• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جند سلامت جان سلامت

ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اتر
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي ڪينجهر
وستي واهڻ ، اوڙُ پاڙو
ڪڙم قبيلو ، ذات سلامت

شاه ، عنايت ، سورهيه سچل
سسئي ، سهڻي مارئي مومل
سچ ۽ سوڀون ، محبت موجون
ڏان جا صاحب ، ڏات سلامت

گج ۽ چنري پٽڪو اجرڪ
ماروئڙن جي منهن جي مرڪ
پيار پچارون ، سونهن سنڀارون
لوري لاڏا ، لات سلامت

عشق هجي ايمان سلامت
شل سنڌڙي جو شان سلامت
جوش ۽ جذبا نينهن نياپا
ڏينهن سلامت رات سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

عشق هجي ايمان سلامت
شل سنڌڙي جو شان سلامت
جوش ۽ جذبا نينهن نياپا
ڏينهن سلامت رات سلامت
سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين لک قرب ، اوهان جو پيار ، اوهان جو خلوص ۽ سنڌ سان عشق سدا سلامت رهي۔ سچ پڇو دوستن جي اهڙي عزت افزائي ۽ سنڌ سلامت سان پيار ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي۔

اسان جي دعا آهي ته سنڌ سلامت هجي ۽ اوهان شاد ۽ آباد رهو ۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

سائين سڪندريءَ جي نرڙ تي پيار ۽ احترام ڀريون پپيون ۔۔۔ سائين اصل دل خوش ڪري ڇڏي اٿوَ ۔۔۔ سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا ۔۔۔ واه سائين ۔۔۔ حب الوطنيءَ جو روشن ڪلام ۔۔۔ سنڌ سان پيار جو سهڻو اظهار ۔۔۔ ڌرتيءَ کي ڏنل انمول ڀيٽا ۔۔۔

سلام دوست سلام
 
جواب: سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جند سلامت جان سلامت

ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اتر
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي ڪينجهر
وستي واهڻ ، اوڙُ پاڙو
ڪڙم قبيلو ، ذات سلامت

شاه ، عنايت ، سورهيه سچل
سسئي ، سهڻي مارئي مومل
سچ ۽ سوڀون ، محبت موجون
ڏان جا صاحب ، ڏات سلامت

گج ۽ چنري پٽڪو اجرڪ
ماروئڙن جي منهن جي مرڪ
پيار پچارون ، سونهن سنڀارون
لوري لاڏا ، لات سلامت

عشق هجي ايمان سلامت
شل سنڌڙي جو شان سلامت
جوش ۽ جذبا نينهن نياپا
ڏينهن سلامت رات سلامت

محترم عبدالقيو سڪندري تمام بهترين لفظن جي چونڊ ٿورا لفظ پر وڏي وزن وارا
ان سان گڏ و گڏ سنڌ ۽ سنڌ سلامت اڱڻ جي لا ايتري الفت اها به دعائن ڀرپور ۔۔

ادا قيوم سدا جڙيا هجو۔۔ تمام پياري ونڊ آهي۔
اميد ته اهڙيون ڪوششون جاري رکندا۔۔۔۔۔

سدائين گڏ۔









۔
 
جواب: سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

سائن نثار ، ادا سليمان ، ادا وحيد ، ڏاڏل سائين، جواد ، عمران سڀني دوستن جا قرب ۽ ٿورا
 
جواب: سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اتر
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي ڪينجهر
وستي واهڻ ، اوڙُ پاڙو
ڪڙم قبيلو ، ذات سلامت

تمام بهترين خيال ۽ جذبا لڳا جن کي لفظ جا موتي پهرائي توهان خوب کان خوب تر بڻائي ڇڏيو۔۔۔ يقين ڪريو پهريون لفظ پڙهندي ۽ ٻيو لفظ اهڙي طرح سامهون يا زبان تي ترندي لڳو جهڙوڪ هي ڪو پرائمري جو بيت هجي جنهن کي بينچن تي بيهي بيهي ياد ڪيو هجي۔۔۔
سنڌ ۽ سنڌ سلامت سان توهان جي اهڙي جذباتي لڳائو جي جيتري به داد ڏجي گهٽ آهي۔۔۔ اميد ته جاري رکندا۔۔۔ مهرباني
 
جواب: سنڌ سلامت ساٿ سلامت جند سلامت جان سلامت

سائين نثار صاحب توهان جي محنت ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ، حوصلو مليو، دل ۾ نه ڪجو پر هڪ ڏک به ٿيو جنهن سڄي خوشي ختم ڪري ڇڏي ، اهو اهو ته ان ۾ منهنجي مرشد سورهيه سائين جي تصوير کي شامل نه ڪيو اٿو۔
 
Back
Top