صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل وظيفو بند مدد لاءِ منٿ ميڙ[صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي فلمن جو اداڪار مشتاق چنگيزي فالج سبب بيماري جي بستري تي پيل آهي، ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور، علاج لاءِ ثقافت کاتي کي درخواست ڏيڻ تي صرف 18 هزار رپيا منظور ٿيا، جڏهن ته گذريل ٻن سالن کان وظيفو به بند ٿي ويو، مشهور اداڪار مشتاق چنگيزي کي سرڪار ۽ ٻين ادارن به وساري ڇڏيو آهي، گذريل 2 سالن کان اداڪار مشتاق چنگيزي کي ساڄي پاسي فالج جو حملو ٿيو. جنهن جو اثر زبان تي به پئجي ويو آهي. اداڪار مشتاق چنگيزي چيو علاج تي 5 لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهيان، پر ثقافت کاتي طرفان صرف 18 هزار رپيا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻيهر به علاج درخواست ڏني آهي، پر اڃان ان جو ڪوبه جواب نه مليو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻن سالن کان ثقافت کاتي پاران ملندڙ وظيفو به بند ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2006ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو هو پر اڄ علاج لاءِ درخواستون ڏيندو وتان ٿو پر ڪٿان به ڪا مثبت موٽ ڪونه ملي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مان اردو فلمن ۾ ڪم ڪيان ها ته ائين سنڌ حڪومت ڪونه وساري ها، پر مون کي سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي سزا .ڏني وڃي ٿي ۽ صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزيءَسان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

    سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) تمام سنڌي فنڪارن جي تنظيمن، اداڪارن، سنڌي چينلن جي پروگرام مئنيجرن، ڊائريڪٽرن ۽ مالڪن کي بشمول ثقافتي کاتي جي عملدارن، سنڌ گورنمينٽ، مُلڪي غير مُلڪي سماجي تنظيمن، ۽ عام پبلڪ کي مُشتاق چنگيزي جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪري ٿي.
    Mushtaq Changezi Actor Pictures Interview Biography
    Mushtaq Chingaizi was basically Sindhi film heero but he also acted in Punjabi and some Urdu films.
    No. Year Films Language Actors
    1 1968 Sherah Feroz Sindhi Mehpara, Mushtaq Changezi, Ahmad
    2 1969 Chanduki Sindhi MehPara, Mushtaq Changezi
    3 1971 Laila Majnu Sindhi MehPara, Mushtaq Changezi
    4 1971 Mehboob mitha Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi, Aneela
    5 1972 Mithra Shal Millan Sindhi Ishrat Chodhary, Mushtaq Changezi, Anokha
    6 1973 Albeli Sindhi Ishrat Chodhary, Mushtaq Changezi
    7 1973 Jeejal Maar Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    8 1973 Soda putt Sindh ja Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    9 1974 Manju pyar pukare Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    10 1974 Pyar keyo Singhar Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    11 1974 Pyar taan sadqe Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    12 1976 Ajj taan bhakar payun Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    13 1976 Rutt ja rand Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    14 1977 Rutt ain Ajrak Sindhi Chakori, Mushtaq Changezi
    15 1984 Mumta Sindhi Reeta, Mushtaq Changezi
    16 1987 Pro Sindhi Reeta, Mushtaq Changezi, Mansoor Baloch
    17 1989 Bevis Sindhi Reeta, Mushtaq Changezi
    18 1990 Meeran Jamali Sindhi Reeta, Mushtaq Changezi, Badar Munir
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل

    ادا بلڪل منٿ ميڙ ڪرڻ به کپي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل

    جي سائين بلڪل ۔
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل

    انتهائي غم ۽ ڏُک سان سنڌ سموريءَ کا آگاه ڪجي پيو ته پنهنجي وقت جو ۽ سنڌي فلم انڊسٽري (ساليووُڊ) ۽ سنڌي فلمن جو چاڪليٽي ۽ ڪلاس ون هيرو ” مُحترم مُشتاق چنگيزي ضاحب“ هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. (انا لله وانا اليه راجعون) مرحوم جي جنازه نماز سندن لطيف آباد حيدرآباد ۾ عصر جي نماز کان پوءِ پڙهائي ٽنڊو جهانيان جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪئي ويندي.

    سنڌي ميڊيا (ساليووُڊ) ، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسو سيئيشن (ساوا)، سنڌي ٿنڪ ٽيم (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) ضلع مٽياري مرحوم جي ان ناگهاني وفات تي انتهائي غم جو اظهار ڪن ٿا ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ سندن مداحن کي پڻ مرحوم جي آخرت موچاريءَ لاِ دُعا جي درخواست ڪن ٿا.

    جيئن ته موت برحق آهي ۽ هر زنده شي کي لازمي اڳ يا پوءِ موت جو مزو چکڻو آهي رب جي ان رضا تي راضي رهڻو آهي اسان سموري سنڌ سان گڏ سندس پوئرن سان هن غم ۾ پڻ شريڪ آهيون ۽ الله ج کين صبر عطا ڪندو.
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: صدارتي ايوارڊ يافته سنڌي اداڪار مُشتاق چنگيزي فالج سبب بستري تي پيل

    انا لله وانا اليه راجعون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو