هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ شاعرن ۽ ٻاهٺ هزار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي صورت ۾

'سنڌي ادب' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ شاعرن ۽ ٻاهٺ هزار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي صورت ۾ موجود رهيا آهيو
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ اوهان هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ شاعرن ۽ ٻاهٺ هزار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي صورت ۾ موجود رهيا آهيو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي خيالن ۽ افڪار کان آگاهي ڏيندا پيا اچو. اوهان مشاعرن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ سُرهيون سانجهيون، شامون توڙي خاص ڏينهن ملهائڻ ۾ به خود ڪفيل رهيا آهيو. ڪانفرنسن جي کوٽ ڪڏهن رهڻ نه ڏني اَٿوَ ۽ سيمينار به اوهان جي کٻي هٿ جو کيل رهندا آيا آهن. اوهان موهن جي دڙي ۽ سنڌو درياهه تي سال جي ويندڙ سج کي الوداع ڪرڻ جي اجتماعي ڪارگذاري به ڏيکاري آهي ته نئين سال جي پهرئين صبح جو اڀرندڙ سج جون سلاميون به ڀريون آهن. ادبي ميڙاڪن ۾ ڳاهٽ به ٿيا آهيو ۽ گڏجاڻين جي گونج به هميشه رهي آهي.

    ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود هن ڌرتيءَ علم ۽ ڏاهپ جو ڪو عروج ڪونه ڏٺو. اخلاقي قدرن جي ڪا آبياري ڪانه ٿي. مهارتن جي ڪا ترقي ڪانه ٿي. مثالي ماڻهن جي ڪا نرسري ڪانه جڙي. سک لاءِ سرگردان ماڻهن کي اطمينان جي ڪا واٽ ڪانه ملي. نه ڪي سگهارن فڪري روين جا بنياد پيا، نه ڪو سماجي ترقيءَ جون وٿون نروار ٿيون، نه ڪا ويڳاڻپ ختم ٿي، نه ڪا صحتمند چٽاڀيٽي شروع ٿي سگهي، نه ڪو ڪلفتن جو زوال آيو، نه ڪو محبتن جو عروج ٿيو، نه اجتماعي ڌارا سگهاري ٿي سگهي ۽ نه عمل جو آغاز ٿيو!

    ها، البت ڄُنڊاپٽ جي ڪاروبار جو عروج ٿيو. تنقيد ۽ تعريف جو نرالو ڪلچر متعارف ٿيو. هڪ ٻئي جي پٽڪي لاهڻ واري رسم جي آبياري ٿي، گروپ بندي جي ترقي ٿي، جڳاڙين جا فصل لٿا. ماڻهن کي ڀٽڪڻ جا رستا مليا. نشستن جي اختتام تي پيئڻ پيئارڻ جا بنياد پيا ۽ هڪ ٻئي لاءِ هروڀرو مهانتائن مڃڻ جي ترقي ٿي!

    ورهاڱي کانپوءِ اسان سان رياست جو رويو سڄڻائپ وارو ڪونه هو. ان صورت ۾ اسان جي صاحبان علم ۽ دانش کي ترتيب ۽ تنظيم سان ادارا جوڙي پنهنجي ماڻهن جي تربيت ڪرڻي هئي. سگهاري فڪر، مهذب ڪلچر ۽ جٽادار روايتن جي پاسداري ڪرڻي هئي. اجتماعي ڌارا کي سگهارو ڪرڻو هو ۽ ماڻهن جي عزم ۽ عمل کي ميلاپ ڏياري شاندار بنائڻو هو ليڪن بدقسمتيءَ سان انهن مان ڪو هڪ ڪم به تحريڪي ۽ مشنري انداز ۾ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڪونه ٿيو.

    اي اديبو ۽ دانشورو!

    قومي مزاج ۾ جذبن ۽ عقليت جو توازن قائم رکڻ لاءِ اوهان کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو ليڪن ائين ممڪن نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اوهان پاڻ ئي ان توازن جي شعور کان عاري رهيا ۽ نه رڳو پاڻ ٺلهي جذباتيت جي وهڪري ۾ وهندا رهيا بلڪه قوم کي به ان وهڪري ۾ غوطا کارائيندا رهيا. اوهان وٽ ڪُل ڏاهپ جو سرچشمو اوهان جي پنهنجي ذات، داخلي محرومين تي مبني شاعري ۽ پنهنجون لکڻيون هيون. اوهان کي هر قسم جي سنجيده تقريب ۾ راڳ رنگ به گهرجي پيو ۽ هر مهذب تصور سان گڏ پيگ پيالو ۽ کيل تماشو به کپي پيو. ڏيئا ٻاري ويندڙ سال کي الوداع ڪرڻ ۽ ايندڙ سال جي اڀرندڙ سج جي سلامي ڪنهن خاص هنڌ تي ڪرڻ اوهان لاءِ وڏي ۾ وڏي اجتماعي سرگرمي هئي. علمي رويا، علمي طريقا ۽ علمي جهد اوهان جي ائپروچ ۽ اڻ تڻ ۾ ئي شامل نه هئا.

    وڏي بدقسمتي ته اوهان وٽ سائنس جي علمن جي حاصلات لاءِ ڪابه ديوانگي نه هئي، جنهن سان اوهان قوم جي اجتماعي مهارتن ۽ قابليتن کي سگهارو بنائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهو. اوهان وٽ فلسفي جي ذريعي زندگي جي حسناڪين کي ترتيب ۾ آڻي انهن کي منظم ڪرڻ جي تڙپ ۽ جستجو نه هئي، جنهن سان اوهان نوجوانن مان ويڳاڻپ ختم ڪري انهن ۾ زندگي، حسن ۽ حق جو ادراڪ ۽ عمل سگهارو ڪري سگهو. اوهان رياضيءَ جي مشقن ۽ فارمولن ذريعي زندگيءَ جي مادي حقيقتن کي سائنٽيفڪ ۽ رياضياتي بنائڻ جي ڳڻ ڳوت ڪانه ڪئي، جنهن سان اوهان نوجوانن کي چٽاڀيٽي ۽ مهم جوئيءَ جي ميدانن ۾ ڊوڙائي سگهو. اوهان هر وقت رڳو بي مقصد شاعري، غيرمعياري راڳ ۽ اجاين نعرن جي صورت ۾ نوجوانن کي محبتن ۽ نفرتن جا بي منزل پيچرا پئي لِيڪي ڏنا. انڌين محبتن جي انهن بي منزل پيچرن تي روان رهي نوجوانن جو وڏو حصو رهبرن سان عقيدتون نباهڻ جو پتلو بڻجي ويو. ڪڏهن به اختلاف راءِ جي حق جو استعمال انهن جي لاءِ حرام بڻجي ويو ۽ هر اجتماعي عمل ۾ شرڪت جو بنياد شخصي وابستگيون ۽ ياري باشي وڃي رهيو. وري جڏهن نوجوان انڌين نفرتن جي ور چڙهي ويا ته اهي نفرتون ئي سندن هيرو ورشپ بڻجي ويون. نتيجي ۾ انهن عقل ۽ دليل جي ڪابه ڳالهه پنهنجي دل تي دستڪ ڏيڻ لاءِ پهچڻ نه ڏني ۽ ڪنهن به مسئلي تي غير جانبداريءَ سان سوچڻ لاءِ پنهنجن دماغن جي تالابندي ڪري ڇڏي.

