نثارابڙو
نائب منتظم

ڪڙمي ۽ سندس گڏهه
هڪ ڏينهن هڪ هاريءَ جو گڏهه کوهه ۾ ڪري پيو، گڏهه ويچاري جون رڙيون ٿي پيون، گڏهه جو مالڪ به ڪيترائي ڪلاڪ کيس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر گڏهه کي ڪڍي نه سگهيو، آخر کيس خيال آيو ته يار گڏهه به ڪراڙو آهي، هاڻ ڪم جو به نه رهيو آهي، ڇڏيس ته پيو هجي بلڪ آءُ کيس مٿان مٽي وجهي لٽي ٿو ڇڏيان ...
پاڙي وارن کي سڏ ڪري چيائين ته مونکي مٽي هن کوهه ۾ اڇلرايو، ته گڏهه به پورجي وڃي ۽ کوهه به هاڻ پورڻون آهي ... سو اچو مدد ڪريو ... سندس پاڙي وارا ڳوٺاڻا ۽ مائٽ ڪوڏرون کڻي اچي مدد لاءِ پهتا ۽ پاسي واري مٽي هيٺ کوهه ۾ اڇلائڻ شروع ڪيائيون ...
گڏهه به ڳالهه سمجهي ويو ته هاڻ خئير ناهي ... رڙيون ته گهڻي ئي ڪندو رهيو پر گڏو گڏ پٺاڙن واري مٽي هيٺ ڇنڊڪو ڏئي اڇلائيندو وڃي ۽ ان جي مٿان بيهي وري رڙيون ڪرڻ لڳي ... ڳوٺاڻا به نه مڙيا مٽي اڇلائيندا رهيا ۽ گڏهه به مٽي ڇڍيندو مٿي ٿيندو رهيو ... خبر تڏهن پئي جو گڏهه کوهه جي ڪناري تان ٽپو ڏئي اچي ٻاهر نڪري بيٺو ...
``````````````````````````
حاصل مطلب ؛
زندگي به انسان جي مٿان مٽي اڇلائيندي رهندي آهي، ان مٽيءَ جي کوهه مان نڪرڻ جي هڪ ٽل آهي ته مٽي ڇنڊيو ۽ هڪ قدم مٿي ٿي بيهو ... اسانجي هر مشڪل وڌڻ لاءِ ڏاڪو هوندي آهي،
اسين اونهي کان اونهي کوهه مان به نڪري اچي سگهونٿا ... همٿ نه هارڻ سان ۽ گوڏن جي نه جهڪائڻ سان اسين هر مشڪل کي آسان ڪري سگهونٿا ....