غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چاهي هو ڪهڙي به قوم يا ذات جو هجي اهو سنڌي آهي۔
[/"b ادا افتخار صاحب اسلام عليڪم۔جنهن نيڪ مقصد جنهن جو ذڪر توهان هيٺن لائنين ۾ ڪيوآهي;
مان چاهيان ٿو ته سنڌي جي پرچار ڪندڙ سوين ويب سائيٽ وجود ۾ اچن ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۽ سمت سان سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ نشونما جو سبب بڻجن ، ۽ اهي سڀ دوست جيڪر تيار ٿيندا ته مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪريڊٽ ملندو سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي
۔هڪ تمام وڏو ۽ قابل ستائش ڪم ڪيو آٿو،جيڪو توهان جي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت جو ثبوت آهي۔دل اسان جي چوي ٿي ته توهان سان ۽ هن فورم جي ٻين سڀني مانورن ميمبرن سان هڪ ڳاله ونڍ ڪيان۔7 اپريل 2011۔چيف جسٽس آف سنڌ جناب محترم مشير عالم صاحب پنهنجي 13 ٻين مانورن هائي ڪورٽ جي جج صاحبان سان گڏجي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوشين جي دعوت تي ٺٽو وزٽ ڪيو ۽ نيولي کٽيل بار جي آفيس برير(پريزڊنٽ ۽ باڊي جي ٻين ميمبرن ) کي اُوٿ کڻايو۔اسان کي محفل ۾ شرڪت جو موقعو وڪيل صاحبان جي مهربانين سان مليو۔هڪ وڪيل صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته سنڌ ۾ رهندڙ 60 فيصد سنڌي آهن۔جناب چيف صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ اُن وڪيل صاحب کي مخاطب ٿي فرمايوته
"مسٽر لکاڻو بهراڻي توهان جي ڳاله کان اسان کي اختلاف آهي۔سنڌ ۾ 60 فيصد سنڌي نه ٿا رهن پر 100فيصد سنڌي ٿارهن۔سنڌ جو هر ماڻهو چاهي ڪهڙي قوم سان به تعلق رکي ٿو اهو سنڌي آهي۔"
هنن وڌيڪ فرمايو ته;اسان سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان فخر سان چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون۔"
سائين جن جي انهي بيان جي تصديق،ٺٽو بار ايسوسئشن،لوڪل ايڍمينسٽريشن،ميڍيا۔۽ ٻين ماڻهن جن ان محفل ۾ شرڪت ۡڪئي هئي۔انهن کان ڪري سگهجي ٿي۔هن ڳاله ٻڌائڻ جو مطلب اهو هو ته هاڻي ايڏي وڏي پوسٽ تي ويٺل هستيون بلند بانگ پنهنجي پاڻ کي سنڌي چون ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ٿا ڪن۔الله سائين شل سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان جي دل ۾ چيف جسٽس صاحب جهڙي سوچ پيداڪري ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري۔آمين۔ @};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-
]
]
[/size][/color]