    اي ديده ورو، اي دانشورو!

    اوهان ماضي پرستيءَ جي فضول روايتن کي اکيون ٻوٽي قوم جي مٿان مسلط ڪري ڇڏيو: اسين موهن جي دڙي جا وارث! اسين پٿر جي دور کان وٺي عظيم، دنيا جي سڀني قومن کان عظيم! دنيا جي سڀني کان وڏي ادبي تنظيم به اسان وٽ، دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو به اسان وٽ، دنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان به اسانجي سنڌ ۾... اسين عظيم، اسين عظيم، اسين قديم! دنيا جي سڀني قومن کان برتريءَ جي اهڙي مهم جوئيءَ اوهان کي ڪڏهن هيءُ سوچڻ جو موقعو به نه ڏنو ته بحيثيت قوم جي ماضيءَ ۾ اسان کان ڪي غلطيون به ٿيون آهن. اسان جون ڪي اجتماعي ڪوتاهيون به آهن جيڪي روڳ بڻجي اسان جي مرحليوار بدحاليءَ جو ڪارڻ بڻيون آهن.

    توهان ڪڏهن اهو سوچيو ته ڪيتريون ڳالهيون، سلوگن ۽ فيصلا هئا جيڪي خوبصورت لفظن ۾ ويڙهي، دونهيندار انداز بيان ۾ هتان جي ماڻهن کي تجويزن ۽ تائيدن لاءِ مليا ۽ ماڻهو انهن جي سحر ۾ ليڊرن پٺيان ڳاهٽ ٿيندا رهيا ليڪن انهن غير عقلي فيصلن جا هتان جي ڪيترن نسلن کي ڪيتا لوڙڻا پئجي ويا.

    پنهنجي بدحاليءَ جو جڏهن به تذڪرو نڪتو ته ان جو الزام رڳو ٻين قومن ۽ ڌارين طاقتن تي لڳايو سين. بدحاليءَ جي پنهنجي اندروني سببن تي ويچار جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي. نه سياسي سببن تي، نه اخلاقي ۽ معاشي ڪارڻن تي ۽ نه فڪري سببن تي ڪو غور ڪيو ويو. قومن جو بگڙڻ ۽ بنجڻ ڏهاڪن ۽ صدين جي سفر تي ڦهليل هوندو آهي، ان جي ذميداري ڪنهن هڪ واقعي، ڪنهن هڪ ڌارئي يا ڪنهن هڪ ذميدار تي نه هوندي آهي. ٻيو ته ڌارئي کي تسلط جو موقعو به تڏهن ملندو آهي جڏهن اها قوم اندروني طور تي ڪمزور ۽ بدحال هوندي آهي ۽ اوهان اها ڪمزوري ۽ بدحالي قوم کي ٻڌائڻ جي ڪڏهن تڪليف ئي گوارا ڪونه ڪئي. اها تڪليف گوارا نه ڪرڻ جيڪڏهن هن خيال کان هو ته بدحاليءَ بابت فڪري ۽ سماجياتي شعور ماڻڻ ماڻهن جو پنهنجو ذاتي مسئلو آهي ۽ ڇاڪاڻ جو هيءُ معلومات جو دور آهي، ماڻهو پاڻ عاقل بالغ آهن، پاڻ پنهنجي معلومات ذريعي پنهنجي بدحالي جا سبب ڄاڻي وٺندا... ته اها اوهانجي حد درجي جي ذهني سادگي هئي. اهو به ممڪن آهي اوهان ڄاڻي واڻي بدحاليءَ جي انهن سببن کي ڌارين جي کاتي ۾ هڻي ڪنهن به ذميوار ي کڻڻ کان لاتعلق ٿي پنهنجي جان خلاصي ڪرائڻ ٿي گهري. ڇاڪاڻ ته اوهان کي قومي بدحاليءَ جي فڪري ۽ سماجياتي سببن جي نشاندهيءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي عملي ڪردار جي مشقتن مان گذرڻو پئي پيو ۽ بدقمستيءَ سان اوهان قومي فڪري ڌارائن جي تشڪيل لاءِ ان عملي ڪردار جي پلصراط تان گذرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا.

    اوهان رڙيون ڪندا رهيا ته پنهنجي قوم ۾ غدار آهن پر اهو نه ٻڌايوَ ته جيڪڏهن پنهنجي قوم ۾ ڪي غدار پيدا ٿيا ته ڇو ٿيا؟ ۽ انهن غدارن کان ڇوٽڪاري جو رستو ڪهڙو آهي؟ اوهان اهو به ڪونه ٻڌايو ته قومي سفر ۾ جيڪي ناڪاميون پلئه پيون، انهن جا حقيقي ڪارڻ ڪهڙا هئا. زندهه قومون پنهنجي هر ناڪاميءَ جي رپورٽ مرتب ڪنديون آهن ليڪن هتي سنڌي قوم کي پنهنجي قومي وجود جي بقا لاءِ ٿيندڙ مزاحمتي ناڪامين جي سببن جي هڪ تفصيلي رپورٽ به ڪنهن دانشور جي پاران نه ملي سگهي! آمريڪا وارن ويٽنام ۾ پنهنجي شڪست جو يادگار ٺهرائي چوڪ تي سجائي ڇڏيو ته اهو يادگار هنن کي پنهنجي ناڪامين جي يادگيري ڏياري آئنده جي غلطين کان بچڻ جي علامت بڻيو رهي، ليڪن اوهان هتي غلطين جي سادي اعتراف جا به روادار نه رهيا.

    اوهان مان جيڪي ٻه چار اکر وڌيڪ پڙهيل هئا، انهن پنهنجي قابليتن کي ڪن به وڏي قومي مقصدن جي لاءِ ارپي ڇڏڻ بجاءِ سڻڀين سرڪاري نوڪرين جي حاصلات لاءِ پاڻ کي خواهشن جي رڃ ۾ ڊوڙائي رکيو ۽ جيستائين اهي سڻڀيون نوڪريون اوهان جي شهري اشرافيه واري مرتبي ماڻڻ واري حسرت جو پورائو ڪنديون پئي آيون، اوهان ڦرڻين ڪرسين ۽ آرامده ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن جي نشي ۾ غلطان پئي رهيا پر جيئن ئي اوهان کي انهن سڻڀين پوسٽن تان پاسيرو ڪيو ويندو هو ته اوهان جي ڪنن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿينديون هيون ۽ پوءِ اوهان جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڊرائنگ رومن ۾”سنڌ جي ڀلي“ جي نالي تي گڏجاڻيون شروع ٿي وينديون هيون.

    اوهان مان ڪيترن اديبن ۽ دانشورن جي انگريزي ۽ اردو ڪمال جي هئي ۽ وٽن لکڻ جو ڏانءُ به هو ليڪن افسوس جو اوهان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪيس انگريزي ۽ اردو لکتن جي ذريعي دنيا تائين پڄائڻ جي لاءِ ڪا مهم جوئي ڪانه ڏيکاري. ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن سنڌ مخلوط النسل صوبو بڻجي ويو ته اوهان پنهنجي دانش سان هتي هميشه لاءِ آباد ماڻهن کي ڌرتيءَ جي خوشبوءِ جو ديوانو نه بڻائي سگهيو.

    اوهان ڌرتي ڌڻين جي زندگي ۽ موت جي مسئلن ۽ سنڌ ڪيس جو سڄي سنڌ ۾ ڪو هڪڙو معلوماتي مرڪز به ڪونه جوڙيوَ، جتان دنيا جي ابلاغي ذريعن ۽ مختلف محاذن تي وڙهندڙ عملي ڪردارن کي انفارميشن فيڊنگ ڪري سگهجي.

    اوهان مان ڪيترا اهڙا هئا جن جا ڪالم جڏهن سنڌي اخبارن جي اندرين صفحن تي فوٽوئن سان ڇپجڻ لڳا ته اهي پاڻ کي مهان دانشورن ۾ شمار ڪرائي”دانشوريءَ جي قومي استحقاقي لسٽ“ ۾ شامل ٿي ويا. ان کانپوءِ اڳتي وڌي مڪالمن جي آغاز، تربيتي مرڪزن جي قيام، معلوماتي سينٽرن جي جوڙجڪ، تبديلين جي لاءِ عملي ڪردار ۽ فڪر جي اوسر جي اوهانکي ڄڻ ضرورت ئي نه هئي! هاڻي اهڙن مهان دانشورن جي لاءِ صدارت جون ڪرسيون ۽ خاص مهمان جا تمغا قومي ضرورت بڻجي ويا ۽ انهن ٻنهي مقصدن جي لاءِ آدم بو آدم بو جو سمان وڃي رهيو.

    ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جن زندگيءَ ۾ ڪو هڪ رسالو ڪڍيو يا ڪنهن رسالي ۾ ياري باشيءَ جي بنياد تي شريڪ ڪيا ويا هئا. ڪن ڪو هڪڙو متاثر ڪندڙ بيان ڪڍيو هو ۽ ڪن ڪنهن هڪڙي احتجاجي جلوس ۾ ئي شرڪت ڪئي هئي پر هاڻي انهن ماڻهن جو استحقاق بڻجي پيو ته اهي پنهنجي انهي”عظيم“ ڪارڪردگيءَ جو سڄي ڄمار کٽيو کائيندا رهن ۽ سنڌ جا مهان سڄڻ ليکيا وڃن، ڇو ته بظاهر سنڌ جي غم ۾ هميشه لاءِ سندن هانءُ ڦاٽي ٿو. سنڌ جي نالي تي جاري ڪيل ان هڪڙي بيان، رسالي، ڪهاڻي ۽ جلوس کان پوءِ انهن ماڻهن جو اهڙو ڪوبه اداره ساز ۽ شخصيت ساز ڪردار سامهون نه آيو پر رسمي لکڻيون لکڻ ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ اُٿڻ ويهڻ ڪري اهي هميشه لاءِ”مهان ماڻهو“ بڻجي ويا. ڇاڪاڻ جو انهن ماڻهن جون پنهنجيون پنهنجيون ڪئمپون ۽ لابيون هيون، انهيءَ ڪري هڪ ٻئي کي”قاضي ۽ حاجي“ چوڻ جي ريت خوبيءَ سان نڀائجندي رهي.

    اهڙن”حاجين“ ۽”قاضين“ جو پورو پروفائيل کولي ڏسو! انهن سنڌ ۾ هڪ به”شانتي نڪيتن“ ڪونه جوڙيو. انهن سنڌ ۾ هڪ به مڪالمي جو”ڪولوزيم“ برپا ڪونه ڪيو، انهن سنڌ ۾ ڪوبه”ندوه“ ۽”عليگڙهه“ وجود ۾ نه آندو. انهن مان ڪنهن به ائڊورڊ سعيد جيترو ڪم ته ٺهيو پر ارون ڌتي راءِ جيترو زائفاڻن حقن بابت تحرڪ به ڪونه ڏيکاريو.

    تحرڪ ۽ تحريڪ کي جنم ڏيڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي دور جي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻو هو، پر اوهان ان ۾ به ناڪام رهيا. اوهان مان وڌ ۾ وڌ ذهين دانشور به چئن يارن جي چوياري جوڙي ڊرائنگ رومن ۾ سنڌ جي وقتي مسئلن تي فڪرمندي ڪندي سڄي عمر قراردادن پاس ڪرڻ کان اڳتي ڪونه وڌي سگهيا. اوهان پنهنجي فڪري ڌارائن کي عوام ۽ ڌرتيءَ جي روح سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ تبديليءَ جي لاءِ به ڪنهن به موثر فڪري سگهه کي وجود ۾ آڻي نه سگهيا. جڏهن اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيا ته پوءِ عوام جي مٿان مفاد ۽ غرضن جي غلامن پنهنجو وارو وڄايو. ايئن هتي ذهنن ۽ ويچارن کي ڀٽڪائيندڙ هچائون مٿي ۾ لڳنديون رهيون ۽ ڏينهون ڏينهن ڀٽڪڻ جو عمل سگهارو ٿيندو رهيو.

    اي سنڌ جا دانشورو ۽ اديبو!

    اوهان کي هميشه پنهنجي لکيتن ۾ سنڌ جو درد ۽ فڪر لاحق رهيو آهي، انهيءَ تي ڪي به ٻه رايا ڪونهن. اوهان پنهنجي پر ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٻوٽو ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيو، انهيءَ سان به اختلاف ڪونهي. پر اهڙين وکريل ڪوششن جو ٿورو گهڻو فائدو اوهان جي چوڌاري موجود ادبي دنيا معرفت اوهان کي ته ملندو رهيو آهي، پر اسان جي سماج کي اوهان جي جيتري موثر ڪردار ۽ عمليت جي ضرورت رهي آهي، اوهان کي اعتراف هئڻ گهرجي ته اوهان ان کان قاصر رهيا آهيو. اوهان جون جيتريون ذميداريون بڻجن ٿيون، ان حساب سان اوهان ۾ اهو ولولو ۽ اها مستعدي پيدا نه ٿي سگهي آهي. اوهان جي موثر ڪردار جي ادائيگيءَ ۾ رڪاوٽ اوهان جو فڪري بحران آهي. اوهان وٽ ڪابه فڪري وحدت ڪانهي ۽ ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهيو. اوهان جي ادبي صلاحيت ۽ اوهان جي ڄاڻ ڪنهن فڪر جي اوسر بجاءِ اوهان جي ذات جي قابليت ۽ علمي ادبي ڌاڪي ڄمائڻ تي استعمال ٿي رهي آهي. اوهان مان ڪيترن مهان دانشور ٿيڻ جي چڪر ۾ پاڻ کي افلاطون، هيگل، ڊيڪارٽ ۽ فرائيڊ جو علمي وارث بنائڻ ۽ باور ڪرائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي تحريرن کي خواص جي مٿان رعب وجهڻ جو هٿيار بڻائي ڇڏيو. اوهان دنيا جي عملي سماج سڌارڪن ۽ مذهبن جي بانين ۽ ماضيءَ ۾ بنيادي تبديليون آڻيندڙ رهنمائن جي ذميدارين ۽ طور طريقن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪونه ڪري سگهيا. اوهان پنهنجي روحن کي روشن فڪري عطا نه ڪري سگهيا، جنهن سان اوهان پنهنجي لاءِ ذميداري ۽ شعور به پيدا ڪري سگهيا پئي ۽ عوام جي فڪري ۽ سماجي رهنمائي پڻ ڪري سگهيا پئي.

    اوهان سڀئي تخليقڪار هجڻ جا دعويدار آهيو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان مان اڪثريت جي ڄاڻ جو بنياد رڳو تقليدي آهي. گروپ جو گرو جيڪا سوچ رکي ٿو، چيلا اکيون ٻوٽي ان جي پوئواريءَ ۾ هلندا وتن ٿا. اهڙن ماڻهن جو تعداد بنهه گهٽ آهي جيڪي فڪر ۽فهم جي بنياد تي، دليل ۽ حجت سان هٿياربند ٿي زميني حقيقتن پٽاندڙ ميسر ماحول ۾ سماجي افڪار جي سگهه تي پنهنجو قبلو متعين ڪندا هجن.

    اوهان جي انفراديت پسندي اوهان جي سمورين صلاحيتن کي اڏوهي وانگر اندران ئي اندران کائي ناس ڪندي ٿي وڃي پر اوهان کي انهيءَ جو شعور ئي ڪونه ٿو رهي. هڪ باضمير اديب ۾ جيڪا اقدامي جرئت هئڻ گهرجي اها ڪمال اجتماعيت پسنديءَ جي رجحانن سان حاصل ٿيندي آهي ۽ بدقمستيءَ سان اجتماعيت گريزي جي رحجانن اوهان کي اقدامي جرئت جي جوهر کان محروم ڪري وڏن ۽ غيرمعمولي ڪمن جي سرانجاميءَ کان لاتعلق ۽ بيگانو ڪري ڇڏيو آهي.

    سماج جي لاءِ پنهنجي اندر مان اٿندڙ بي چينيءَ جي اڻهوند واري خال کي ڀرڻ لاءِ اوهان کي ڪابه اطمينان جي هوند گهرجي پئي پر اوهان جي تقليد پرستيءَ اوهان کي گروهن جو مجاور بڻائي ڇڏيو. پوءِ جڏهن انهن گروهن اکيون ٻوٽي هر ڳالهه ۾ مغرب جي پوئواريءَ جي واٽ اختيار ڪئي ته اوهان به ان قطار ۾ شامل ٿي ويوئ. مغرب ۾ سوويت يونين جو زوال ٿيو ته هتان جي سماجي ڏاهن جي سڄي هوا نڪري وئي. فرائيڊ ۽ سارتر اُتان جي سرمائيدارانه سوسائٽيءَ جي، مخصوص حالتن ۽ نتيجن ۾ سرمائيداراڻي ويڳاڻپ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن کي واٽ ڪڍي ڏني هئي پر اوهان نقل ۾ به عقل کان ڪم وٺڻ بدران ڊوڙون پائي نه صرف پاڻ انهن واٽن تي ڊُڪڻ شروع ڪيو پر اوهان پنهنجي لکيتن جي ذريعي انتهائي غريب ۽ ڏتڙيل سوسائٽي جي ٻين اڻڄاڻن کي به انهن واٽن تي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. انهن واٽن جي منزل جي اوهان کي به خبر ڪانه هئي پر اهو جديديت جي فيشن طور اوهان جي لاءِ لازم هو. پر جيڪي توهان کي معتبر سمجهي منزل جي حاصلات لاءِ اوهان پويان ڊوڙيا، اوهان انهن کي به سهڪائي سهڪائي بيحال ڪري ڇڏڻ کانسواءِ ڪجهه به کين پلئه نه وڌو.

    اوهان مان ڪيترن ماڻهن هيگل جي جدليات پڙهي هئي. اوهان کي ان جدليات جي روشنيءَ ۾ هي شعور حاصل هو ته هر تصور هڪ حد يا نسبت کان اڳتي وڌي پنهنجي نفي ڪندو آهي ۽ تصورن جي ٽڪراءَ مان هڪ نئون تصور پيدا ٿيندو آهي، ليڪن اوهان انهيءَ شعور کان عاري رهيا ته جدليات جو اهو عمل خودبخود جاري نه رهي سگهندو آهي، بلڪه انهيءَ کي جاري رکڻ لاءِ شعور، فڪر ۽ ارادي جي ضرورت هوندي آهي. اوهان پنهنجي چوڌاري تصورات جي تصادم مان هڪ نئين تصور پيدا ٿيڻ جو ڪرشمو ڏسڻ جي انتظار ۾ رهيا، جيئن مذهبي ڌريون حالتن جي بدلجڻ ۾ امام مهديءَ جو انتظار ڪنديون رهيون، تيئن اوهان مان هڪڙا حالتن جي بدلجڻ لاءِ روس ۾ ٻيهر سوشلسٽ انقلاب جي امڪانن کي تڪيندا رهيا ۽ ٻيا وري بدلجندڙ عالمي ڊيموگرافڪ تبديلين جي آسري تي هڪ ٻئي کي خودبخود قسمت بدلجڻ جو دلداريون ڏيندا رهيا. سٺ سالن جي شڪست کائڻ جو عمل به اوهان جي هوش حواس کي اهو باور نه ڪرائي سگهيو ته اوهان زمان ۽ مڪان جي شعور ۽ صدين تي محيط پنهنجي فڪري روايتن سان پاڻ ۾ تبديليءَ جو عزم ۽ ارادو کڻي قوم جي سامهون وڃو.

