سوکڙيون ڏيڻ جي رسم محبتون وڌائڻ جو ذريعو بڻيل

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هن جي گهر جو ڀاتي ته ڇا پر پاڙي جو ڪو ماڻهو به جيڪڏهن سندس شهر ۾ رهندڙ مائٽن ڏانهن ويندو آهي ته هو ڪا نه ڪا سوکڙي موڪليندي آهي، جيڪڏهن گهر ۾ سجائي رکڻ يا سندس مائٽاڻي گهر مان ڪنهن گهر ڀاتي جي استعمال ۾ اچڻ جهڙي ڪا شيءِ موجود نه هوندي تڏهن به هو پنهنجي پاليل مينهن جو کير، مکڻ يا وري ٻني ۾ پوکيل ڀاڄين جي ٿيلهي ڀري ضرور موڪليندي آهي، بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس مائٽ وري شهر مان مختلف شيون سوکڙي طور موڪلي ڏيندا آهن. حقيقت ۾ سوکڙين جي ڏي وٺ به ثقافت سان ٽمٽار معاشرن ۾ ٿئي ٿي، سوکڙيون ڏيڻ ۽ وٺڻ سان محبتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڀلي کڻي ڪجهه رپين جي شيءِ هجي پر سوکڙي ۾ ملي ٿي ته اها ڏاڍي پياري لڳي ٿي ۽ ان جو ڪوبه ملهه نه هوندو آهي، ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ اڄ به غريب ڪٽنبن جون عورتون هڪ ٻئي کي رپئي يا اٺ آنن واري سوپاري يا ٽافي سوکڙي طور موڪلينديون آهن، جيڪڏهن ڪو مرد ڪٿي مهمان ٿي وڃي ٿو ته اتان واپسي دوران کيس عورتن لاءِ اهڙيون سوکڙيون ملن ٿيون. سوکڙين جي اهڙي ڏي وٺ بابت بدين جي هڪ ڳوٺ جي رهواسڻ لڇمان جو چوڻ آهي ته ”سوکڙيون موڪلڻ اصل ۾ هڪ ٻئي جي يادگيري ڪرڻ آهي، ڪنهن جي ڪا سوکڙي ملندي آهي ته پوءِ دلي سڪون محسوس ٿيندو آهي ۽ اهو احساس ٿيندو آهي ته سوکڙي موڪليندڙ عورت ياد رکي ٿي، جيڪڏهن ڪٿان ڪو ماڻهو ايندڙ هجي ۽ انهيءَ گهر جي عورت ڪا سوکڙي نه موڪلي ته پوءِ اسان کي ٿورو اولو لڳي ٿو، جيڪڏهن ماڻهو ايتري به يادگيري نه ڪري ته پوءِ رشتا ڪهڙي ڪم جا؟ انهن ٻن رپين جي شين مان ڪنهن جو ڪو ڍئو ڪونه ٿو ٿئي پر اصل ۾ ڳالهه يادگيري ڪرڻ جي آهي“، سچ به اهو آهي ته ٻهراڙي جون عورتون انهن ننڍين ننڍين سوکڙين کي وڏي اهميت ڏينديون آهن، ڪٿان ڪو وري ڀرت ڀريل وڳو، هٿ سان اڻيل اڳٺ يا هٿ تي ٺاهيل چوٽيون به سوکڙي طور موڪليون وڃن ٿيون، ڀينرون پنهنجن ڀينرن کي، مائرون پنهنجن ڌيئرن کي ۽ ڀاڄايون پنهنجي پرڻيل نڻائن کي اهڙيون سوکڙيون موڪلين ٿيون، انهن سوکڙين جي نه رڳو عورتن تائين ڏي وٺ محدود رهي ٿي پر ڀينرون پنهنجن ڀائرن ۽ ڌيئرون پنهنجن پيئرن کي به سوکڙيون موڪلين ٿيون پر انهن ۾ خاص طور تي کاڌن واريون شيون هونديون آهن. زندگي جا پنج ڏهاڪا پورا ڪري وار چاندي ڪري ويٺل عورت راڻيءَ اڄ به پنهنجي مائٽاڻي ڳوٺ وارين سهيلين کان وٺي پنهنجن رشتيدار عورتن کي سوکڙيون موڪليندي رهي ٿي، سوکڙيون موڪلڻ جي حوالي سان راڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”سوکڙيون محبت وڌائڻ جو ذريعو آهن، مون پنهنجي شهر ۾ پرڻجي ويل هڪ سهيلي کي ڀرت ڀريل وڳو سوکڙي طور موڪلي ڏنو ته اها ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کي وري هٿ ۾ ٻڌڻ واري گهڙي موڪلي ڏنائين، جيڪا مون کي ڏاڍي وڻي ۽ اها گهڙي آئون جڏهن به ٻڌان ٿي ته مون کي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنهن جي به پڇڻ تي فخر سان ٻڌائيندي آهيان ته اها مون کي سوکڙي ۾ ملي آهي“. ٻهراڙي جا ٻارڙا به هڪ ٻئي کي رانديڪا ۽ ٻيون شيون موڪليندا آهن، انهن ٻهراڙي جي عورتن جي اها سوچ هوندي آهي ته سندن گهر ۾ ڪو (اوپرو) اڻ ڄاڻ مهمان مرد توڙي عورتون انهن جي گهر وڃن ٿيون ته هو انهن کي خالي هٿين نه وڃڻ ڏينديون آهن ۽ اهو چوڻ هوندو اٿن ته اهو مهمان پهريون ڀيرو اسان وٽ هلي آيو آهي ته رواج مطابق خالي هٿين واپس ناهي موڪلڻو، اهي پنهنجي حيثيت مطابق ڪانه ڪا سوکڙي نشاني طور ضرور ڏينديون آهن، انهيءَ حوالي سان ساماري جي رهواسڻ زينت ٻڌايو ته اسان وٽ نئين ايندڙ مهمان کي رحمت سمجهيو ويندو آهي، ٻاهران ايندڙ مهمان جي اچڻ تي نه صرف اسان پر اسان جي ڳوٺ وارا به خوش ٿيندا آهن ۽ هو پنهنجي خوشي جو اظهار مهمان کي سوکڙي ڏئي ڪندا آهن، اهي رسمون ۽ رواج ته اسان ٻهراڙي ۾ رهندڙن جي سڃاڻپ آهن، جيڪڏهن شهر مان ڪير اسان جي ڄاڻ سڃاڻ وارو اسان لاءِ ڪا سوکڙي آڻيندو آهي ته اها سوکڙي نشاني طور پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهيون، هن ٻڌايو ته شهر ۾ رهندڙ آئون پنهنجين ساهيڙين کي اڪثر ڪري سوکڙي ۾ رِلي، ڀرت ڀريل وڳو يا ڀرت ڀريل پوتي موڪليندي آهيان ۽ ائين ئي اهي ساهيڙيون شهرن ۾ هلندڙ فيشن جي حساب سان مون کي به ڪا نه ڪا سوکڙي موڪلي ڏينديون آهن، سوکڙي ڏيڻ هڪ ٻئي کي ياد ڪرڻ ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت ونڊڻ جو ذريعو آهي. اڄڪلهه جڏهن شهر ۾ عورتن کي پنهنجي گهرن جي ڪمن ڪارن توڙي نوڪرين ۽ ٻين خفن مان واندڪائي نٿي ملي تڏهن شهرن ۾ هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي، جيتوڻيڪ اهي ڪٽنب جيڪي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن شفٽ ٿي آيا آهن انهن ۾ اڃا به سوکڙيون ڏيڻ جو رواج موجود آهي ۽ اهي ان ثقافتي رسم کي اڃا به زندهه رکيو اچن پر ٻهراڙي ۾ ته اها رسم اڄ به عروج تي آهي ۽ ان قسم جون رسمون اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ بڻيل آهن، ٻهراڙين ۾ ته غريب ماڻهن وٽ ايترو گهڻو پئسو نٿو هجي ۽ ڪن ماڻهن لاءِ ته ٻن ويلن جي ماني به مسئلو بڻيل هوندي آهي پر انهن وٽ جيڪڏهن ڪو مهمان هلي وڃي ٿو ته ان جي خدمت ڪن ٿا ۽ واپسي ۾ کين سوکڙيون پاکڙيون به ڏين ٿا، مردن توڙي عورتن ۾ مهمانن کي اجرڪ جي سوکڙي ڏيڻ اسان جي ثقافت جو سڀ کان اهم اهڃاڻ بڻيل آهي، ٻهراڙين ۾ مرد مهمانن کي اجرڪ جي سوکڙي ضرور ملي ٿي ۽ عورتن کي به اجرڪون ملن ٿيون پر ڪٿي ڪٿي وري مردن کي شال ۽ عورتن کي پوتيون سوکڙي طور ڏنيون وڃن ٿيون، ڪنهن به مهمان جي هلي اچڻ تي اهي کين انهن سوکڙين کانسواءِ واپس ته موڪليندا ئي ڪونه آهن، هن مهانگائي جي دور ۾ سوکڙيون ڏيڻ واري رسم کي جاري رکڻ تي اهي ٻهراڙي جا ماڻهو جس لهن ٿا. نينا نيهال
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سوکڙيون ڏيڻ جي رسم محبتون وڌائڻ جو ذريعو بڻيل

    سوکڙي ڏيڻ جي رسم به اسان سنڌين جي هُئي....پر اسان کان الائي ڇو اھا رسم وسري وئي آهي..سوکڙي ڏيڻ سان رشته مضبوط ۽ رشتن جو يادون تازون رهنديون آهن
     
  3. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: سوکڙيون ڏيڻ جي رسم محبتون وڌائڻ جو ذريعو بڻيل

    اسلامي ثقافت ۾ به سوکڙي ڏيڻ جو تاڪيد سان حڪم ڪيو ويو آهي
    ۽ ان سان گڏ اسان جي سنڌ جي سهڻين روايتن منجهان هڪ سوکڙي ڏيڻ به آهي
    پاڻ سڳورن جي سيرت ۾ ان عمل جو مشاهدو ڪيو وڃي ٿو
    ڪيڏو نه اسان جي ثقافتن ۾ فطرتي جهلڪ آهي
    ڇاڪاڻ ته بقول خداوند متعال اسلام دين فطرت آهي
    ان حساب سان اگر ڏٺو وڃي ته اوهان پاڻ ئي ان هڪ مثال ۾ ان جو مشاهدو ڪري سگهو ٿا
    باقي ائين به نه آهي ته اسان جو هر هڪ رسمون اسلامي روايتن وانگر هجن
     
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    498
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سوکڙيون ڏيڻ جي رسم محبتون وڌائڻ جو ذريعو بڻيل

    اصل ۾ ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي وئي آهي هرڪو پنهنجي لا پريشان آهي ان لا ٻين لا نٿو سوچي اسان وٽ معاشي صورتحال خطرناڪ حد تائين خراب آهي اهڙين حالتن ۾ ماڻهو حوصلي ۾ ئي ناهن
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,394
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سوکڙيون ڏيڻ جي رسم محبتون وڌائڻ جو ذريعو بڻيل

    ادا منهنجي دوست يونس ملڪاڻي صاحب تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته اسان جي ملڪ جو حال تمام خراب آهي، بس جنهن وٽ آهي ته اهي پنهنجي دولت مٿان نانگ بڻيا ويٺا آهن ۽ حرام جو پيئسو وڃن ٿا گڏ ڪندا ۽ پنهنجي لاء دوزخ جي باهه گڏ ڪندا، جڏهن ته هر قوم جو پنهنجو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي، جنهن ۾ ان جي جياپي جا اهڃاڻ وجوديت جا احساس شامل هوندا آهن ۽ صدين جي پنڌ ۾ سندس ان قوم کي ڪلچر جي ڪتب آنديل شين مطابق سڃاتو ۽ ڳاتو وڃي ٿو، سنڌ جي تهذيب، تمندن به تمام آڳاٽي ۽ مضبوط پائي تي ٻڌل آهي، سنڌ جي تهذيب ۾ هر اها شيءِ سڃاڻ جو باعث بڻيل آهي، جنهن جو وجود صدين کان اڳ موجود هو ۽ آهي سنڌ جون سوکڙيون پاکڙيون به دنيا ۾ مشهور آهن ۽ دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ موڪليون ۽ ڏنيون وينديون آهن، ڪو وقت هو جو سنڌ گهمڻ لاء انگريز ايندا هئا، ۽ اهي به سنڌ جون سوکڙيون پسند ڪري کڻي ويندا هئا۔ مگر اهو دور به ويو۔ اڳي محبتن جا خزانه هوندا هئا، ۽ هرڪو پنهنجي ڳوٺ جي ڪا نه ڪا شيء سوکڙي ڪري ڏيندو هو ۽ سنڌ جو هر شهر ڪنهن نه ڪنهن شيء جي ڪري مشهور آهي مثلن جهڙي طرح سان دادو جو اگم حلوو پڻ مشهور آهي، ۽ ميهڙ جي ميندي مشهور آهي، خيرپور جي کجي مشهور آهي، ميرپورخاص انبن جي ڪري، هالا هٿ جي هنر جي ڪري، لاڙڪاڻو زيتونن جي ڪري ۽ شڪارپور آچار جي ڪري مشهور آهي جنهن ۾ ميهڙ جي ميندي، ( انسان چاهي مرد هجي يا عورت وقت گذرڻ سان گڏ جيئن عمر وڌندي آهي ته ڪارا وار ساٿ ڇڏي ويندا آهن، پوءِ انهن کي لڪائڻ لاءِ هڪڙا ماڻهو ڪاري رنگ جو خضاب استعمال ڪندا آهن ته ٻيا وري ميندي جو سهارو وٺي جوان نظر اچڻ جا جتن ڪندا آهن. ايئن ئي سنڌ جي ميهڙ شهر جي ميندي به هر هنڌ مشهور ۽ مقبول آهي. ڇاڪاڻ جو ميهڙ شهر جي مٽي ميندي جي فصل لاءِ تمام بهترين آهي. هن مٽيءَ جو اثر مينديءَ جي فصل تي تمام گهڻو ٿئي ٿو. مينديءَ جي پهرين فصل کي ڪٽڻ کان پوءِ ميندي پاڻ ڦٽي پوندي آهي. مينديءَ جا ٻه فصل ٿين ٿا، هڪ رواجي فصل جيڪو مارچ مهيني ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻيو فصل آگسٽ مهيني جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو ان مينديءَ کي ڇترن جي ميندي سڏبو آهي.ميهڙ جي ميندي پنهنجي رنگ جي ڪري ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ مشهور آهي. هيءَ ميندي پاڪستان جي مختلف شهرن ڏانهن به موڪلي ويندي آهي۔ ) يا مائو، شڪارپور جي آچار، به شامل هوندو هو، شڪارپور جو آچار ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو