ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛
    [​IMG]

    هڪ دفعي هڪ ڏاهو شخص هڪ ڳوٺ کان گذري رهيو هو ته، هڪ مغرور ۽ ڪاوڙيل نوجوان شخص اچي کيس ٽڪرايو، جنهن اچڻ سان سندس بيعزتي ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ زور سان چوڻ لڳو ته؛
    ” توکي ڪو حق ناهي ته تون ٻين کي وتين سبق پڙهائيندو“
    ”تون پڻ ٻين جهڙو هڪ جاهل آهين“
    ”تون ڪجهه به ناهين پر هڪ نقلي استاد آهين“
    ”صرف ڏاهي هجڻ جو ڍونگ ٿو ڪرين“ وغيره وغيره

    ڏاهي شخص، اهو سڀ صبر سان بڌندي سهندي، جڏهن نوجوان ڪجهه ٿڌو ٿيو ته چيائين؛
    ” نوجوان، ٻڌاءِ ڀلا جيڪڏهن تون ڪنهن لاءِ ڪو تحفو خريد ڪرين، ۽ اهو ماڻهون ان تحفي کي قبول نه ڪري ته پوءِ اهو تحفو ڪنهنجو ٿيو؟“

    نوجوان وائڙو ٿي ويو ته هي ڪهڙو سوال ڪيو اٿس، نوجوان ورندي ڏني ته، ” اهو تحفو منهنجو ٿيندو، ڇاڪاڻ مون خريد ڪيو آهي“

    ڏاهي جي منهن تي مرڪ آئي، ۽ چيائين؛ ” بلڪل سهي، ۽ ساڳيءَ طرح سان تنهنجو معاملو ٿيو تنهنجي ڪاوڙ سان، جيڪڏهن تون مونسان ڪاوڙ ڪرين ۽ آءُ انجو پاڻ تي اثر نه وٺان ته پوءِ اها ڪاوڙ توتي ئي اثر ڪندي، مون تي نه، ان ڪاوڙ سان تون ئي ناخوش ٿيندي آءُ نه، تو هن وقت صرف پاڻکي ئي زخم رسايو آهي“.

    جيڪڏهن تون پاڻکي زخمي ۽ ڏکيارو ڪرڻ نٿو چاهين ته توکي پنهنجي ڪاوڙ کان نڪرڻو پوندو، ۽ بجاءِ ڪاوڙ جي ٻين سان پيار ڀريو رويو اختيار ڪرڻو آهي، جڏهن اوهين ٻين سان نفرت ڪريو ٿا ته اوهين پاڻ کي گهاٽي ۾ وجهو ٿا. پر جڏهن اوهان ٻين سان پيار ڪريو ٿا ته سڀني کي فائدو ٿئي ٿو.“

    نوجوان ڏاهي جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو، کيس ڳالهه سمجه ۾ آئي ته چيائين، ” بلڪل اوهين سچا آهيو، اوهان حق تي آهيو،“

    ” ڇا اوهين مونکي پيار ڪرڻ جو طريقو سيکاريندا“ آءُ اوهانجي شآگرديءِ ۾ اچڻ گهرانٿو“

    ڏاهي شفقت سان وراڻيو، ڇو نه! آءُ هر ان شخص کي سڌي راهه ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن جي من ۾ سکڻ جي آشا آهي“
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    سائين نثار سلام

    تمام سهڻي ۽ نصيحت آموز ڪهاڻي ونڊ ڪئي وئي آهي اوهان طرفان

    پيار ورهايو ۽ نفرتون ختم ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش ان سلوگن تي ڪم ڪيو وڃي ته امن ئي امن هوندو
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    جي سائين بلڪل توهان جو ليک لائقِ ستائش آهي بس لطيف سرڪار جو هڪڙو شعر پيش ڪندس
    هو چونئي تون ۾َ چؤ واتان ورائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي
    پاند ۾ ويو پائي ڪيني وارو ڪينڪي
    وسلام
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    سائين تمام بهترين نصيحت ڀريو ونڊ آهي ۔
    اوهان جي مهرباني ۔
     
  5. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    ادا انتهائي سهڻي ونڊ آهي
    ادا اوهان صحيح چيو
    ادا شال اسان اها سمجهي سگهون
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    انتهائي سبق آموز ڪهاڻي آهي سائين

    اهڙي بهترين ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    مطلب ته ڪاوڙ مان ڪجهه به نه ورندو آهي

    اسان کي پيار ۽ محبت مان ڪم وٺڻ گهرجي

    بهترين ونڊ آهي سائين جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  7. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    تمام بهترين لاجواب ڪهاڻي
    نا سمجهه لا قصو سمجهه واري لا سمجهاڻي
    بهترين سائين نثار صاحب
     
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

    نثار ابڙو صاحب۔اسلام عليڪم۔توهان هڪ دفعو واري هڪ بهترين ۽ بامعني ڪهاڻي هن محبت ڀريئي آڳڻ جي ڪينوس تي آجاگر ڪري ،اسان سڀني ميمبرن جي رهنمائي ڪئي آهي۔ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ نه اهي ته پيار ۽ محبت واري ڳاله جو اثر دلين تي گهڻي دير رهندو آهي جڏهن ته غصي ۽ ڪاوڙ ۾ چيل ڳاله جو اثر ابتڙ ٿيندو آهي۔ڏاهن جو فرمان آهي ته:سٺي ۽ پيار واري انداز ۾ خراب ۽ غلط ڳاله به خراب نه لڳندي آهي،جڏهن ته ڪاوڙيل ۽ تلخ لهجي ۾ چيل سٺي ڳاله خراب اثر ڪندي آهي۔انسان جيڪڏهن محبت ۽ صحيحي انداز ۾ ڳاله ڪرڻ لڳن ته يقينن هئي دنيا جنت جو مثل ٿي ويندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو