عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

'سنڌياڻي' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    مون هڪ جلسي ۾ هڪ پوسٽر نما تصوير ڏٺي، جنهن ۾ هڪ عورت هئي، جنهن جي ڪڇ تي هڪ ننڍو ٻار هو، هڪ هٿ سان هن ٻار پئي سنڀاليو جڏهن ته ٻئي هٿ ۾ بندوق هئس، هڪ عورت جنهن جي مٿان پنهنجي ٻچن ۽ گهر سنڀالڻ جهڙيون وڏيون ذميواريون هجن، پر جيڪڏهن اهڙو وقت اچي جنهن ۾ سوال هن جي پنهنجي نسل جي بقا جو هجي ۽ جنهن ۾ کيس پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت جو فرض نڀائڻو ۽ پنهنجي وطن جو قرض چڪائڻو هجي ته ٻچن سوڌو هٿيار کڻڻ ۾ دير نٿي ڪري، اسان جي معاشري ۾ عورتن کي هڪ ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو پر ڇا انهن کي خبر ناهي ته عورت پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري سگهي ٿي، ٻين لفظن ۾ ائين ئي چئجي ته اها تصوير عورت جي بهادري ، سورهيائي، همت، سچائي جي عزم جو باقاعده نمونو هو، جيڪڏهن اسين تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي اهڙين هزارين عورتن جي بهادري جا مثال ملن ٿا، جن کي پڙهي ۽ ٻڌي هڪ عورت کي پنهنجي عورت هجڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳي ٿو، انهن مثالن ۾ مارئي، سسئي، مدر ٽريسا، هيلن ڪيلر، رضيه سلطانه ۽ ٻيا اهڙا انيڪ نالا آهن، جيڪي وقت جي گذرڻ سان گڏ وسري ويا آهن، جيئن ويٽنامي عورتون، آنگ سانگ سوچي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، سوڪ، لالي ۽ زيت ۽ جيني جهڙين بهادر عورتن جا هزارين مثال سامهون ايندا آهن، ڇا انهن سڀني ڳالهين کانپوءِ به عورت کي ڪمزور چوڻ گهرجي؟ مردن جي گهڻائي جو اهو چوڻ آهي ته عورت کان وڌيڪ ڪمزور مخلوق زمين تي ٻي ڪابه نه آهي، اسان جي سماج جا قانون مردن جا ٺاهيل آهن، جنهن قانون، رسمن ۽ رواجن جي نتيجي ۾ هر قدم تي عورت پيڙهجندي آهي، اڄ جي دور ۾ ڪيتريون ئي ذهني پابنديون ۽ اهڙا ڪڌا رواج لاڳو ٿيندا آيا آهن، جيئن پئسن عيوض نياڻين جي ڏي وٺ، گهريلو تشدد، ننڍي عمر ۾ شاديون، ڳالهه ڳالهه تي طلاق جون ڌمڪيون، گهر کان ٻاهر قدم رکندڙ عورتن لاءِ غير اخلاقي رويا، عورتن سان جنسي ڏاڍايون، عورتن کي چوديواري ۾ قيد ڪرڻ، ڪارو ڪاري ڪري مارڻ، ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي هڻڻ، زبردستي نڪاح ڪرائڻ، رستي تان گذرڻ وقت اخلاق کان ڪريل جملن جو استعمال ڪرڻ، غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وغيره، ان صورت ۾ به عورت جو مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ وڏي همت جو ڪم آهي.انتيا وڌاڻي
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    عورت واقعي به هر دور ۾ ظلم جو شڪار رهي آهي اسان جو سڄو سسٽم مرداڻو ٺهيل آهي جنهن لا عورت لا ڪائي گنجائش ناهي۔ عورت سان انيڪ ظلم ٿي رهيا آهن مون ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ عورتن کي اسپتالن ۾ هونهن به اڌ مئو ڪري وٺي وڃبو آهي پر اتي اسپتال ۾ هڪ ننڍي ڪمري ۾ تمام گهڻيڻ عصرتن کي گرمي ۾ بند رکيو ويندو آهي ڊاڪٽر پهريان مرد مريضن جو معائنو ڪندا آهن پو عورتن کي اڳيان اچڻ ڏيندا آهن جنهن سان عورت ويتر بيمار ٿيندي آهي جڏهن ته انهن ويچارين کي چنگچي رڪشا ۾ آندو وڃي ٿو ۽ جيڪر انجيڪشن وغيره لڳڻ سان مائي ڪنڌ کڻندي آهي ته پو بس اسٽاپ تائين اڌ منو ڪلوميٽر پنڌ ڪرايو ويندو اٿس، معنى عورت لا بيمار ٿيڻ به ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي
     
  3. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    ها ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي پر جي عورت پهنجي تي اچي وڃي ته پوئ ڪو سرما به هن کي هارائ نٿو سڳي اهي سڀ عورتون جن جا نالا مٿڙي ادي لکيا آهن انهن سڀنين عورت جي نالي کي مضبوط ۽ باوقار بنايو آهي ڀلي مرد عورت کي ڪمزور ۽ نازڪ چوي پر اڄ جي عورت ايتري ڪمزور ناهي رهي اسان رضيه سلطانه وانگر هتهيار به وقت اچڻ کڻي سڳهون ٿيون پر هن وقت اسان کي پهنجي قوم،ڌرتي، ۽ پهنجي پاڻ کي بچائڻ ۽ پهنجا حق حاصل ڪرڻ لاء تعليم حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    ادي الله جي واسطي ائين نه ڪريو، اوهان عورتن هٿيار کنيا ته پوءِ اسان هندوستان منهن ڪندا سون۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    چنگچي رڪشا ملي وڃي ته شڪر ڪري ادا۔
    مون ڪافي اهڙا منظر ڏٺا آهن جت انهن کي رِلي ۾ ويڙهي ٽنگا ٽولي ڪري گڏھ گاڏن تي آندو ويندو آهي۔
    پر اها ڳالهه غريب گهراڻن جي آهي نه ڪي سڀن جي۔
    عورتن جي مظلوم ٿيڻ ۾ صرف مرد قصور وار نه آهي، خود عورت پاڻ ٻي عورت تي ڪيڏا پهاڙن جيڏا ظلم ڪري ٿي۔
    گهر ۾ مردن کي ٻي عورت تي ڪير ڀڙڪائيندو آهي؟ خود عورت۔
    نوڪراڻين جيان ذليل ڪري عورت کان ڪم ڪير وٺندو آهي؟ خود عورت۔
    ڪيترا مثال ڏيون؟؟؟
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    جي ادا بلڪل توهان جي ڳالهه صحيع آهي
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    اهيا حقيقت آهي ته عورت ڪمزور به آهي، ۽ ان حقيقت کان ڪنهن به طرح منهن موڙي نه ٿو سگھجي ته عورت اسان جي سماج ۾ وڌيڪ ناانصافين جي شڪار بڻجي ٿي، عدم تحفظ وارو احساس هر وقت سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو. عورتن خلاف تشدد ۽ ناانصافين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن جنهن جا ڪيترائي مثال اخبارن ۾ موجود آهن، اهيا به حقيقت آهي ته ،جسماني طور عورت ڪمزور آهي ۽ جيڪڏهن ڪا خاص ويڙھ جي تربيت نٿي حاصل ڪري ته هوءَ هميشه مرد کان ڪمزور رهندي. پر هوءَ ذهني طور مرد جي ڀيٽ ۾ قطعي ڪمزور ناهي، اگر اها ڪمزور عورت پنهنجي تي اچي ته اها هڪ بهادر پڻ آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن، جن وقت تي اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي جيڪي مرد به ڪري ناهن سگهيا، اسان جي سنڌ ۾ ماضي جا ته ڪيترائي مثال موجود آهن مگر مان توهان کي هن دور ۾ به هڪ احرو ڪردار ڏيکاريان ٿو جيڪا عورت مردن وانگر زمينداري به ڪري ٿي ته مردن وانگر اوطاقن تي ويهي ڪري ماڻهن جا مسئلا به ٻڌي ٿي۔ ان لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪندا ۔ وڏيري نازو جي وڏيرڪي زندگي جو روپ
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    سائين نثار کان پڇو ته عورت ۽ مرد ڪردار جو نالو آهي جنس جو نالو آهي بحرحال جنهن شهر ۾ اسان رهون ٿا ان شهر جي اڪثريت مرد نما عورت ۽ عورت نما مرد جي آهي وڌيڪ سڀ ڪو راز جو راڻو آهي بس ايترو چوندس ته حضرت علي عه جو فرمان آهي ته مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي خواهشات کي لغام ڏئي الله جي تابع بڻائي ۔
     
  9. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    ادي محدثه اوهان جي ونڊ بي انتها خوبصورت
    ادي شبانه امتياز سمون ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عورت اگر پنهنجي تي اچي ته
    اها بادشاهن جي غرور کي به خاڪ ۾ ملايو ڇڏي اسان جي اسلامي تاريخ ۾ ان جا مثال کوڙ
    آهن اوهان هيڏي هوڏي نه وڃو اسان جي پياري نبي جي نواسي
    حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي نياڻي مولا علي عليه السلام جي اکين جو نور
    حضرت بيبي زينب سلام الله عليها جنهن پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام جي شهادت کان پوءِ
    ان صبر ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو جيڪو ڪنهن مرد جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ ڪوفي کان شام تائين سفر جون مصيبتون ڪاٽي اسلام ۾ نئين روح ڦوڪيائون
    ۽ يزيد بدڪردار جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائون
    ڇا اسان جي ڀينرن ۽ مائرن لاء ان کان بهتر اڃا ٻيا ڪي ڪردار؟
    دعا آهي ته اسان انهن پاڪ هستين جي ڪردار مان سبق وٺي پنهنجي دنيا
    ۽ آخرت کي سنوارينداسين آمين
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    اسان جي ٻنهي ڀينرن بلڪل درست لکيو آهي، عورت کي معاشري ۾ سندس صحيح مقام نه مليو آهي، توڙي مشرق هجي يا وري مغرب۔۔ مشرق جي معاشري ۾ عورت کي گهر جي چوديواري جو پابند رکيو ويو، مختلف رسمن رواجن جي ڪهاڙي سندس مٿان لٽڪيل هجي ٿي، مشرق ۾ عورت کي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن غلام وانگر ليکيو وڃي ٿو، ۔۔ مشرق ۾ وري عورت کي هٿ ٺوڪي آزاديءَ جي نالي تي بي حس معاشري جي بي حس مردن جي لاءِ لذت ۽ عياشيءَ جو سامان بڻايو ويو،۔۔ انشاءَ الله ان سلسلي ۾ هڪ مضمون جلد ونڊ ڪندس۔۔​
     
  11. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    ادا اهو چئي عورتن کي دوکو ڇو ڏجي ته عورت پنهنجي تي اچي ته هيئين ڪندي هئين ڪندي، ادا عورت کي پنهنجي ڪرڻ هتي ڌي به ڪير ٿو؟؟؟ سون مان ڪا هڪ عورت پنهنجي تي لهي ٿي ته ان کان خبر وٺو ته ان سان ڪهڙو حشر ٿيندو آهي
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عورت هر وقت پيڙهجي ٿي

    [​IMG]

    ۔
    ادا عورت پنهنجي تي اچي جو مطلب هروڀرو غلظ نه وٺو، پنهنجي تي اچڻ مان منهنجو مطلب آهي ته پنهنجي هيڻائي ختم ڪري جدو جهد ڪري پنهنجو مقام حاصل ڪري ،۽ عورت جي بهادري جي ڳالهه ڪرڻ ڪو عيب نه آهي، بلڪ عظيم هجڻ جو دليل آهي، اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفه صلي الله واله وسلم جن هميشه عورتن سان ڀلائي جو حڪم ڏنو آهي، ۽ اسلام ته عورت کي اهي حق ڏياريا آهن جيڪي اسلام کان پهرين عورت وٽ نه هئا، جنهن جي تاريخ شاهد آهي، ان کان علاوه سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن به عورت جي عظمت ۽ بهادري جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ سندس پورو ڪلام عورت جي عظمت ۽ جدو جهد جي ذڪر سان ڀريو پيو آهي، خاص ڪري سر سسئي پنهون ادا جنهن جو هڪ ٻيو مثال پڻ توهان کي ڏيان ٿو جيڪو موجوده دور لاء هڪ رهنمائي جو سبق پڻ آهن

    دنيا جون ڪامياب ۽ عظيم عورتون​

    دنيا ۾ جتي مردن زنگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو نالو قائم ڪيو ۽ عزت حاصل ڪئي آهي. اتي عورتون ڪنهن به طرح سان ان ميدان ۾ پوئتي نه رهيون آهن پوءِ چاهي اهو اسپورٽس جو شعبو هجي يا شوبزنس جو علم ۽ ادب جو ميدان هجي يا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو شعبو صحافت جو شعبو هجي يا سياست جو عورتون زندگي جي هر وهنوار ۾ مردن جي ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل نظر اچن ٿيون. اچو ته ڏسون سياست ۽ سماجي فلاحي ڪمن ۾ عورتن جي ڪردار ڪيئن رهيو آهي ۽ انهن کي ان ميدان ۾ دنيا اندر ڪيتري ڪاميابي حاصل ٿي آهي.
    مسز بندرا نائيڪي دنيا جي پهرين خاتون وزير اعظم هئي جنهن 1960ع ۾ سريلنڪا جي وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو. ان کانپوءِ ڪيترين ئي عورتن دنيا جي اهم عهدن تي ڪم ڪيو آهي جن مان ڪجهه هن طرح آهن. اندرا گانڌي ٻه ڀيرا ڀارت جي وزيراعظم ٿي ۽ ان کان پوءِ ساڳي طرح برطانيا ۾ مارگريٽ ٿيچر ۽ پاڪستان ۾ شهيد بينظير ڀٽو اهو منصب سنڀاليو.آمريڪا جي وزيرخارجا جي حيثيت سان هيلري ڪلنٽن کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن کان اڳ ۾ ڪونڊوليزا رائيس ۽ ميڊلين البرائيٽ دنيا جي هن تمام اهم عهدي کي ماڻي چڪيون آهن. ازابيل پيرون ارجنٽائن جي پهرين سربراهه هئي جيڪا شروع ۾ خاتون اول ۽ نائب صدر هئي ۽ پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ هو ارجنٽائن جي صدر بڻجي وئي.بيگم رانا لياقت علي خان پهرين پاڪستاني عورت هئي جيڪا سنڌ جي گورنر به رهي ۽ پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان به هن خدمتون سرانجام ڏنيون مشهور ڀارتي اداڪاره نرگس اها پهرين عورت هئي جنهن کي انڊيا جي سينٽ (راجيه سڀا) جي رڪنيت ملي مدر ٽريسا هونئن ته يورپين هئي پر هن سڄي زندگي برصغير (انڊيا) ۾ فلاحي ڪم ڪندي گذاري. هو برصغير جي پهرين خاتون هئي جنهن کي 1979ع ۾ نوبل امن انعام سان نوازيو ويو.2003ع ۾ ايران جي هڪ وڪيل خاتون کي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي صلي ۾ نوبل انعام ڏنو ويو اهڙي طرح شيرين عبادي پهرين مسلمان عورت هئي جنهن کي اهو اعزاز ڏنو ويو.اهڙيءَ طرح انسان جو عزم، همت ۽ حوصلو ڪنهن جنس جو محتاج نه آهي. عورتن اهو ثابت ڪيو آهي ته هو ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن به ميدان ۾ زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ مردن کان پوئتي نه آه بشڪريه عوامي آواز
    .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو