نثارابڙو
نائب منتظم
ڏاهو مفڪر ۽ جاهل شخص؛

http://imageshack.us
هڪ دفعي هڪ ڏاهو شخص هڪ ڳوٺ کان گذري رهيو هو ته، هڪ مغرور ۽ ڪاوڙيل نوجوان شخص اچي کيس ٽڪرايو، جنهن اچڻ سان سندس بيعزتي ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ زور سان چوڻ لڳو ته؛
” توکي ڪو حق ناهي ته تون ٻين کي وتين سبق پڙهائيندو“
”تون پڻ ٻين جهڙو هڪ جاهل آهين“
”تون ڪجهه به ناهين پر هڪ نقلي استاد آهين“
”صرف ڏاهي هجڻ جو ڍونگ ٿو ڪرين“ وغيره وغيره
ڏاهي شخص، اهو سڀ صبر سان بڌندي سهندي، جڏهن نوجوان ڪجهه ٿڌو ٿيو ته چيائين؛
” نوجوان، ٻڌاءِ ڀلا جيڪڏهن تون ڪنهن لاءِ ڪو تحفو خريد ڪرين، ۽ اهو ماڻهون ان تحفي کي قبول نه ڪري ته پوءِ اهو تحفو ڪنهنجو ٿيو؟“
نوجوان وائڙو ٿي ويو ته هي ڪهڙو سوال ڪيو اٿس، نوجوان ورندي ڏني ته، ” اهو تحفو منهنجو ٿيندو، ڇاڪاڻ مون خريد ڪيو آهي“
ڏاهي جي منهن تي مرڪ آئي، ۽ چيائين؛ ” بلڪل سهي، ۽ ساڳيءَ طرح سان تنهنجو معاملو ٿيو تنهنجي ڪاوڙ سان، جيڪڏهن تون مونسان ڪاوڙ ڪرين ۽ آءُ انجو پاڻ تي اثر نه وٺان ته پوءِ اها ڪاوڙ توتي ئي اثر ڪندي، مون تي نه، ان ڪاوڙ سان تون ئي ناخوش ٿيندي آءُ نه، تو هن وقت صرف پاڻکي ئي زخم رسايو آهي“.
جيڪڏهن تون پاڻکي زخمي ۽ ڏکيارو ڪرڻ نٿو چاهين ته توکي پنهنجي ڪاوڙ کان نڪرڻو پوندو، ۽ بجاءِ ڪاوڙ جي ٻين سان پيار ڀريو رويو اختيار ڪرڻو آهي، جڏهن اوهين ٻين سان نفرت ڪريو ٿا ته اوهين پاڻ کي گهاٽي ۾ وجهو ٿا. پر جڏهن اوهان ٻين سان پيار ڪريو ٿا ته سڀني کي فائدو ٿئي ٿو.“
نوجوان ڏاهي جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو، کيس ڳالهه سمجه ۾ آئي ته چيائين، ” بلڪل اوهين سچا آهيو، اوهان حق تي آهيو،“
” ڇا اوهين مونکي پيار ڪرڻ جو طريقو سيکاريندا“ آءُ اوهانجي شآگرديءِ ۾ اچڻ گهرانٿو“
ڏاهي شفقت سان وراڻيو، ڇو نه! آءُ هر ان شخص کي سڌي راهه ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن جي من ۾ سکڻ جي آشا آهي“