• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
vdfl7q.jpg


اسٽيج ، ٿيٽر، ٽي وي ۽ ڊرامن جو عظيم اداڪار معين اختر اڄ شام جو دل جي دوري سبب ڪراچيء جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 40 سالن ماڻهن جي منهن تي مسڪراهٽون آڻيندڙ هي فنڪار دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو پر هو پوء به ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽون سجائيندو رهيو۔ سندس عمر 61 سال هئي۔ کيس سندس بهترين اداڪاريء تي پرائيڊ آف پرفارمنس به مليو هو۔

هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو پر روزي ڊرامي کي اڄ تائين ماڻهن ناهي وساريو جنهن ۾ هن فضيلا قيصر سان گڏ هڪ عورت جو ڪردار ادا ڪيو هو۔

دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت عطا ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين






 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

کلائيندڙ اڄ رپئاري به ويو سائي بلڪل
آتي هوئي آذان اور جاتي هوئي نماز
بس اتني قليل وقت ڪي ليئي آئي اور چلي گئي
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جي شوبز جو هڪ چمڪندڙ ستارو ۽ هڪ روشن باب اکين کان اوجهل ٿي ويو۔۔ سندس اداڪاريءَ ۽ حاضر جوابي لاجواب هئي۔۔ اسان ته ننڍي هوندي کان سندس مزاحيه پروگرام ڏسي محفوظ ٿيندا رهياسين۔۔ عُمر شريف ۽ معين اختر جهڙي اداڪارن پاڪستان جي شوبز جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو۔۔



[video=facebook;1976731775868]http://www.facebook.com/video/video.php?v=1976731775868[/video]​


 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي
ڪالهَ هونَ جي اڄ هِنَ جي ميت وڃي رهي آهي

هن حياتي تي ڀلا ڪهڙو ڪجي ڪو ڀروسو
ناگهاني موت نوان نوا رنگ ڏيکاري رهي آهي

عفلت جي ننڊ ستو پيو آهي اڄوڪو انسان
هر طرح جي حادثن سان رحمت جاڳائي رهي آهي

وقت وڃڻ کان پهريان پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺ
هر ساه سان موت هڪ قدم تو ڏي وڌي آهي

هر ساه موت ڏي هڪ قدم، آهي فرمان علي عه
زندگي موت جي قُربت ۾ وڃي رهي آهي

ڏاڏل تنهنجي طويل اميدن جو احتساب ٿيندو
هر گهڙي جا حقيقت سان اُلجهدي رهي آهي
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

سال 2011 ۾ اپريل مهيني تائين ئي ڪافي قابل ۽ محنتي اداڪار گذاري ويا۔۔۔ ڪجهه سنڌي به هئا ته ڪافي اردو جا ليجنڊ اداڪار به هئا۔۔۔
معين اختر جي اداڪاري ايتري ته جاندار هئي جو سندس چهري جا ايڪسپريشنس بلڪل حقيقت جو رنگ ڏيندا هئا۔۔۔ مان پاڻ سندن فين آهيان ۽ پي ٽي وي تي سندس ڪافي ڊراما ۽ شوز شوق سان ڏسندو هيم ۔۔۔ دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم معين اختر جي بخشش فرمائي ۔۔۔
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته معين اختر اداڪاري دنيا جو وڏو سرمايو هيو۔ شايد اهو خال سالن تائين ڀرجي سگهي۔ الله رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ جا ڏي۔ آمين
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

الله پاڪ سندن پونيئرن کي صبر جي تلقين عطا ڪري

هڪ بهترين آرٽسٽ موڪلائي ويو آهي

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

دمعين اختر جي وفات تي هر اک اڪشبار آهي ۔هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏي اڪيڍمي هو۔اسان جو پسنديد آرٽسٽ هو۔هن جو مزاحيه هڪ تعميري طرح جو هوندو هو۔هن ڪڏهن به ڪو لچر قسم يا گندي زبان واري مزاحيه نه ڪيو۔انور مقصود جي اسڪرپٽ تي جيتري بهترين انداز ۾ پرفارم ڪري هن پروگرام کي چار چنڊ لڳايا شايد ئي ڪنهن ٻئي فنڪار ڪيو هجئي۔مرحوم پنهنجي آخري ڏينهن ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاء جيڪي مهم هلئي۔ان جو مثال گهٽ ملندو۔الله پاڪ مرحوم کي شل جنت الفردوس ۾ جاء عطا فرمائي آمين
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جي شوبز جو هڪ چمڪندڙ ستارو ۽ هڪ روشن باب اکين کان اوجهل ٿي ويو۔۔ سندس اداڪاريءَ ۽ حاضر جوابي لاجواب هئي۔۔ اسان ته ننڍي هوندي کان سندس مزاحيه پروگرام ڏسي محفوظ ٿيندا رهياسين۔۔ عُمر شريف ۽ معين اختر جهڙي اداڪارن پاڪستان جي شوبز جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو۔۔

ادا معين اختر جي وڇوڙي تي مون کي ته ذاتي طرح تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، مان سندس مداحن مان آهيان ۽ ننڍپڻ کان سندس پروگرام ڏسندو پيو اچان، ادا دعا آهي ته رب پاڪ کيس جون بشري خطائون معاف ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري، پاڻ هڪ وقت ئي ڪيترين ٻولين ۾ ڳالهائي ۽ انهن جو انداز اپنائي سهگندا هئا، سندس اداڪاري به ڪمال جي هئي، سندس جوڙي هميشه انور مقصود سان رهي آهي، ۽ ڇاهه ته انور مقصود جي لکڻي هوندي آهي مٿان وري معين اختر صاحب جي اداڪاري، سندس اداڪاري ۾ ڪو به اهڙو ڪرادار باقي به رهيو هو، سندس خدمتن ۾ اداڪاري، هدايت ڪاري، فنڪاري ڪنهن کان وسرڻ جون نه آهن، سندس پروگرامن ۾ سابقه وزيرعظم محترم ذوالفقار علي ڀٽو، جنل ضياء، صدر اسحاق، به شرڪت ڪئي، پاڻ هڪ بهترين ۽ عظيم اداڪار سان گڏ هڪ هڏ ڏوکي، احساس رکندڙ، ڏکويل جي مدد ڪندڙ بهترين ۽ عظيم انسان پڻ هئا، سندس مشاهدي سان گڏ مطالعو به تمام وسيع هو، پاڻ هميشه غريب غربي جي مدد ڪندا رهيا آهن، ۽ ڪيترن غريب اداڪارن جي نياڻين جي شادين جي خرچن ۾ مالي مدد پڻ ڪندا رهيا آهن جنهن جا رڪارڊ موجود آهن۔ اهڙا اداڪار صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن۔ سندس فن کي دنيا هميشه ياد رکندي، ۔۔۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو
عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ اسٽيج ۽ ٽي وي جو ناليوارو اداڪار معين اختر دل جو دورو پوڻ سبب 61 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. معين اختر کي گهر اندر دل جو دورو پوڻ کانپوءِ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ آندو ويو، ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. معين اختر ڪجهه عرصو اڳ اداڪاري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هو پر پوءِ به هُن فن جي خدمت جاري رکي ۽ ڪيترائي اسٽيج ڊراما توڙي ٽي وي جا ڊراما پيش ڪيا. معين اختر ڊراما سيريل روزي ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي جنهن ۾ هُن هڪ عورت جو ڪردار ادا ڪيو هو، ان کانسواءِ معين اختر انور مقصود ۽ عمر شريف سان گڏ به ڪيترن ئي ڊرامن ۽ ٿيٽرن ۾ ڪم ڪيو. مزاح جي فن ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيندڙ معين اختر 24 ڊسمبر 1950 ۾ جنم ورتو هو، کيس حڪومت پاران ستاراءِ امتياز سان پڻ نوازيو ويو هو. ڊرامن ۽ ٿيٽرن ۾ مزاح کي نوان رنگ ارپيندڙ معين اختر پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ گلوڪار طور پڻ وڏي مڃتا ماڻي. 6 سيپٽمبر 1966 ۾ 15 سالن جي ڄمار ۾ اداڪاري جي شروعات ڪندڙ معين اختر عالمي سطح تي ملڪ جو نالو نروار ڪيو، ملڪ جي ناليوارن اداڪارن معين اختر جي وڇوِڙي کي پاڪستاني ڊرامن ۽ اسٽيج جي دنيا ۾ وڏو خال قرار ڏيندي چيو آهي ته معين اختر هڪ انڊسٽري هو، جنهن مان ڪيترائي اداڪار تيار ٿي نڪتا، سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون. مهراڻ ٽي وي۔۔۔






معين اختر جي مختصر ڪهاڻي​




 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ممرحوم معين اختر نه صرف هڪ اداڪار هو پڻ ان سان گڏ هو ليکڪ، لاجواب ڪمپيئر، صداڪار، ڊائريڪٽر پڻ هيو۔ پر انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هو هڪ بهترين انسان هو۔ سندس هڪ ٻيو ڪمال سندس گهڻين ٻولين خاص ڪري انگريزي، اردو، سنڌي، گجراتي، پنجابي، بنگالي، پشتو کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ پڻ هو۔

معين اختر جو ڪمال هو حاضرين ۽ سامعين جي پرک ۽ انهن جي حساب سان ڳالهائڻ۔ جڏهن به معين اختر ۽ انور مقصود جي جوڙي مزاح جي ميدان ۾ ايندي آهي ته بي پناه سچايون ۽ ضمير کي جهنجهوڙيندڙ جملا ٻڌڻ لاء ملندا آهن۔

ڊرامه روزي جي آخري سين ۾ سندس اهي جملا ته مان اڄ تائين وساري ناهيان سگهيو جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ”مان روزيء جي خاطر روزي بڻيو آهيان ، فڪر معاش مونکان اهو سڀ ڪجهه ڪرايو آهي “


 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

الله پاڪ سندن پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي
آمين
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

قاضي منظر حيات پاران ڏنل ڀيٽا

222764_10150163258048517_516698516_6867410_6956186_n.jpg
 
جواب: عظيم اداڪار معين اختر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

معين اختر جو هڪ يادگار سنڌي وڏيري جو ڪردار جنهن ۾ هن حڪومت کان ڪروڙين روپين جو قرض وٺي وري معاف به ڪرائي ڇڏيو۔۔۔





هتي وري سندس لوز ٽاڪ ۾ ئي هڪ سنڌي سياستدان جي ڪردار ۾ پنهنجي اداڪاري ڪيڏي نه خوبصورتي سان ادا ڪئي آهي۔۔۔۔



 
Back
Top