mohdesa
سينيئر رڪن
هن جي گهر جو ڀاتي ته ڇا پر پاڙي جو ڪو ماڻهو به جيڪڏهن سندس شهر ۾ رهندڙ مائٽن ڏانهن ويندو آهي ته هو ڪا نه ڪا سوکڙي موڪليندي آهي، جيڪڏهن گهر ۾ سجائي رکڻ يا سندس مائٽاڻي گهر مان ڪنهن گهر ڀاتي جي استعمال ۾ اچڻ جهڙي ڪا شيءِ موجود نه هوندي تڏهن به هو پنهنجي پاليل مينهن جو کير، مکڻ يا وري ٻني ۾ پوکيل ڀاڄين جي ٿيلهي ڀري ضرور موڪليندي آهي، بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس مائٽ وري شهر مان مختلف شيون سوکڙي طور موڪلي ڏيندا آهن. حقيقت ۾ سوکڙين جي ڏي وٺ به ثقافت سان ٽمٽار معاشرن ۾ ٿئي ٿي، سوکڙيون ڏيڻ ۽ وٺڻ سان محبتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڀلي کڻي ڪجهه رپين جي شيءِ هجي پر سوکڙي ۾ ملي ٿي ته اها ڏاڍي پياري لڳي ٿي ۽ ان جو ڪوبه ملهه نه هوندو آهي، ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ اڄ به غريب ڪٽنبن جون عورتون هڪ ٻئي کي رپئي يا اٺ آنن واري سوپاري يا ٽافي سوکڙي طور موڪلينديون آهن، جيڪڏهن ڪو مرد ڪٿي مهمان ٿي وڃي ٿو ته اتان واپسي دوران کيس عورتن لاءِ اهڙيون سوکڙيون ملن ٿيون. سوکڙين جي اهڙي ڏي وٺ بابت بدين جي هڪ ڳوٺ جي رهواسڻ لڇمان جو چوڻ آهي ته ”سوکڙيون موڪلڻ اصل ۾ هڪ ٻئي جي يادگيري ڪرڻ آهي، ڪنهن جي ڪا سوکڙي ملندي آهي ته پوءِ دلي سڪون محسوس ٿيندو آهي ۽ اهو احساس ٿيندو آهي ته سوکڙي موڪليندڙ عورت ياد رکي ٿي، جيڪڏهن ڪٿان ڪو ماڻهو ايندڙ هجي ۽ انهيءَ گهر جي عورت ڪا سوکڙي نه موڪلي ته پوءِ اسان کي ٿورو اولو لڳي ٿو، جيڪڏهن ماڻهو ايتري به يادگيري نه ڪري ته پوءِ رشتا ڪهڙي ڪم جا؟ انهن ٻن رپين جي شين مان ڪنهن جو ڪو ڍئو ڪونه ٿو ٿئي پر اصل ۾ ڳالهه يادگيري ڪرڻ جي آهي“، سچ به اهو آهي ته ٻهراڙي جون عورتون انهن ننڍين ننڍين سوکڙين کي وڏي اهميت ڏينديون آهن، ڪٿان ڪو وري ڀرت ڀريل وڳو، هٿ سان اڻيل اڳٺ يا هٿ تي ٺاهيل چوٽيون به سوکڙي طور موڪليون وڃن ٿيون، ڀينرون پنهنجن ڀينرن کي، مائرون پنهنجن ڌيئرن کي ۽ ڀاڄايون پنهنجي پرڻيل نڻائن کي اهڙيون سوکڙيون موڪلين ٿيون، انهن سوکڙين جي نه رڳو عورتن تائين ڏي وٺ محدود رهي ٿي پر ڀينرون پنهنجن ڀائرن ۽ ڌيئرون پنهنجن پيئرن کي به سوکڙيون موڪلين ٿيون پر انهن ۾ خاص طور تي کاڌن واريون شيون هونديون آهن. زندگي جا پنج ڏهاڪا پورا ڪري وار چاندي ڪري ويٺل عورت راڻيءَ اڄ به پنهنجي مائٽاڻي ڳوٺ وارين سهيلين کان وٺي پنهنجن رشتيدار عورتن کي سوکڙيون موڪليندي رهي ٿي، سوکڙيون موڪلڻ جي حوالي سان راڻيءَ جو چوڻ آهي ته ”سوکڙيون محبت وڌائڻ جو ذريعو آهن، مون پنهنجي شهر ۾ پرڻجي ويل هڪ سهيلي کي ڀرت ڀريل وڳو سوکڙي طور موڪلي ڏنو ته اها ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کي وري هٿ ۾ ٻڌڻ واري گهڙي موڪلي ڏنائين، جيڪا مون کي ڏاڍي وڻي ۽ اها گهڙي آئون جڏهن به ٻڌان ٿي ته مون کي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنهن جي به پڇڻ تي فخر سان ٻڌائيندي آهيان ته اها مون کي سوکڙي ۾ ملي آهي“. ٻهراڙي جا ٻارڙا به هڪ ٻئي کي رانديڪا ۽ ٻيون شيون موڪليندا آهن، انهن ٻهراڙي جي عورتن جي اها سوچ هوندي آهي ته سندن گهر ۾ ڪو (اوپرو) اڻ ڄاڻ مهمان مرد توڙي عورتون انهن جي گهر وڃن ٿيون ته هو انهن کي خالي هٿين نه وڃڻ ڏينديون آهن ۽ اهو چوڻ هوندو اٿن ته اهو مهمان پهريون ڀيرو اسان وٽ هلي آيو آهي ته رواج مطابق خالي هٿين واپس ناهي موڪلڻو، اهي پنهنجي حيثيت مطابق ڪانه ڪا سوکڙي نشاني طور ضرور ڏينديون آهن، انهيءَ حوالي سان ساماري جي رهواسڻ زينت ٻڌايو ته اسان وٽ نئين ايندڙ مهمان کي رحمت سمجهيو ويندو آهي، ٻاهران ايندڙ مهمان جي اچڻ تي نه صرف اسان پر اسان جي ڳوٺ وارا به خوش ٿيندا آهن ۽ هو پنهنجي خوشي جو اظهار مهمان کي سوکڙي ڏئي ڪندا آهن، اهي رسمون ۽ رواج ته اسان ٻهراڙي ۾ رهندڙن جي سڃاڻپ آهن، جيڪڏهن شهر مان ڪير اسان جي ڄاڻ سڃاڻ وارو اسان لاءِ ڪا سوکڙي آڻيندو آهي ته اها سوکڙي نشاني طور پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهيون، هن ٻڌايو ته شهر ۾ رهندڙ آئون پنهنجين ساهيڙين کي اڪثر ڪري سوکڙي ۾ رِلي، ڀرت ڀريل وڳو يا ڀرت ڀريل پوتي موڪليندي آهيان ۽ ائين ئي اهي ساهيڙيون شهرن ۾ هلندڙ فيشن جي حساب سان مون کي به ڪا نه ڪا سوکڙي موڪلي ڏينديون آهن، سوکڙي ڏيڻ هڪ ٻئي کي ياد ڪرڻ ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت ونڊڻ جو ذريعو آهي. اڄڪلهه جڏهن شهر ۾ عورتن کي پنهنجي گهرن جي ڪمن ڪارن توڙي نوڪرين ۽ ٻين خفن مان واندڪائي نٿي ملي تڏهن شهرن ۾ هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي، جيتوڻيڪ اهي ڪٽنب جيڪي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن شفٽ ٿي آيا آهن انهن ۾ اڃا به سوکڙيون ڏيڻ جو رواج موجود آهي ۽ اهي ان ثقافتي رسم کي اڃا به زندهه رکيو اچن پر ٻهراڙي ۾ ته اها رسم اڄ به عروج تي آهي ۽ ان قسم جون رسمون اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ بڻيل آهن، ٻهراڙين ۾ ته غريب ماڻهن وٽ ايترو گهڻو پئسو نٿو هجي ۽ ڪن ماڻهن لاءِ ته ٻن ويلن جي ماني به مسئلو بڻيل هوندي آهي پر انهن وٽ جيڪڏهن ڪو مهمان هلي وڃي ٿو ته ان جي خدمت ڪن ٿا ۽ واپسي ۾ کين سوکڙيون پاکڙيون به ڏين ٿا، مردن توڙي عورتن ۾ مهمانن کي اجرڪ جي سوکڙي ڏيڻ اسان جي ثقافت جو سڀ کان اهم اهڃاڻ بڻيل آهي، ٻهراڙين ۾ مرد مهمانن کي اجرڪ جي سوکڙي ضرور ملي ٿي ۽ عورتن کي به اجرڪون ملن ٿيون پر ڪٿي ڪٿي وري مردن کي شال ۽ عورتن کي پوتيون سوکڙي طور ڏنيون وڃن ٿيون، ڪنهن به مهمان جي هلي اچڻ تي اهي کين انهن سوکڙين کانسواءِ واپس ته موڪليندا ئي ڪونه آهن، هن مهانگائي جي دور ۾ سوکڙيون ڏيڻ واري رسم کي جاري رکڻ تي اهي ٻهراڙي جا ماڻهو جس لهن ٿا. نينا نيهال