• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سنڌ جي آزادي پسند تنظيم جسمم (جيئي سنڌ متحده محاذ) جا ٽي مرڪزي اڳواڻ لاڙڪاڻا سان تعلق رکندڙ وائيس چيئرمين سرائي قربان کهاوڙ، شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ ڪارڪن روپلو چولياڻي ۽ نور الله تنيو سانگهڙ ويجهو هٿياربندن جي هڪ حملي ۾ مارجي ويا آهن۔۔ هٿياربندن ڪار ۾ سوار ڪارڪنن تي گوليون وسائڻ کان پوءِ ان کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ٽئي اڳواڻ هلاڪ ٿي ويا۔۔ ذريعن موجب چوٿون ماڻهو جيڪو ڊرائيور آهي اهو به هلاڪ ٿي ويو آهي۔۔۔۔​
بي بي سي جي هن لنڪ تي وڌيڪ تفصيل ملي سگهي ٿي۔۔
http://www.bbc.co.uk/urdu/pakistan/2011/04/110421_nationalist_killed_rwa.shtml
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

سانگهڙ ويجهو کپرو روڊ تي باکوڙو موري وٽ منجهد ڏيڍ وڳي ڌاري ٽن گاڏين هڪ لينڊ ڪروزر، هڪ ڪار ۽ ڊبل ڪيبين گاڏي ۾ سوار هٿياربندن ڪار نمبر اي آر ڊبليو 028 ، تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ڪار روڊ کان هيٺ ڪچي ۾ لهي وئي، هٿياربندن فائرنگ کان پوءِ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ جو مرڪزي وائيس چيئرمين قربان کهاوڙ، ڊپٽي سيڪريٽري روپلو چولياڻي، ۽ ماسات جکراڻي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو نورالله تنيو زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ تي پهتا، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي، ڳوٺاڻا زخمي نور الله تنيو کي سانگهڙ اسپتال آندو پئي ته رستي ۾ پوليس روڪي ورتو، جنهن دوران ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو حالت خراب هجڻ سبب ان کي حيدرآباد موڪليو ويو، ڊاڪٽرن موجب سندس 70 سيڪڙو جسم سڙي چڪو آهي، ان کي گوليون به لڳل آهن، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، اڪبر مري، مير عالم مري ۽ ٻيا سوين ڪارڪن سانگهڙ سول اسپتال پهتا ۽ اڳواڻن جا لاش وصول ڪيا، هن کان اڳ لاشن جو پوسٽ مارتم ڪيو ويو، لاش مڪمل طور تي سڙي ويا هئا، قربان کهاوڙ جو لاش شهدادڪوٽ ۽ روپلو چولياڻي جو لاش وارهه موڪليو ويو، ڪارڪنن سانگهڙ سول اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو،

تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي ته گهٽ آهي۔ سنڌ جي ڪونڌرن جو ائين ڪسجڻ ڏسي ، دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي پر نه ته ڪو ورنائڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪو سهارو ڏيڻ وارو آهي۔ خبر ناهي ڇو هيء قوم پنهنجي جوڌن جون جوانيون وڃائي پوء به خاموش آهي۔ خبر ناهي ڇو اسان جون وفاق پرست ۽ قوم پورست ڌريون اهڙن واقعن تي به ڇڙ وڇڙ ۽ الڳ الڳ آهن۔ ڪابه سنجيده تحريڪ نظر ڪانه ٿي اچي۔ اسان گهڻو جذباتي ٿي بغير ڪنهن پلاننگ جي پنهنجو پاڻ کي موت جي ويجهو وٺي ٿا وڃون۔

سنڌ جي هن ڪونڌرن جي ڪسڻ تي سنڌ سلامت جو سمورو ساٿ سندن وارثن سان هن ڏک جي گهڙيء ۾ گڏ آهي۔
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

ادا اهي پنهنجي قوم لاء شهيد آهن انهن کي مرده ن چئجي ڇاڪاڻ ت هو سر ت ڏنو پر سنڌ جي مير پير ۽ وڏيري وانگر سنڌ جو سودو ن ڪيو اسان ڳنهن قوم جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

سنڌ جي جوڌن جو هي قتل ڪو نئون نه آهي
سنڌ امڙ لئه قرني ڏيندي جيڪي به شهيد ٿيا آهن اسا انهن جا وارس اهو پڪو په ٿا ڪيون ته پلئه ڪندس پلئه ڪندس اي وقت توسان آ وچن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

سنڌ امڙ لئه قربانين جو سلسلو اڄ جو نه آهي پر سنڌ جي جوڌن هميشه تاريخ ۾ پاڻ ملهايو آ
پوء ترخان هجن ٿا ارغون هجن يا انگريز سامراج هجي يا انهن جا حواري ساٿاري هجن هميشه سنڌ جي جوڌن ڳڀرن انهن سان مهاڏو اٽڪا يو آ ۽ انهن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو آ هي اڄ جو پنجاب جي بيٺڪيت هجي يا ڌارين جي يلغار هجي انهن سان جيڪو به مهاڏو اٽڪانئيندو اهو سنڌ جو سچو حلالي پٽ آهي ۽ فتح هميشه حق سچ جي ٿي آهي
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي ته گهٽ آهي۔ سنڌ جي ڪونڌرن جو ائين ڪسجڻ ڏسي ، دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي پر نه ته ڪو ورنائڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪو سهارو ڏيڻ وارو آهي۔ خبر ناهي ڇو هيء قوم پنهنجي جوڌن جون جوانيون وڃائي پوء به خاموش آهي۔ خبر ناهي ڇو اسان جون وفاق پرست ۽ قوم پورست ڌريون اهڙن واقعن تي به ڇڙ وڇڙ ۽ الڳ الڳ آهن۔ ڪابه سنجيده تحريڪ نظر ڪانه ٿي اچي۔ اسان گهڻو جذباتي ٿي بغير ڪنهن پلاننگ جي پنهنجو پاڻ کي موت جي ويجهو وٺي ٿا وڃون۔

سائين سليمان صاحب توهان بلڪل درست آهيو


وڏي ڏک واري خبر آهي الله پاڪ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلي جڳهه عطا فرمائي

۽ سندن پونيرئن کي صبر جي تلقين عطا ڪري


آمين
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا


اي سنڌ توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن ماڪ ڦڙ، ڪنهن لڙڪ ڦڙا،
جن توکي پنهنجو رت ڏنـو، سي سڀ کـــان پاڻ ملهـــائي ويــا۔

گهـــوڙن ۽ گهــــوٽـــن جيئــــڻ ٿـــــورا ڏينـهنـــــڙا،
ڪڏهن منجهن ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا۔


دوستو! جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، جيترو ماتم ڪجي گهٽ آهي، جيترو روئجي گهٽ آهي، اهو روئڻ دوستن جي شهيد ٿيڻ جو ناهي، ڇاڪاڻ زنده قومون پنهنجن شهيدن تي ماتم نه پر خوشيون ملهائينديون آهن ته هنن وٽ ڪونڌر موجود آهن ۽ سنڌ خاطر اسين کلندي قربانيون ڏيندا سون نه ڪي روئيندي ۽ ماتم ڪندي، شهيدن تي فخر ڪرڻو آهي نه ڪي روئڻو آهي، شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته انهن جي ڏسيل راهه تي قوم کي متحد ڪجي ۔۔۔

ها روئڻ آهي ته سنڌي قوم جي جهالت ۽ بي وسيءَ جو، روئڻ آهي ته سنڌين جو غلامي ۽ ظلم کي برداشت ڪرڻ جو ۽ روئڻ آهي ته سنڌين جي ڇڙواڳي ۽ نا چاڪائيءَ جو ۔۔۔ روئڻ آهي ته پنهنجن جي غدارين جو، روئڻ آهي ته سنڌين جي گهٽيا ۽ ڪريل سوچ جو ۔۔۔

جنهن ڏينهن قوم متحد ٿي پنهنجن ڪونڌرن جي وارثي ڪرڻ شروع ڪندي ان ڏينهن انهن ڪونڌرن جي قربانيءَ جو ڦل ملڻ شروع ٿيندو ۔۔۔

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

رب العالمين جي در دعا آهي ته سنڌي متحد ٿي، ايڪو قائم ڪري سنڌ دشمنن کي سڃاڻي وٺن ۽ ملڪ جي مالڪي ڪن ۔۔۔ آمين
 
جواب: جسمم جا 3 مرڪزي اڳواڻ هڪ حملي ۾ مارجي ويا

اسان جون قربانيون راعغان نه وينديون، اهي شهيد پنهنجو پاڻ ته ملهائي ويا ۽ اسان کي به راح ڏيکاري ويا،
اسين پوري سنڌ سان سوڳوار آهيون۔۔۔
 
Back
Top