• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چاهي هو ڪهڙي به قوم يا ذات جو هجي اهو سنڌي آهي۔
[/"b
ادا افتخار صاحب اسلام عليڪم۔جنهن نيڪ مقصد جنهن جو ذڪر توهان هيٺن لائنين ۾ ڪيوآهي;
مان چاهيان ٿو ته سنڌي جي پرچار ڪندڙ سوين ويب سائيٽ وجود ۾ اچن ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۽ سمت سان سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ نشونما جو سبب بڻجن ، ۽ اهي سڀ دوست جيڪر تيار ٿيندا ته مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪريڊٽ ملندو سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي
۔

هڪ تمام وڏو ۽ قابل ستائش ڪم ڪيو آٿو،جيڪو توهان جي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت جو ثبوت آهي۔دل اسان جي چوي ٿي ته توهان سان ۽ هن فورم جي ٻين سڀني مانورن ميمبرن سان هڪ ڳاله ونڍ ڪيان۔7 اپريل 2011۔چيف جسٽس آف سنڌ جناب محترم مشير عالم صاحب پنهنجي 13 ٻين مانورن هائي ڪورٽ جي جج صاحبان سان گڏجي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوشين جي دعوت تي ٺٽو وزٽ ڪيو ۽ نيولي کٽيل بار جي آفيس برير(پريزڊنٽ ۽ باڊي جي ٻين ميمبرن ) کي اُوٿ کڻايو۔اسان کي محفل ۾ شرڪت جو موقعو وڪيل صاحبان جي مهربانين سان مليو۔هڪ وڪيل صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته سنڌ ۾ رهندڙ 60 فيصد سنڌي آهن۔جناب چيف صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ اُن وڪيل صاحب کي مخاطب ٿي فرمايوته
"
مسٽر لکاڻو بهراڻي توهان جي ڳاله کان اسان کي اختلاف آهي۔سنڌ ۾ 60 فيصد سنڌي نه ٿا رهن پر 100فيصد سنڌي ٿارهن۔سنڌ جو هر ماڻهو چاهي ڪهڙي قوم سان به تعلق رکي ٿو اهو سنڌي آهي۔"
هنن وڌيڪ فرمايو ته;
اسان سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان فخر سان چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون۔"

سائين جن جي انهي بيان جي تصديق،ٺٽو بار ايسوسئشن،لوڪل ايڍمينسٽريشن،ميڍيا۔۽ ٻين ماڻهن جن ان محفل ۾ شرڪت ۡڪئي هئي۔انهن کان ڪري سگهجي ٿي۔هن ڳاله ٻڌائڻ جو مطلب اهو هو ته هاڻي ايڏي وڏي پوسٽ تي ويٺل هستيون بلند بانگ پنهنجي پاڻ کي سنڌي چون ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ٿا ڪن۔الله سائين شل سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان جي دل ۾ چيف جسٽس صاحب جهڙي سوچ پيداڪري ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري۔آمين۔ @};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-

]
[/size][/color]
 
جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

۔هن ڳاله ٻڌائڻ جو مطلب اهو هو ته هاڻي ايڏي وڏي پوسٽ تي ويٺل هستيون بلند بانگ پنهنجي پاڻ کي سنڌي چون ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ٿا ڪن۔الله سائين شل سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان جي دل ۾ چيف جسٽس صاحب جهڙي سوچ پيداڪري ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري۔آمين

بلڪل سائين ،

جيڪڏهن اهڙي سوچ هر ڪنهن ۾‌ پيدا ٿئي ۽ هرڪو صرف سنڌي سڏرائي ته هوند تمام ڀلو ٿئي وڃي

پر سائين ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي رهن سنڌ ۾‌ کائن سنڌ جو سڏرائن به سنڌي پر دل ۾ بغض اٿن

الله ڪري انهن جي دل صاف ٿئي وڃي

مون فقير جي اها دعا آهي ته سنڌ هميشه سر سبز ۽ شاداب رهي

اهڙي قميتي ليک ونڊ ڪرڻ‌تي توهان جي مهرباني

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

مسٽر لکاڻو بهراڻي توهان جي ڳاله کان اسان کي اختلاف آهي۔سنڌ ۾ 60 فيصد سنڌي نه ٿا رهن پر 100فيصد سنڌي ٿارهن۔سنڌ جو هر ماڻهو چاهي ڪهڙي قوم سان به تعلق رکي ٿو اهو سنڌي آهي۔"

سائين ميمڻ صاحب لک مهربانيون

ڪجح ڏينهن کان اواهن جي لکڻين جي ڪمي محسوس ڪري رهيو هئس ۽ اڄ توهان هڪ تمام وڏي ڳالھ ونڊ ڪري مهرباني ڪري ڇڏي۔ بلڪل ڪنهن خطي يا ڪنهن ماڳ تي مستقل رهائش رکندڙ ماڻهو اتان جو ئي مقامي ٿو ٿو وڃي ۽ جج صاحب جي ڳالھ ۾ تمام گهڻو وزن ۽ سچائي آهي۔

اهڙن ماڻهن کي همٿائڻ سان گڏ انهن کي سلام پيش ڪجي۔ اهڙي سوچ ۽ بهتر عمل ڪرڻ وارن سنڌ جي ماڻهن کي سلام ۽ااوهان جا به ٿورا جو اوهان وقت بوقت سهنيون ڳالهيون ونڊ ڪندا رهو ٿا۔

رب پاڪ اوهان کي همٿ ڏي ۽ خوش رکي ۔۔۔۔آمين
 
جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

بلڪل سائين ،

جيڪڏهن اهڙي سوچ هر ڪنهن ۾‌ پيدا ٿئي ۽ هرڪو صرف سنڌي سڏرائي ته هوند تمام ڀلو ٿئي وڃي

پر سائين ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي رهن سنڌ ۾‌ کائن سنڌ جو سڏرائن به سنڌي پر دل ۾ بغض اٿن

الله ڪري انهن جي دل صاف ٿئي وڃي

مون فقير جي اها دعا آهي ته سنڌ هميشه سر سبز ۽ شاداب رهي

اهڙي قميتي ليک ونڊ ڪرڻ‌تي توهان جي مهرباني

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ

منهنجو ووٽ 100 فيصد اوهان سان ادا فقير۔
 
جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

سائين ميمڻ صاحب لک مهربانيون

ڪجح ڏينهن کان اواهن جي لکڻين جي ڪمي محسوس ڪري رهيو هئس ۽ اڄ توهان هڪ تمام وڏي ڳالھ ونڊ ڪري مهرباني ڪري ڇڏي۔ بلڪل ڪنهن خطي يا ڪنهن ماڳ تي مستقل رهائش رکندڙ ماڻهو اتان جو ئي مقامي ٿو ٿو وڃي ۽ جج صاحب جي ڳالھ ۾ تمام گهڻو وزن ۽ سچائي آهي۔

اهڙن ماڻهن کي همٿائڻ سان گڏ انهن کي سلام پيش ڪجي۔ اهڙي سوچ ۽ بهتر عمل ڪرڻ وارن سنڌ جي ماڻهن کي سلام ۽ااوهان جا به ٿورا جو اوهان وقت بوقت سهنيون ڳالهيون ونڊ ڪندا رهو ٿا۔

رب پاڪ اوهان کي همٿ ڏي ۽ خوش رکي ۔۔۔۔آمين

ادا سليمان مان ان ڳاله سان بلڪل متفق نه آهيان چو ته هي ته اها ئي ڳاله ٿي ته آيو ٽآنڊو کڻن ئي بورچي بڻجي ويو ۔۔۔۔۔ واري ڳاله تي مان يقين ناهيان رکندو
 
جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

ادا سليمان مان ان ڳاله سان بلڪل متفق نه آهيان چو ته هي ته اها ئي ڳاله ٿي ته آيو ٽآنڊو کڻن ئي بورچي بڻجي ويو ۔۔۔۔۔ واري ڳاله تي مان يقين ناهيان رکندو

محترم علي علي عراق ۾ وهي اهي ڳالهيون ڪرڻ سوليون آهن پر حقيقتن کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي۔ جن ماڻهن جي هڪ نسل هت پيدا ٿي هجي انهن کي اوهان هتان ڪڍي نه ٿا سگهو۔ اهو فيصلو ان وقت ڪيو ها ته شايد صحيح هجي ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مونکي اهو ٻڌايو ته ڇا ڪراچي ۾ آباد 70 سالن کان رهندڙ خاندانن کي اوهان هتان جو مقامي ماڻهو نه چوندا ؟؟؟ ڇا هنن جو ٻيو يا ٽيون نسل هتي آباد ناهي ٿيو ؟؟؟

سياسي ڳالهيون ڪرڻ سوليون هونديون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان سمجهان ٿو اسان جي پارٽين چاهي، پ پ هجي، ايم ڪيو ايم هجي يا قومپرست پارٽيون انهن کي ٻيهر ويهي سوچڻو پوندو ۽ حقيقتن کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻا پوندا۔
 
مهنجا سائين اوهان جي ڳاله اکين تي پر اوهان جي نظرئي مطابق ته پوء جي اها حالت رهي ۽ پنجاه يا سٺ سال افغان مهاجر ۽ پٺاڻ سنڌ ۾ رهيا ۽ آباد ٿيندا ويا ته پوء اسان انهن کي سنڌي چوندا سي ۽ انهن کي سنڌين وارا سڀ حق به ڏيڻ جو مطالبو ڪندا سي ۔۔ ؟؟؟؟افسوس ادا جو اوهان جهڙو نوجوان به ان نظريه جو مالڪ آهي جي اسان ان خوش فهمي ۾ رهيا سي ته پوء اهو ڏينهن دور نه آهي جو اهي ئي پٺاڻ افغان ۽ مهاجر اهو چئي ڪري سنڌين کي سنڌ مان تڙي ٻاهر ڪندا ته اسان ته هتي سالن کان نسلن کان رهندا پيا اچون اسان ئي اصل سنڌي آهيون ۽ سنڌ تي به اسان جو ئي حق آهي تڏنهن مان اوهان کين پڇندس ته ادا هاڻي ٻڌايو اوهان جو ڇا نظريو آهي ادا ڌاريو ڌاريو هوندو آهي ڀلي نسلن جا نسل اهو چون ڪٿي رهي ۔ پر اوهان انهن کي گهر جو مالڪ ٻڻائي ڇڏيو اوهان جي ان سوچ سان جهونو متفق نه آهي نه ٿيندو ۔۔۔۔۔
 
جهوني جي متفق هجڻ سان ڪو فرق ڪونه ٿو پوي۔ ٻيو ته اسان جي آئين کي تبديل ڪرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي۔ ٽيون ته اسان مان اها سگھ ختم ٿي چڪي آهي ۽ اسان صرف کوکلا نعره هڻڻ کانسواء ڪجھ به ڪونه ٿا ڪيون جنهن جو نتيجو اسان روز پيا ڀوھيون۔

اوهان مون کان پڇڻ جو هق ته رکو ٿا پر اوهان ان مد ۾ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون آهن ۔ انهن جو تفصيل ضرور ونڊ ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا پاڪستان نه کپي۔۔۔۔ڪير ٽوڙيندو پاڪستان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟؟ئ سنڌ خالي ڪريو ۔۔۔۔۔۔ خدارا خدارا اهي نعرا پراڻا، کوکلا ۽ فرسوده ٿي چڪا آهن۔ پنهنجي عملمن ۾ بهتري آنيو ۽ پنهنجي ڪمٽمينت تي پورا لهو ته اوهان جيڪو چاهيندا اهو ٿيندو۔

ملائيشيا، سريلنڪا ۾ رهندڙ قومون جيڪي پوء آيون انهن کي ڪنهن ڪڍيو آهي ؟؟؟ ڏکڻ آفريڪا ۾ آباد ٿيندڙ گورن کي ڪنهن ڪڍيو آهي ؟؟؟

لکڻ لاء گهڻو ڪجھ آهي پر مان نعرا ڪونه هڻندو آهيان يا ته خاموشيء سان ڪم ڪندو آهيان يا حقيقتن کي تسليم ڪندو آهيان۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهان زميني حقيقتن کي سمجهي، سوچي پوء ٽيڪا ٽپڻي ڪجو۔ ضروري ناهي ته اوهان جو موقف ساڳيو هجي جيڪو منهنجو آهي، نه ئي وري ڪنهن تي زبردستي ڪري سگهجي ٿي۔
 
جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي

سنگت کي سلام.........

سڀ کان پهرين توهان کي اهو ٻڌائيدو هلان ته مان به اهو خوش نصيب آهيان جيڪو جج صاحبن وارن سان گڏ ان تقريب ۾ موجود هئس.. هن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جج صاحب جي ڳالھ ۾ ڪا صداقت نه هئي. سنڌ ۾ رهڻ وارو هر ماڻهو سنڌي آهي هتي لفظ سنڌي زبان لاءِ نه ٿو استعمال ٿئي پر سنڌ ۾ رهڻ لاءِ ٿو استعمال ٿئي، اگر زبان لاٰءِ استعمال ٿئي ها ته پوءِ پنجابي پنهنجو پاڻ کي سنڌي ڪيئن سڏرائي ها. اگر ڪو پنهنجو پاڻ کي سنڌي نه ٿو سڏرائي اهو ان جو ضمير آهي جيڪواسان جي سنڌ جو کائي ٿو پوءِ به پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو نه ٿو سڏرائي اها ان جي مرضي. منهنجي نظر ۾ هي اهڙو موضوع آهي جنهن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ سان عزت جو سوال به پيدا ٿي سگهي ٿو . چوندا آهن ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.. ان ڪري وڌيڪ هن موضوع کي ڇيڙڻ نه گهرجي... آخر ۾ جج صاحب جي ڳالھ کي اهميت ڏيندي اهو ئي چوندس ته مون کي به فخر آهي ته مان سنڌي آهيان......
دعائن ۾ ياد...
سدائين گڏ....
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top