ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    هڪ ڏينهن هڪ هاريءَ جو گڏهه کوهه ۾ ڪري پيو، گڏهه ويچاري جون رڙيون ٿي پيون، گڏهه جو مالڪ به ڪيترائي ڪلاڪ کيس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر گڏهه کي ڪڍي نه سگهيو، آخر کيس خيال آيو ته يار گڏهه به ڪراڙو آهي، هاڻ ڪم جو به نه رهيو آهي، ڇڏيس ته پيو هجي بلڪ آءُ کيس مٿان مٽي وجهي لٽي ٿو ڇڏيان ...

    پاڙي وارن کي سڏ ڪري چيائين ته مونکي مٽي هن کوهه ۾ اڇلرايو، ته گڏهه به پورجي وڃي ۽ کوهه به هاڻ پورڻون آهي ... سو اچو مدد ڪريو ... سندس پاڙي وارا ڳوٺاڻا ۽ مائٽ ڪوڏرون کڻي اچي مدد لاءِ پهتا ۽ پاسي واري مٽي هيٺ کوهه ۾ اڇلائڻ شروع ڪيائيون ...

    گڏهه به ڳالهه سمجهي ويو ته هاڻ خئير ناهي ... رڙيون ته گهڻي ئي ڪندو رهيو پر گڏو گڏ پٺاڙن واري مٽي هيٺ ڇنڊڪو ڏئي اڇلائيندو وڃي ۽ ان جي مٿان بيهي وري رڙيون ڪرڻ لڳي ... ڳوٺاڻا به نه مڙيا مٽي اڇلائيندا رهيا ۽ گڏهه به مٽي ڇڍيندو مٿي ٿيندو رهيو ... خبر تڏهن پئي جو گڏهه کوهه جي ڪناري تان ٽپو ڏئي اچي ٻاهر نڪري بيٺو ...
    ``````````````````````````
    حاصل مطلب ؛
    زندگي به انسان جي مٿان مٽي اڇلائيندي رهندي آهي، ان مٽيءَ جي کوهه مان نڪرڻ جي هڪ ٽل آهي ته مٽي ڇنڊيو ۽ هڪ قدم مٿي ٿي بيهو ... اسانجي هر مشڪل وڌڻ لاءِ ڏاڪو هوندي آهي،

    اسين اونهي کان اونهي کوهه مان به نڪري اچي سگهونٿا ... همٿ نه هارڻ سان ۽ گوڏن جي نه جهڪائڻ سان اسين هر مشڪل کي آسان ڪري سگهونٿا ....
     
  2. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    ادا نثار تمام سهڻي صلاح آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي اسان کي ڪڏهن مشڪل کي ڏسي ڀڄڻ نه گهرجي۔۔۔۔۔۔۔ بلڪه سامهون ٿي منهن ڏي۔۔۔ اگر جي ڪري پوي ته وري اٿي ۽ جيستائين ڪاميابي نه ماڻي ته هر نه مڃي۔۔۔۔۔۔

    مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا نثار تمام سهڻي ونڊ ڪئي اٿو!
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    بلڪل سائين انسان کي ڪڏهن به همت نه هارڻ گهرجي

    همت مردان ته مدد خدا


    لاجوان ونڊ آهي سائين

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    سائين لاجواب
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    سائين اسان جي مٿان وڃن ٿا مٽي جا تهه لڳندا اسان ته گڏه جيان رڙيون به نه ٿا ڪيون اهو گڏه به اسان کان ڀلو جنهن پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ پان تان مٽي کي ڇنڊيو دعا ڪيو هن قوم ۾ گڏه واري سمجه ئي اچي وڃيته به چڱي ڳاله آهي ۔ ماشاءِ الله سُٺي سمجهاڻي اوهان ڏني ۽ اسان کي پنهنجي ضمير ملامت ڪئي ته اسان گڏه کان به ويل آيهونئ
    اسان مان مراد ٻيو ڪير به نه پنهنجي لاءِ جمع جو صيغو استعمال ڪيو آهي ڪو دوست ڪاوڙجي نه پئي سائين نثار اسان جا ته ڏوه ٿا ڏڪن ڪو ساٿي ڏمرجي نه پوي ۔
    جاڏي پير تاڏي خير
    وسلام
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    تمام بهترين سمجهاڻي دوست۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    انتهائي بهترين ۽ سبق آموز ليک آهي۔۔۔ پنهنجي حساس طبيعت ڪري اڪثر مون تي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ڪافي اثر ڪن ۔۔۔ هڪ ڏينهن انڊيا جي هڪ فلم ڏٺم ته 4 ڏينهن ان جو اثر ذهن ته ذائل نه پيو ٿئي ۔۔۔ بس ان کان پوءِ يا ته ڪا مذاحيه يا وري فلم ڏسڻ کان ئي بس ڪئي ۔۔۔۔۔
    ڪرڪيٽ جو شوق رکڻ باوجود ڪڏهن ميچ ويهي نه ڏٺي۔۔۔ گهريلو مسئلن کي سامهون ڏسي اڪثر پاڻ کي مصروف رکي ڇڏيندو آهيان ۔۔ پر توهان جي هن ليک پنهنجي طبيعت کي به ادا طاهر جي طبيعت وانگر بنائڻ تي خيال ٿيو ۔۔۔
    شايد پهريون ڳوٺ سندن جو ئي هو جتان ٻوڏ جي شروعات ٿي۔۔۔ مال متاع کان علاوه قيمتي فصلن واريون زمينون به ضايع ٿي ويون ۔۔۔ وڏي مشڪل سان پنهنجي ۽ گهروارن جي جان بچي سگهي۔۔۔ پر جڏهن به ساڻن ملاقات ٿي هميشه کلندي ۽ کلائيندي ڏٺو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سندن صحت به انتهائي شاندار (شايد ڪجهه وڌيڪ شاندار) آهي۔۔۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    جي سائين بلڪل
    تمام بهترين سمجهاڻي
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    مهرباني سائين اها ته اوهان سڄڻن ڀائرن ۽ والدين جي محبت ۽ دعائون آهن۔
     
  10. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    سائين لاجواب سمجهاڻي ۽ بهترين ونڊ
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪڙمي ۽ سندس گڏهه

    سائين نثار قرب

    ادا سائين اوهان جي هنن سبق آميز ۽ نصيحت آموز ڪهانين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔ اوهان جي مٿين سبق ڪيل لفظن تي عمل پيرا آهيون۔ دعا ڪجو ته ڪاميابي نصيب ٿي ۽ جي ڪٿي همت هاري ويهون يا لڙکڙائجي وڃون ته حوصلا افزائي ڪجو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو