mohdesa
سينيئر رڪن
مون هڪ جلسي ۾ هڪ پوسٽر نما تصوير ڏٺي، جنهن ۾ هڪ عورت هئي، جنهن جي ڪڇ تي هڪ ننڍو ٻار هو، هڪ هٿ سان هن ٻار پئي سنڀاليو جڏهن ته ٻئي هٿ ۾ بندوق هئس، هڪ عورت جنهن جي مٿان پنهنجي ٻچن ۽ گهر سنڀالڻ جهڙيون وڏيون ذميواريون هجن، پر جيڪڏهن اهڙو وقت اچي جنهن ۾ سوال هن جي پنهنجي نسل جي بقا جو هجي ۽ جنهن ۾ کيس پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت جو فرض نڀائڻو ۽ پنهنجي وطن جو قرض چڪائڻو هجي ته ٻچن سوڌو هٿيار کڻڻ ۾ دير نٿي ڪري، اسان جي معاشري ۾ عورتن کي هڪ ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو پر ڇا انهن کي خبر ناهي ته عورت پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري سگهي ٿي، ٻين لفظن ۾ ائين ئي چئجي ته اها تصوير عورت جي بهادري ، سورهيائي، همت، سچائي جي عزم جو باقاعده نمونو هو، جيڪڏهن اسين تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي اهڙين هزارين عورتن جي بهادري جا مثال ملن ٿا، جن کي پڙهي ۽ ٻڌي هڪ عورت کي پنهنجي عورت هجڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳي ٿو، انهن مثالن ۾ مارئي، سسئي، مدر ٽريسا، هيلن ڪيلر، رضيه سلطانه ۽ ٻيا اهڙا انيڪ نالا آهن، جيڪي وقت جي گذرڻ سان گڏ وسري ويا آهن، جيئن ويٽنامي عورتون، آنگ سانگ سوچي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، سوڪ، لالي ۽ زيت ۽ جيني جهڙين بهادر عورتن جا هزارين مثال سامهون ايندا آهن، ڇا انهن سڀني ڳالهين کانپوءِ به عورت کي ڪمزور چوڻ گهرجي؟ مردن جي گهڻائي جو اهو چوڻ آهي ته عورت کان وڌيڪ ڪمزور مخلوق زمين تي ٻي ڪابه نه آهي، اسان جي سماج جا قانون مردن جا ٺاهيل آهن، جنهن قانون، رسمن ۽ رواجن جي نتيجي ۾ هر قدم تي عورت پيڙهجندي آهي، اڄ جي دور ۾ ڪيتريون ئي ذهني پابنديون ۽ اهڙا ڪڌا رواج لاڳو ٿيندا آيا آهن، جيئن پئسن عيوض نياڻين جي ڏي وٺ، گهريلو تشدد، ننڍي عمر ۾ شاديون، ڳالهه ڳالهه تي طلاق جون ڌمڪيون، گهر کان ٻاهر قدم رکندڙ عورتن لاءِ غير اخلاقي رويا، عورتن سان جنسي ڏاڍايون، عورتن کي چوديواري ۾ قيد ڪرڻ، ڪارو ڪاري ڪري مارڻ، ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي هڻڻ، زبردستي نڪاح ڪرائڻ، رستي تان گذرڻ وقت اخلاق کان ڪريل جملن جو استعمال ڪرڻ، غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وغيره، ان صورت ۾ به عورت جو مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ وڏي همت جو ڪم آهي.انتيا وڌاڻي