عبدالقيوم سڪندري
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جند سلامت جان سلامت
ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اتر
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي ڪينجهر
وستي واهڻ ، اوڙُ پاڙو
ڪڙم قبيلو ، ذات سلامت
شاه ، عنايت ، سورهيه سچل
سسئي ، سهڻي مارئي مومل
سچ ۽ سوڀون ، محبت موجون
ڏان جا صاحب ، ڏات سلامت
گج ۽ چنري پٽڪو اجرڪ
ماروئڙن جي منهن جي مرڪ
پيار پچارون ، سونهن سنڀارون
لوري لاڏا ، لات سلامت
عشق هجي ايمان سلامت
شل سنڌڙي جو شان سلامت
جوش ۽ جذبا نينهن نياپا
ڏينهن سلامت رات سلامت
جند سلامت جان سلامت
ڪاڇو ٿر ۽ لاڙ اتر
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي ڪينجهر
وستي واهڻ ، اوڙُ پاڙو
ڪڙم قبيلو ، ذات سلامت
شاه ، عنايت ، سورهيه سچل
سسئي ، سهڻي مارئي مومل
سچ ۽ سوڀون ، محبت موجون
ڏان جا صاحب ، ڏات سلامت
گج ۽ چنري پٽڪو اجرڪ
ماروئڙن جي منهن جي مرڪ
پيار پچارون ، سونهن سنڀارون
لوري لاڏا ، لات سلامت
عشق هجي ايمان سلامت
شل سنڌڙي جو شان سلامت
جوش ۽ جذبا نينهن نياپا
ڏينهن سلامت رات سلامت