سانگهڙ ويجهو کپرو روڊ تي باکوڙو موري وٽ منجهد ڏيڍ وڳي ڌاري ٽن گاڏين هڪ لينڊ ڪروزر، هڪ ڪار ۽ ڊبل ڪيبين گاڏي ۾ سوار هٿياربندن ڪار نمبر اي آر ڊبليو 028 ، تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ڪار روڊ کان هيٺ ڪچي ۾ لهي وئي، هٿياربندن فائرنگ کان پوءِ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ جو مرڪزي وائيس چيئرمين قربان کهاوڙ، ڊپٽي سيڪريٽري روپلو چولياڻي، ۽ ماسات جکراڻي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو نورالله تنيو زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ تي پهتا، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي، ڳوٺاڻا زخمي نور الله تنيو کي سانگهڙ اسپتال آندو پئي ته رستي ۾ پوليس روڪي ورتو، جنهن دوران ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو حالت خراب هجڻ سبب ان کي حيدرآباد موڪليو ويو، ڊاڪٽرن موجب سندس 70 سيڪڙو جسم سڙي چڪو آهي، ان کي گوليون به لڳل آهن، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، اڪبر مري، مير عالم مري ۽ ٻيا سوين ڪارڪن سانگهڙ سول اسپتال پهتا ۽ اڳواڻن جا لاش وصول ڪيا، هن کان اڳ لاشن جو پوسٽ مارتم ڪيو ويو، لاش مڪمل طور تي سڙي ويا هئا، قربان کهاوڙ جو لاش شهدادڪوٽ ۽ روپلو چولياڻي جو لاش وارهه موڪليو ويو، ڪارڪنن سانگهڙ سول اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو،