهان هڪ تمام وڏي ڳالھ ونڊ ڪري مهرباني ڪري ڇڏي۔ بلڪل ڪنهن خطي يا ڪنهن ماڳ تي مستقل رهائش رکندڙ ماڻهو اتان جو ئي مقامي ٿو ٿو وڃي ۽ جج صاحب جي ڳالھ ۾ تمام گهڻو وزن ۽ سچائي آهي۔

    اهڙن ماڻهن کي همٿائڻ سان گڏ انهن کي سلام پيش ڪجي۔ اهڙي سوچ ۽ بهتر عمل ڪرڻ وارن سنڌ جي ماڻهن کي سلام ۽ااوهان جا به ٿورا جو اوهان وقت بوقت سهنيون ڳالهيون ونڊ ڪندا رهو ٿا۔

    رب پاڪ اوهان کي همٿ ڏي ۽ خوش رکي ۔۔۔۔آمين
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي


    منهنجو ووٽ 100 فيصد اوهان سان ادا فقير۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    ادا سليمان مان ان ڳاله سان بلڪل متفق نه آهيان چو ته هي ته اها ئي ڳاله ٿي ته آيو ٽآنڊو کڻن ئي بورچي بڻجي ويو ۔۔۔۔۔ واري ڳاله تي مان يقين ناهيان رکندو
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    ايگري وٿ يو ڊيئر۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    محترم علي علي عراق ۾ وهي اهي ڳالهيون ڪرڻ سوليون آهن پر حقيقتن کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي۔ جن ماڻهن جي هڪ نسل هت پيدا ٿي هجي انهن کي اوهان هتان ڪڍي نه ٿا سگهو۔ اهو فيصلو ان وقت ڪيو ها ته شايد صحيح هجي ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مونکي اهو ٻڌايو ته ڇا ڪراچي ۾ آباد 70 سالن کان رهندڙ خاندانن کي اوهان هتان جو مقامي ماڻهو نه چوندا ؟؟؟ ڇا هنن جو ٻيو يا ٽيون نسل هتي آباد ناهي ٿيو ؟؟؟

    سياسي ڳالهيون ڪرڻ سوليون هونديون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان سمجهان ٿو اسان جي پارٽين چاهي، پ پ هجي، ايم ڪيو ايم هجي يا قومپرست پارٽيون انهن کي ٻيهر ويهي سوچڻو پوندو ۽ حقيقتن کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻا پوندا۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    جي سائين بلڪل ادا .
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    مهنجا سائين اوهان جي ڳاله اکين تي پر اوهان جي نظرئي مطابق ته پوء جي اها حالت رهي ۽ پنجاه يا سٺ سال افغان مهاجر ۽ پٺاڻ سنڌ ۾ رهيا ۽ آباد ٿيندا ويا ته پوء اسان انهن کي سنڌي چوندا سي ۽ انهن کي سنڌين وارا سڀ حق به ڏيڻ جو مطالبو ڪندا سي ۔۔ ؟؟؟؟افسوس ادا جو اوهان جهڙو نوجوان به ان نظريه جو مالڪ آهي جي اسان ان خوش فهمي ۾ رهيا سي ته پوء اهو ڏينهن دور نه آهي جو اهي ئي پٺاڻ افغان ۽ مهاجر اهو چئي ڪري سنڌين کي سنڌ مان تڙي ٻاهر ڪندا ته اسان ته هتي سالن کان نسلن کان رهندا پيا اچون اسان ئي اصل سنڌي آهيون ۽ سنڌ تي به اسان جو ئي حق آهي تڏنهن مان اوهان کين پڇندس ته ادا هاڻي ٻڌايو اوهان جو ڇا نظريو آهي ادا ڌاريو ڌاريو هوندو آهي ڀلي نسلن جا نسل اهو چون ڪٿي رهي ۔ پر اوهان انهن کي گهر جو مالڪ ٻڻائي ڇڏيو اوهان جي ان سوچ سان جهونو متفق نه آهي نه ٿيندو ۔۔۔۔۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    جهوني جي متفق هجڻ سان ڪو فرق ڪونه ٿو پوي۔ ٻيو ته اسان جي آئين کي تبديل ڪرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي۔ ٽيون ته اسان مان اها سگھ ختم ٿي چڪي آهي ۽ اسان صرف کوکلا نعره هڻڻ کانسواء ڪجھ به ڪونه ٿا ڪيون جنهن جو نتيجو اسان روز پيا ڀوھيون۔

    اوهان مون کان پڇڻ جو هق ته رکو ٿا پر اوهان ان مد ۾ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون آهن ۔ انهن جو تفصيل ضرور ونڊ ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا پاڪستان نه کپي۔۔۔۔ڪير ٽوڙيندو پاڪستان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟؟ئ سنڌ خالي ڪريو ۔۔۔۔۔۔ خدارا خدارا اهي نعرا پراڻا، کوکلا ۽ فرسوده ٿي چڪا آهن۔ پنهنجي عملمن ۾ بهتري آنيو ۽ پنهنجي ڪمٽمينت تي پورا لهو ته اوهان جيڪو چاهيندا اهو ٿيندو۔

    ملائيشيا، سريلنڪا ۾ رهندڙ قومون جيڪي پوء آيون انهن کي ڪنهن ڪڍيو آهي ؟؟؟ ڏکڻ آفريڪا ۾ آباد ٿيندڙ گورن کي ڪنهن ڪڍيو آهي ؟؟؟

    لکڻ لاء گهڻو ڪجھ آهي پر مان نعرا ڪونه هڻندو آهيان يا ته خاموشيء سان ڪم ڪندو آهيان يا حقيقتن کي تسليم ڪندو آهيان۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهان زميني حقيقتن کي سمجهي، سوچي پوء ٽيڪا ٽپڻي ڪجو۔ ضروري ناهي ته اوهان جو موقف ساڳيو هجي جيڪو منهنجو آهي، نه ئي وري ڪنهن تي زبردستي ڪري سگهجي ٿي۔
     
  11. اعجاز احمد قريشي

    اعجاز احمد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    استينوگرافر ڊسترڪت ڪورت ٺتو
    ماڳ:
    ٺٽو
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

    سنگت کي سلام.........

    سڀ کان پهرين توهان کي اهو ٻڌائيدو هلان ته مان به اهو خوش نصيب آهيان جيڪو جج صاحبن وارن سان گڏ ان تقريب ۾ موجود هئس.. هن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جج صاحب جي ڳالھ ۾ ڪا صداقت نه هئي. سنڌ ۾ رهڻ وارو هر ماڻهو سنڌي آهي هتي لفظ سنڌي زبان لاءِ نه ٿو استعمال ٿئي پر سنڌ ۾ رهڻ لاءِ ٿو استعمال ٿئي، اگر زبان لاٰءِ استعمال ٿئي ها ته پوءِ پنجابي پنهنجو پاڻ کي سنڌي ڪيئن سڏرائي ها. اگر ڪو پنهنجو پاڻ کي سنڌي نه ٿو سڏرائي اهو ان جو ضمير آهي جيڪواسان جي سنڌ جو کائي ٿو پوءِ به پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو نه ٿو سڏرائي اها ان جي مرضي. منهنجي نظر ۾ هي اهڙو موضوع آهي جنهن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ سان عزت جو سوال به پيدا ٿي سگهي ٿو . چوندا آهن ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.. ان ڪري وڌيڪ هن موضوع کي ڇيڙڻ نه گهرجي... آخر ۾ جج صاحب جي ڳالھ کي اهميت ڏيندي اهو ئي چوندس ته مون کي به فخر آهي ته مان سنڌي آهيان......
    دعائن ۾ ياد...
    سدائين گڏ....
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو