اسٽيج ، ٿيٽر، ٽي وي ۽ ڊرامن جو عظيم اداڪار معين اختر اڄ شام جو دل جي دوري سبب ڪراچيء جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 40 سالن ماڻهن جي منهن تي مسڪراهٽون آڻيندڙ هي فنڪار دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو پر هو پوء به ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽون سجائيندو رهيو۔ سندس عمر 61 سال هئي۔ کيس سندس بهترين اداڪاريء تي پرائيڊ آف پرفارمنس به مليو هو۔
هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو پر روزي ڊرامي کي اڄ تائين ماڻهن ناهي وساريو جنهن ۾ هن فضيلا قيصر سان گڏ هڪ عورت جو ڪردار ادا ڪيو هو۔
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو
سال 2011 ۾ اپريل مهيني تائين ئي ڪافي قابل ۽ محنتي اداڪار گذاري ويا۔۔۔ ڪجهه سنڌي به هئا ته ڪافي اردو جا ليجنڊ اداڪار به هئا۔۔۔
معين اختر جي اداڪاري ايتري ته جاندار هئي جو سندس چهري جا ايڪسپريشنس بلڪل حقيقت جو رنگ ڏيندا هئا۔۔۔ مان پاڻ سندن فين آهيان ۽ پي ٽي وي تي سندس ڪافي ڊراما ۽ شوز شوق سان ڏسندو هيم ۔۔۔ دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم معين اختر جي بخشش فرمائي ۔۔۔
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو
دمعين اختر جي وفات تي هر اک اڪشبار آهي ۔هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏي اڪيڍمي هو۔اسان جو پسنديد آرٽسٽ هو۔هن جو مزاحيه هڪ تعميري طرح جو هوندو هو۔هن ڪڏهن به ڪو لچر قسم يا گندي زبان واري مزاحيه نه ڪيو۔انور مقصود جي اسڪرپٽ تي جيتري بهترين انداز ۾ پرفارم ڪري هن پروگرام کي چار چنڊ لڳايا شايد ئي ڪنهن ٻئي فنڪار ڪيو هجئي۔مرحوم پنهنجي آخري ڏينهن ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاء جيڪي مهم هلئي۔ان جو مثال گهٽ ملندو۔الله پاڪ مرحوم کي شل جنت الفردوس ۾ جاء عطا فرمائي آمين
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو
ممرحوم معين اختر نه صرف هڪ اداڪار هو پڻ ان سان گڏ هو ليکڪ، لاجواب ڪمپيئر، صداڪار، ڊائريڪٽر پڻ هيو۔ پر انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هو هڪ بهترين انسان هو۔ سندس هڪ ٻيو ڪمال سندس گهڻين ٻولين خاص ڪري انگريزي، اردو، سنڌي، گجراتي، پنجابي، بنگالي، پشتو کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ پڻ هو۔
معين اختر جو ڪمال هو حاضرين ۽ سامعين جي پرک ۽ انهن جي حساب سان ڳالهائڻ۔ جڏهن به معين اختر ۽ انور مقصود جي جوڙي مزاح جي ميدان ۾ ايندي آهي ته بي پناه سچايون ۽ ضمير کي جهنجهوڙيندڙ جملا ٻڌڻ لاء ملندا آهن۔
ڊرامه روزي جي آخري سين ۾ سندس اهي جملا ته مان اڄ تائين وساري ناهيان سگهيو جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ”مان روزيء جي خاطر روزي بڻيو آهيان ، فڪر معاش مونکان اهو سڀ ڪجهه ڪرايو آهي “