    اي سنڌ جا اديبو ۽ دانشورو!

    اوهان جي مت انهيءَ ڪري کسجي ويئي هئي جو اوهان پنهنجي ڏاهپ ۽ شعور جي بنيادن ۾ پنهنجي خلقڻهار کي پنهنجو ساڻي ۽ شريڪ نه بڻايو. اوهان پنهنجي خلقڻهار جي بخشيل انهيءَ سمجهه ۽ عطا کان پاڻ کي محروم رکيو جيڪا هن پنهنجي تڙپندڙ بندن جي لاءِ همت ۽عظمت جي طور تي انسان جي تحت الشعور ۾ محفوظ رکي آهي. نتيجي ۾ اوهان جي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستگي، تڙپ ۽ جستجو انهيءَ منزل تي ئي نه رسي سگهي جو اوهان ۾ سماج جي لاءِ سڄڻ ۽ سڌارڪ هئڻ جي ديوانگي پيدا ٿي پوي. اهڙي امنگ ۽ ارپنا جيڪا هزارين سالن کان سماج جي سڄڻن ۽ سڌارڪن جو مرڪ رهي آهي. اهڙي ديوانگي جيڪا انسانيت جي ڪمن لاءِ انهن کي بيخود بڻائي رکندي هئي. اهڙي ديوانگي جنهن حق ۽ سچ جي ساٿ لاءِ سقراط کان زهر جو پيالو پيارايو. اهڙي بيتابي جنهن پنهنجي مشن جي تڪميل لاءِ حضرت عيسيٰ عه کي صليب تي پهچائي ڇڏيو، اهڙي امنگ جنهن انسانيت کي اعليٰ قدرن ۽ فلاحي معاشري کان سرفراز ڪرڻ جي ذميداريءَ ۾ حضرت محمد ؐ کي طائف جي بازارين ۾ پٿر کارايا . اهڙي حوالگي جنهن ملوڪيت ۽ آمريت کي چئلينج جي ڪري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ منصور بن حلاج کي تخته دار تي پڄايو هو. اهڙي وابستگي جنهن ڌارين جي تسلط لاءِ للڪار بڻجي مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيسرايو هو. اهڙي قرباني جنهن هن ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ پيڙهيل هارين کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ شاهه عنايت کي شهادت جي مرتبي تي فائز ڪرايو.

    اوهان جي شخصي بحران جو اصل ڪارڻ اهو آهي ته اوهان بحيثيت انسان پنهنجي شناخت جي تلاش ڇڏي ڏني.”مان ڪير آهيان؟ ڇو پيدا ڪيو ويو آهيان؟ منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“ اوهان جي زندگيءَ ۾ انهن بنيادي سوالن جي جواب جي نه ڪا تلاش رهي، نه ڪا اهميت رهي. نتيجي ۾ اوهان وٽ زندگيءَ جي روين ۽ حقيقتن ۾ وقت بوقت تضاد منظر تي ايندا ويا. جڏهن زندگيءَ جي باري ۾ نصب العين جو تصور ئي نه رهيو ته اوهان پاڻ مان اهو جوهر، استعداد، صلاحيت ۽ لقاءُ وڃائي ويٺئو، جنهن ۾ دنيا جي چٽاين ۽ حسناڪين کي قبول ڪرڻ جي خاصيت هوندي آهي. جڏهن اهو استعداد ئي وڃائجي چڪو ته پوءِ هيڏو ڊگهو تهذيبي ۽ علمي پسمنظر ۽ هيڏي ساري صوفي فڪر جي زرخيزي به اوهان کي بچائي اِن لائق نه بڻائي سگهي جو اوهان قومي بقا جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري سگهو.

    سنڌ جو محسن ۽ دانش جو جوهر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان تي ڌارين غنيمن جي مسلسل يلغارن ۽ پنهنجي ڪمزور نظام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل خرابين جي سڌاري لاءِ گونجار بڻجي اڀريو. هن جي فڪر جي پرواز، هن جي تڙپ جي انتها، هن جي عمل لاءِ اتساهيت جي گهرائي ۽ انيڪ آزارن ۾ وڪوڙيل قوم جي نبض شناسي ڏسي، سڄي سنڌ هن جي مسيحائي جو اعتراف ڪري ويٺي. اوهان به نالي ماتر ته کيس پنهنجو رهبر ڪري ورتو، پر افسوس جو اوهان ڀٽائيءَ جا سڌڙيا عاشق ثابت ٿيو. اوهان ڀٽائي کي جيترو پنهنجي سوچ جي پيمانن تي پورو لڌو اوتري ان جي مسيحائي مڃي ۽ جتي اوهان جي نفسي خواهشن جو مسئلو هو، جتي آفاقي پيغام جي قبوليت جو مطالبو هو، جتي لوچ هئي، جتي جهد هئي ۽ جتي سورهيائپ سوڀ کي مرڻي هئي، اتي اوهانجي طرفان حيلا بهانا ۽ تاويلون هيون. ڀٽائي هڪ پختي عقيدي واري مسلمان جي حيثيت ۾ پنهنجي رسالي کي الاهي آيتن جو تفصيل ڪري پيش ڪيو، ليڪن اوهان پنهنجي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ پالڻهار جي ضابطن جي پابنديءَ جا روادار نه رهيو. پالڻهار پنهنجي آفاقي ضابطن جو آخري ايڊيشن قرآن مجيد حضرت محمدؐ جي ذريعي انسانيت کي عطا ڪيو، اوهان ان سان وابستگيءَ جي ڪا نسبت ئي نه جوڙي. جيڪو ڪتاب ڏاهپ جو ڀنڊار هو، جيڪو ڪتاب انسانيت جي ڪامراني ۽ فلاح جي فطري اصولن جو سرچشمو هو، جيڪو ڪتاب انسان جي نصب العين ۽ منزل جو تعين ڪندڙ هو، اوهان پاڻ تي ان جو پاڇو پوڻ ئي ڪونه ڏنو.

    ڀٽائي سڄي دنيا جي سماج سڌارڪن وانگر پنهنجي ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ پنهنجي خلقڻهار کي شاهد بڻائي عمل ۽ اتساهيت جو ٽڪنڊو بڻايو ليڪن اوهان هميشه لڪيرن تي ڊوڙندا رهيا ۽ تشڪيل اوهان کان ڪابه ٿي ڪانه سگهي. نتيجي ۾ اوهان کان ڪنهن به وڏي ڪردار جي ادائيگي ۽ غيرمعمولي ڪارگذاريءَ جي توقع به ڪونه رهي.

    ڀٽائي هڪ نبض شناس سڌارڪ جي حيثيت ۾ هتان جي ماڻهن کي وحدت الوجودي فڪر جو پيغام ڏنو. ان فڪر جي روءِ سان خدا ۽ بندي ۾ تعلق جون ڇا ته نفاستون هيون! اوهان انهن نفاستن جي حاصلات لاءِ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان” جي هورا کورا مان ئي ڪونه گذريوئ.”ماڻهو الله جو عيال آهن“ ۽”سڀ ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن“، جهڙن وحدت الوجدي اصولن سان اوهان سنڌ ۾ ايڪتا ۽ ايثار جو شاندار سماجي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ سگهارا فڪري بنياد فراهم ڪري پئي سگهيو. ليڪن اوهان کي ڀٽائيءَ جي ڏسيل سڌي دڳ تي هلڻ بجاءِ ور وراڪن سان ڀانت ڀانت جي واٽن تي ڀٽڪڻ جي هير پئجي وئي هئي. اوهان اوجهڙ ۾ ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿاٻڙجندي ڪريا ۽ ٻيهر اٿي پلو ڇنڊي وري هلي پئي پيا. اوهان جي اديباڻي سرڪشي ۽ دانشوراڻي برتريءَ جي غرور اوهان کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ ايئن سالن جا سال وهامندا ويا.

    ايئن وقت وهامي وڃڻ جو اوهان جي صحت تي ڪو اثر پوڻو ڪونه هو. اوهان نالي ۾ هن سماج جا پُرجهيل چونڊ افراد هئا ۽ سماج سان لکيتن جي ذريعي اوهانجي پي آر هئي. ان پي آر جي ڪري اوهان کي مڃتائون حاصل رهيون ۽ پنهنجي سماجي اسٽيٽس جي ڪري اوهان کي سڻڀيون نوڪريون به ملنديون رهيون ۽ مجلسن جو صدارتون ۽ خاص مهمانيون به اوهان کي ريجهائي رکنديون رهيون. ليڪن اوهان جي لوچ ۽ لالائي کان دوريءَ اوهان کي ڪنهن به غير معمولي حاصلات کان محروم رکيو جنهن جو ڪيتو بهرحال هن سماج جي ڪروڙين غريبن، بي ڪسن ۽ ڏتڙيل ماڻهن ڀوڳڻو پيو. اوهان سماج جي انهن موثر طبقن مان هڪ موثر طبقو هئا جيڪي گورن جي غلاميءَ جي خاتمي کانپوءِ هن قوم کي ڪارن جي نئين غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ عمل جي واٽ ٻڌائي پئي سگهيا. ديس واسين ۾ هن ڌرتيءَ جي مالڪي جي اهليت پيدا ڪرڻ جي تربيت ڪري پئي سگهيا. سندن مهارتن کي سگهارو ڪري انهن جي خون کي گرمائي پئي سگهيا. اوهان فڪري روين جي تاڃي پيٽي سان سماجي ترقيءَ جو وٿون نروار ڪري پئي سگهيا. اوهان انقلاب جون مشعلون ٻاري ٻاٽ کي لاٽ ڏئي پئي سگهيا. ليڪن اوهان هيڏن منصبن جي حق ادائيءَ جي بجاءِ وقتي مسئلن تي بيان بازيءَ جي مهم، قراردادن جي ڀرمار، هڪٻئي سان شامون ملهائڻ ۽ سيمينارن جي انعقاد سان قوم کان پنهنجيون مهانتائون مڃرائڻ جا روادار رهيا. ائين وقت وهامندو ويو ۽ غلاميءَ جا ڳٽ هن ديس جي ماڻهن کي گهٽيندا ۽ ٻوساٽيندا ويا.

    ان گُهٽ، ٻوسٽ جي سٺ سالن واري سڄي عرصي ۾ هن ديس جي ماڻهن کي رياست جي پنهنجائپ ۽ سڄڻائپ ميسر نه ٿي. انهن کي بنيادي حقن کان ظالماڻي حد تائين محروم رکيو ويو. کين روزگار جي جديد کان جديد موقعن کان بهره ور ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي، الٽو درياهه تي بئراج ۽ ڊيم اڏي هزارين سالن کان سندن جياپي جي آسري کي به ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن جي مڊل ڪلاس کي ڌاڙن، اغوائن ۽ جڳاڙي سياسي ڪلچر جي ذريعي تباهه ڪيو ويو. سندن تعليم ۽ معاشرت کي هٿ وٺي بگاڙيو ويو. شهر، تجارت ۽ صنعت انهن جي لاءِ اوپري بڻائي وئي. ڪرب ۽ عذاب جا نوان نوان طريقا ڪڍي انهن جي روحن ۽ جسمن کي رهڙيو ويو.

    ڌرتيءَ جا وسيلا ڌارين جي حوالي ٿي ويا، ڌرتيءَ جي حاڪميت کسڪائي وئي! شهر ڌرتي ڄاون لاءِ اوپرا بڻايا ويا ۽ شهري حڪومتن تعليم ۽ نوڪرين تي بندشون وجهي ڇڏيون. امن ۽ انصاف کان به محروم ڪيو ويو ۽ ڪٿي به ڪنهن ڪمزور ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ تحفظ ۽ حفاظت جي ڪابه ضمانت نه رهي. نتيجي ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ سنڌين مان چند لکن کي ڇڏي باقي سنڌين جي مٿان رياستي اوپرائپ جي قيامت گذرندي رهي آهي. اهي امن، تحفظ، انصاف ۽ روزگار جي حاصلات لاءِ ڊوڙائي ڊوڙائي ماريا ويا آهن. انهن جي ڌرتيءَ جي سيني ۾ کربين رپين جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات موجود آهي پر ان ڌرتيءَ جا ڄاوا ٽن ويلن جي مانيءَ جو اطمينان به حاصل ڪري نه سگهيا آهن.

    هتان جي ماڻهن کي اهڙين بدترين حالتن مان ڇوٽڪارو ۽ قسمين قسمين سنگهرن مان آزاديءَ جي رهنمائي فراهم ڪري ته ڪير ڪري؟ انهن ۾ محبت، اعتماد ۽ سرگرميءَ جا سلا ڪير اڀاري؟ انهن کي جهالتن جي ڌٻڻ مان ڪير ڇڪي ڪڍي؟ انهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ اميد ۽ امنگ جا ڏيئا ڪير روشن ڪري؟ انهن جي قابليتن ۽ مهارتن کي ڪير سگهارو ڪري ۽ کين مسابقت ۽ مقابلي جي لاءِ ڪير منظم ڪري؟

    اسان جا اديبو!

    هيستائين پُل جي هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي ۽ اسين بحيثيت قوم فيصله ڪن صورتحال تي بيٺل آهيون. اهڙي وقت دنيا جي قومن طرفان پنهنجي آجپي لاءِ ڪيل ڪامياب جدوجهد کي نظر ۾ رکندي اسان پاڻ بدلائڻ جو عزم ڪيون. قهاري جهالت ۽ ظالماڻي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي اڪاري ڪڍڻ جي لاءِ جنهن انقلاب ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي، ان لاءِ اسان کي سٺ سالن جون هٺ ڌرميون، ضديتون ۽ انائون ڇڏڻيون پونديون. اسان کي رسمي ادبي طريقن ۽ نالي جي دانشوريءَ جي رينگٽ کي ڇڏي هڪ وڏي سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جا بنياد وجهڻا پوندا. انهيءَ جي لاءِ فوري پيشرفت هيءَ آهي ته اسان ماضيءَ جي غلطين ۽ ناڪامين جو اعتراف ڪري پاڻ بدلايون ۽ پاڻ ۾ ترقي پسند خود شعوري پيدا ڪريون. اسان صدين کان سماج جي تبديليءَ جي لاءِ پتوڙيندڙ عملي سماج سڌارڪن ۽ مذهبن جي بانين جي واٽ وٺون. ظلم، توهم پرستي ۽ پستيءَ جي خاتمي لاءِ آخري پيغمبر محسن انسانيت حضرت محمد ؐ جي تبديليءَ واري طريقي کي پنهنجي لاءِ مثال بڻايون.

    انهيءَ عمل سان اسين نه صرف انسانيت جي لاءِ ابدي هدايت ۽ رهنمائي جي سلسلي سان جڙي تبديليءَ جي نون امڪانن کي تخليق ڪري وٺنداسون بلڪه مسخ ٿيل مذهبيت جي انهن ڪروڌن کان به پنهنجي ماڻهن کي آجو ڪري وٺنداسين، جيڪا ايامن کان کين ڀٽڪائي سندن سورن جو ڪارڻ بڻجندي رهي آهي.

    اي سنڌجا اديبو ۽ دانشورو!

    اوهان پاڻ بدلجڻ جو عهد ڪريو ۽ صرف هي پنج ڳالهيون نڀائڻ جو عهد ڪريو، پوءِ ڏسو ته تبديليءَ جا سوين امڪان ڪيئن ٿا تخليق ٿين:

    1- پنهنجي زندگي هڪ چٽي ۽ اعليٰ مقصد هيٺ گذارڻ جو عزم ڪريو ۽ سماج جي ڀلي لاءِ پنهنجي اندر مثالي ماڻهن واري ارپنا ۽ ديوانگي پيدا ڪريو.

    2- اجاين بحثن ۽ تنقيد کي ڇڏي ترقي پسند خود شعوري ۽ عملي ڪردار سان تبديليءَ جي واٽ وٺو ۽ پنهنجي چوڌاري بگڙيل ادارن کي سنوارڻ ۽ نون ادارن جي قيام جو ذمو کڻو.

    3- سائنس، فلسفي ۽ رياضيءَ کي پنهنجي علمي ترقيءَ جو بنياد بڻائي عوام جي صلاحيتن ۽ مهارتن کي سگهاري ڪرڻ جون گهڻ رخيون ڪوششون ڪريو.

    4- انسان، ڌرتي ۽ خلقڻهار کي فڪر جو محرڪ بڻائي، پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ لاءِ ذميداراڻي ڪردار کي يقيني بڻايو.

    5- ڀٽائيءَ جي ٻڌايل فڪري واٽ تي دلين ۾ تبديليءَ جي چڻنگ ٻاري سنڌ جي ماڻهن جي ڪردار جي پختگي، اجتماعيت جي سوچ ۽ مزاحمت جي طريقن کي سگهارو ڪيو.

    اوهان سڄي انساني تاريخ جو گهرو مطالعو ڪري ڏسو! جنهن به دور ۾ اتان جي صاحبان علم ۽ دانش پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ته انهن پنهنجي روشن فڪريءَ سان مٿين ڳالهين ذريعي پنهنجي سماج کي واقعي تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. جڏهن اوهان ان تبديليءَ جي واٽ جا پانڌيئڙا بڻبو ته ان وقت اطمينان جي انهيءَ عظيم حاصلات کي اوهان به حاصل ڪري وٺندو جيڪا انقلاب فرانس جي ڪاميابيءَ کي اکين سان ڏسي ڪانٽ کي حاصل ٿي هئي ۽ هن انقلاب جي ڪاميابيءَ جي خبر ٻڌندي چيو هيو ته”منهنجا خلقڻهار! منهنجي اکين تنهنجي عطا ڪيل نجات جو منظر ڏسي ورتو آهي ۽ هاڻي پنهنجي هن بندي کي سرخروئي سان پنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو عطا ڪر!“
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    رپيٽ ٿو ڪريان متان ڪي سٺا ٻول ڪنهنجي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان رهجي ويا هُجن بلخصوص نون شامل ٿيندڙ سٿ لا۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    • Zulfiqar Behan سائين عبدالرزاق صاحب مان اوھان سان سھمت آھيان، جيتوڻيڪ مان ڪو وڏو اديب ياشاعر ته نه آھيان پوءِ بهقومن جي سجاڳي لاءِ جيڪو ڪردار اديب کي ڪرڻ گھرجي ھا ان ۾ پاڻ مڪمل طور ناڪام ويا آھيون، تنھن ھوندي بهپنھنجو فرض سٺي انداز ۾ نه ادا ڪرڻ تي مان قوم کان معافي وٺان ٿو..
      May 13, 2011 at 6:35pm · Unlike · 3
      ndira Poonawala ha.adeeban khe aju je masailan khe likhan khape.man unhan subjects te alam halaen je koshash kande rahande aahiyan.man haqeqtan te e qalam azmaee kande aahiyan.ain kande aahiyan.sorry i agree with you totally sirabdul razaq sb.​
      Amar Fayaz تمام بهترين ۽ مڪمل سچ. پر هڪڙي ڳالهه جيڪا مان محسوس ڪئي سا اها ته اسان ٻٻرن کان ٻيرن جي خواهه م خواهه ڇو ٿا توقع رکون؟ ديڳ ۾ کرڙ جيترا واهيات انسان هر قوم ۾ هوندا آهن. اسان سان ويڌن اها آهي ته اهي ديڳ جي کرڙ جيترا ڪمينا ماڻهو اسان جي مٿان رهبري جا به نعرا هڻن ٿا.
      باقي اسان سنڌي پاڻ به اک کولي ڏسي سگھون ٿا ته انهن جي ڏنل ٽيڪرن ۾ ڪيترو دم آهي...؟ ڇا واقعي اسان موهن جي دڙي جي باقيات آهيون؟ ڪڏهن به نه.... اسان ۾ هڪ به لڇڻ اهڙو آهي جيڪو انهن ۾ هيو؟ نه سائين نه اسان ٿي سگھي ٿو ته جن اهڙي تهذيب کي نيست ۽ نابود ڪيو اسان انهن ڪائنرن جي به اولاد ٿي سگھون ٿا؟ انهن ۾ ڇا جو شرم؟
      دنيا جي فلاڻي شيءِ به اسان وٽ ۽ دنيا جا تونگر به اسان وٽ..... اگر سڀ اسان وٽ ته دنيا جي ٽاپ جي ڪمينا بازي به ته اسان وٽ ئي آهي نه؟
      ادا رزاق، اوهان هتي فيس بوڪ تي ئي ڏسو؟ مختلف گروپن ۾ ڇوڪرين جي نالن تي اسان جا نام نهاد ڏاها هڪ ٻئي جي مٿان ڇا ڇا الزام هڻن ٿا؟ هٿي هڪ گروپ آهي، جنهن ۾ حسن درس جي نالي سان به ڪا آءِ ڊي ٺهيل آهي، ۽ سائين خدا ڏي پناهه جيڪي ان جي پوسٽن کي پڙهندا ته پنهنجا ٻيئي هٿ پنهنجن ڪنن تي رکندا... اتفاق سان گذريل هفتي حسن درس سان ملاقات ٿي، پڇيو مانس، ته هي ڇا؟ همراهه کي نه ڪل نه جل.....
      سو منهنجا ڀاءُ؟ مان سمجھان ٿو ته اها اسان جي ڊي اين اي ۾ ڪا شي گڙ ٻڙ آهي، باقي مهنهجا سائين پاڻ هونئن بچي به وڃون پر هنن همراهن جي ڪرتوتن جي ڪري ضرور ٻڏنداسين....​
      Amar Fayaz هڪ ننڍڙي ۽ نماڻي گذارش رکندم.
      جيڪڏهن اوهان تمام ڊگھو آرٽيڪل لکو (جيئن هي لکيو اٿوَ) ته انهن کي پڙهندڙن لاءِ سولو ڪرڻ تمام ضروري آهي. اوهان هن کي قسطن ۾ ڪريو، ته جيئن آرٽيڪل جي ڊگھائي پڙهندڙن جي اکين کي ڏکي نه لڳي. اهو دنيا جو دستور آهي.
      سرڪار لطيف جي بيت وانگر ”ويا جي عميق ڏي منهن ڪائو پائي“ ڪجھ ڪائو به ضروري آهي.
      مهرباني
      Mir Hassan Mari هي ڄڻ ته مهنجي دل جو آواز آهي انجنيئر صاحب اوهان واه جو ڪم ڪيو آهي سڌڙين ڊونگن سان پر هنن وٽ تسليم ڪرڻ ڪڏهن سکيو ئي ناهي​

      Khalil Chandio ادا عبدالرزاق ميمڻ صاحب اوهان سنڌ جو ڪيس عوام آڏو رکڻ تي جس لهڻو....انهي موضوعن تي لکندي لکندي ڪيترائي مون جهڙا ساڻا ٿي چپ ٿي ويا ليڪن سنڌ جي بنيادي قيادت يعني ڪه فرسٽ لائين قيادت تي ڪا به جونء ڪانه چرندي ڏٺي آهي...انهن اديبن ۽ دانشورن جون حق ادائيگيون صرف محبوب جي ذلفن جون اسير آهن. مائيڪروفون، ميڊيا، ۽ ڪتاب ڇپائي ڏيڻ وارن جون مستحسن آهن....سندن ڪردار ڪنهن به ريت سنڌ جي دانشور جو نه رهيو آهي...مان اوهانجي لفظ به لفظ سان مطمئن ۽ متفق آهيان....سنڌ جو درٻاري دانشور، ڪرسين جو ڪريزي دانشور، وزيرن ، مشيرن سان وڏا فوٽو سيشن ڪرائي پريس ۽ پبليڪيشن جو محتاج دانشور هڪ مافيا جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي....انهن نام نهاد اسيرن کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ کاء اوهانجو هي قدم انتها.ي مستحسن بوند جو پهريون قطرو آهي...ان سلسلي ۾ اوهان قدم وڌايو اسان ۽ باقي سٺي سنڌ جا مظلوم انسان اوهان سان گڏ آهن
      August 14 at 11:19pm · Unlike · 2
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    Shabbir Lashari We have lot of Hawai and Hawali Leaders and now we need ECONOMIC AND MANAGEMENT Leaders . ويا گورا وريا ڪارا ، فڪر بدليو نه فن بدليا ،
    نه بدليو ڪو نظام ملڪ جو ، رڳو باقي بدن بدليا۔
    August 14 at 11:23pm · Like · 3
    Ishfaq Ahmed Hakro sir, hats off at ur greatness. shal asan khe samjh ache ae asan unitd thi revolution jo hisso thioon
    August 14 at 11:53pm via mobile · Like · 1
    Khalil Rehman · 42 mutual friends
    بيشڪ جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجن قدمن تي قائم ڪرڻو آهي ته، حقيقي علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي.
    ڪانئري جيان ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ وارن کان جند آجي ڪرائي جديد علمن ۽ ريسرچ لاءِ مئدان هموار رڻو پوندو.
    خودساخته فلاسيوفن، نيم حڪيمن ۽ نيم ملائن کي گهرن ۾ بند ڪري تالن ۾ رکڻو پوندو . غير ضروري بحثن ڇيڙيندڙن، مختلف طبقن جيءَ معزز هستين سان خوامخواه هٿ چراند ڪري قوم ۾ ڏار وجهي نفرتن جيءَ آبياري ڪندڙن کي لوهي ڪوٽن ۾ قيد ڪرڻو پوندو.
    جديد علمن جي حصول لاءِ پنهنجن ٻچڙن کي سخت محنت جو عادتي بڻائڻو پوندو، هر هر قدم تي ٻچڙن جيءَ رهنمائيءَ لاءِ ، سندن مدد لاءِ فاضل ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن ۽ ادارن سان لهه وچڙ ۾ رهڻو پوندو، سخت ترين رياضت لاءِ اسانکي پنهنجو پاڻ کي آماده ڪرڻو پوندو.
    پير پٿون ڪري منزل جيءَ حاصلات خاطر قربانيءَ جا ميدان سجائڻا پوندا.
    August 15 at 12:59am · Like · 1
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پيارن ادب دوستن جا پيارا ڪامينٽس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو