• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ پاران جڳ مشهور سفرنامه نگار ۽ سنڌي ادب جي وڏي نالي محترم الطاف شيخ جي مان ۾ 15 مئي 2011 شام جو 5 بجي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ هڪ آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو. هن پروگرام ۾ سنڌ سلامت پاران پنڊال کي خوبصورت رنگين بينرس سان سجايو ويو هو جيڪي محترم ابو واصف جي ڪوششن جو نتيجو آهن، جڏهن ته سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ۽ سگا سچل ڳوٺ جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا ، الطاف شيخ جي ڇپيل ڪتابن جو نماء پڻ ڪيو.

هن آجياڻي ۾ الطاف شيخ کي ٻڌڻ لاء سموري سنڌ مان دوست ڪهي آيا هئا ۽ انکانسواء ڪراچيء جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مختلف دوستن، سگا لياري شاخ، سگا ڪراچي شاخ، سگا گلشن حديد شاخ، سگا خواتين شاخ، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي دوستن، سنڌي ادبي سنگت سچل ڳوٺ شاخ، سيوا سچل ڳوٺ، سياسي تنظيمن جي عهديدارن، سماجي تنظيمن جي عهديدارن کان علاوه سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي سنڌي وسندين جي مانهن ، اسڪولن جي انتظاميه، استادن، شاگردن پڻ ڀرپور شرڪت ڪري مانائتي موٽ ڏني. ميڊيا ۽ صحافي دوستن پڻ هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ، عبرت ڪراچي جي محترم صالح بلوچ، عوامي آواز جي محترم شاهه محمد چنا، سنڌ ٽي وي جي محترم امتياز مهر ۽ محترم بشير سنجراڻي شرڪت ڪئي، ڌرتي ٽي وي پاران محترم فيض محمد بليدي پنهنجي ڪيمرا ٽيم سان گڏ موجود رهيو. عوامي آواز جي حميد جويو پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌ سلامت جي منتظم اعلى محترم رشيد سمون، محترم طاهر سنڌي، عرس پريو، نويد احمد ڪلوڙ، غلام مرتضى وساڻ، محترم غلام مصطفى ميمڻ، محترم شفيق جوکيو، محترم ذوالفقار بهڻ پڻ هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيا. سنڌ جي ناليواري ليکڪن ۽ اديبن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ سائين شمشيرالحيدري، محترم هدايت بلوچ، محترم اسحاق انصاري، محترمه سحر امداد، محترم بيدل مسرور، محترم زاهد ميراڻي، سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽيء جي محترم عابد مظهر، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن پڻ شرڪت ڪئي.

پروگرام جي باقائده شروعات تلاوتِ قرآن پاڪ سان ٿي ۽ پوء غلام سرور ڀٽو شاهه جي وائي پيش ڪئي. تنهن کانپوء روشن تارا اسڪول جي ٻارڙن آجيان جا گيت پيش ڪيا. تنهن کانپوء روشن تارا پاران محترم الطاف شيخ کي گلدستو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سگا پاران محترم الطاف شيخ کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي. سنڌ سلامت پاران مانواري مهمان محترم الطاف شيخ کي ، مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ مڃتا شيلڊ ۽ محترم رشيد سمون گلدستو پيش ڪيو.

سگا جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ۽ روشن تارا اسڪول جي چيئرمين محترم تاج محمد وساڻ آجياڻي واري تقرير پيش ڪئي ۽ آيل مهمانن ۽ الطاف شيخ جا ٿورا مڃيندي چيو ته الطاف شيخ جا سفرناما اسان لاء اتساهه جو سبب بڻيا آهن ۽ الطاف شيخ صاحب سچل ڳوٺ تي خاص مهربان آهن جو اسان وٽ ايندا رهن ٿا.

سگا سچل ڳوٺ شاخ جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا الطاف شيخ صاحب جي ادبي پورهئي جو مختصر جائزو پيش ڪيو ۽ سندس شايع ٿيل ڪتابن سان گڏ سندس تعارف پڻ پيش ڪيو. الطاف شيخ جا هن وقت تائين 79 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن مان 65 سفرنامه آهن.

خاص مهمان ۽ محفل جي مور محترم الطاف شيخ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پنهنجي زندگيء جا مختلف واقعا بيان ڪيا ۽ ٻڌايو ته هن ڪيئن لکڻ شروع ڪيو جڏهن سندس والد صاحب جڏهن ڪا پڪنڪ ڪرائيندو هو ته اهو شرط هوندو هو تي واپسي تي ان تي مضمون لکڻو آهي. سندس چوڻ هو ته مونکي سچل ڳوٺ مي اچي اهو محسوس ٿيندو آهي ته هتان جا ٻار وڏا ٿي ڪنهن منزل تي ضرور پهچندا. الطاف شيخ ٻڌايو ته ڪيئن هو چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي پهتو ۽ اتان خط لکڻ شروع ڪيا جيڪي عبرت ۾ ڇپجڻ لکا ۽ پوء اهو سلسلو شروع ٿيو. هن ٻڌايو ته لکڻ جو هڪ ٻيو سبب سامونڊي دنيا جي اڪيلائي به هئي جنهن ۾ ماڻهو 24 ڪلاڪ سمنڊ تي رهي ٿو ۽ جڏهن اوهان شراب ۽ تاش جي پتن واري راند به نه کيڏو ته وقت کي ڪاٽڻ لاء مان پڙهڻ شروع ڪيو ۽ پوء لکڻ به شروع ڪيو. اهو لکڻ جو سلسلو اڃان هلي پيو. اوهان سان الطاف صاحب جي ڳالهين کي ونڊ ڪندا رهنداسون.

ان موقعي تي محترم شمشيرالحيدري، محترمه سحر امداد، سگا جي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن ، بيدل مسرور پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ محترم الطاف شيخ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي سگا سچل ڳوٺ جي صدر سراج الدين ميمڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.

سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ ان موقعي تي محترم الطاف شيخ، آيل مهمانن ۽ سنڌ سلامت جي ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو تعارف پڻ پيش ڪيو.
ان کانپوء سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ مختلف ماڻهن محترم الطاف شيخ کان سوال ڪيا جن جو تفصيلي جواب پنهنجي سفرنامن ۽ پنهنجي مشاهدات جي روشني ۾ الطاف صاحب ڏيندا رهيا. پروگرام جي پڄاڻي رات جو ڏهين بجي ٿي.


سنڌ ٽي وي پاران پيش ڪيل رپورٽ


سنڌ سلامت پاران لڳايل بئنرس

230669_2064714135680_1179567033_32604814_3170988_n.jpg


226417_2064714815697_1179567033_32604815_1620203_n.jpg


سنڌ سلامت پاران پيش ڪيل شيلڊ جو متن

225097_2064714975701_1179567033_32604816_2301945_n.jpg


پروگرام جون تصويرون

226321_2064715495714_1179567033_32604818_6496286_n.jpg


231029_2064716335735_1179567033_32604820_1884745_n.jpg


222767_2064717615767_1179567033_32604824_7115538_n.jpg


سگا جا ساٿي محترم الطاف شيخ کي شيلڊ پيش ڪري رهيا آهن

226687_2064718295784_1179567033_32604826_4479805_n.jpg


سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جا ساٿي محترم الطاف شيخ کي يادگاري شيلڊ پيش ڪري رهيا آهن

230497_2064719255808_1179567033_32604828_4273585_n.jpg


سنڌ سلامت جو منتظم اعلى رشيد سمون ۽ سنڌ سلامت جا ساٿي محترم الطاف شيخ کي گلدستو پيش ڪري رهيا آهن

228723_2064719855823_1179567033_32604829_1620616_n.jpg



 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

ڪجهه تصويرون جنهن ۾ مقرر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن

محترم الطاف شيخ مخاطب ٿيندي

222892_2064720855848_1179567033_32604831_5588319_n.jpg


سگا جو سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي

228548_2064721295859_1179567033_32604832_4927452_n.jpg


محترمه سحر امداد تقرير ڪري رهي آهي

230012_2064721775871_1179567033_32604833_1441754_n.jpg


محترم شمشيرالحيدري پنهنجا ويچار ونڊيندي

226315_2064722055878_1179567033_32604834_7292547_n.jpg


محترم بيدل مسرور صاحب

225366_2064722535890_1179567033_32604835_6828723_n.jpg


سچل ڳوٺ جو سرگرم سياسي ۽ سماجي اڳواڻ تاج محمد پنهنجا خيال پيش ڪري رهيو آهي

229325_2064722975901_1179567033_32604836_8292716_n.jpg


سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت جو تعارف پيش ڪري رهيو آهي

230946_2064723375911_1179567033_32604837_895656_n.jpg


سگا سچل ڳوٺ جو صدر سراج الدين ميمڻ پنهنجا خيال اوري رهيو آهي

230070_2064724095929_1179567033_32604838_1912314_n.jpg


228552_2064713335660_1179567033_32604812_7457972_n.jpg


 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

واه سائين واه اصل ٿڪ ئي لهي ويا ڪاله سنڌ ٽي وي تي اها رپورٽ ڏٺي هئي سين پر اڄ اوهان جي اها تصويرن واري رپورٽ ڏسي ڪري اسان جهونن جي من ۾ به سائين نثار ابڙي وانگر اها ئي خواهش اڀري ته ڪاش اسان به ان سٿ ۾ شامل هجون ها پر چوندا آهين ته زندگي آهي ته ضروور ساٿ رهندو انشآء الله تمام لک ٿورا ا دا وساڻ اهڙي پروگرام ڪرڻ جا ۽ اسان سان شيئر ڪرڻ جا​
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

سڀ کان اڳ ته آ سنڌ گريجيوئيٽ ايسوسيئشن ۽ سنڌ سلامت۔ڪام سچل ڳوٺ جي دوستن کي لک لک واڌايون جن سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيندي محترم الطاف شيخ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، سنڌ جي مان وارن اديبن، ليکڪن ۽ سنڌ سڄڻن کي سندن حياتي ۾ مان ۽ شرف ڏيڻ واري رسم تمام لڀائيندڙ، اتساهيندڙ ۽ تعريف جوڳي آهي ۔۔۔ اوهان دوستن سنڌ دوستي جو عملي ثبوت پيش ڪري قوم جي خدمت ڪريوٿا ۔۔۔ اسان دوستن جون نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن، عمر رهي ته اسين به اوهانجي انهن خدمتن ۾ ٻانهن ٻيلي ضرور ٿينداسون ۔۔۔

ٻي ڳالهه مونکي چوڻ ڏيو ته سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان وساڻ جون سنڌ پرستي وارا عمل ساراهه جوڳا آهن ۽ هن وقت سنڌي نوجوانن ۾ سليمان وساڻ جو نالو سونهري اکرن ۾ لکڻ جي قابل آهي ۔۔۔ هي دوست نه فقط سنڌ ۽ سنڌيت لا پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو پر ان سان گڏ ڪراچي جي دل ۾ قائم ٿيل سچل ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ ٺاهڻ ۾ پنهنجون ڪاوشون ڪندو رهي ٿو ۽ هاڻ وري سنڌ سلامت جي نالي، ڪم ۽ انجي جڳ مشهوري ۾ پڻ سهڻو ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۔۔۔ سلام دوست

ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بو بهار جي ۔۔۔

اوهانجي دوستي تي سنڌ سلامت کي فخر آهي ۽ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن پاران اوهانکي خراج عقيدت پيش ڪجي ٿو ۔۔۔

آخر ۾ اوهانجي تيار ڪيل هي رپورٽ پڻ پنهنجي جا تي مڪمل ۽ پيرائتي آهي، جنهن ۾ پيرائتي ڄاڻ، سنڌ تي وي جي خبر وارو ڪلپ ۽ تصويرون ڏسي، ائين لڳو ته اسين به ان آجياڻي ۾ اوهان سان گڏ گڏ رهياسون ۔۔۔ لک ٿورا، سهڻو ڪم ٿيل آهي ۔۔۔

سلام آهي سڀني دوستن کي ۽ لک واڌايون سگا ۽ سنڌ سلامت۔ڪام جي انتطاميه کي ۔۔۔

ساه سين سڃاڻان، پساه سين پسان پرين،
اهـــي ٻـه ٽـــاڻــــان، اچـــــي رهيــــا روح ۾۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

دوستو

سچ ڳالهه اها ته ٽي وي ڏسڻ جيترو ٽائيم ملي ئي نه ٿو لک ٿورا سائين سليمان وساڻ صاحب جن جا جن هيتري ساري مصروف

زندگي مان ايترو ٽائيم ڪڍي ڪري سنڌ ۽ سنڌيت جو پرچار ڪرڻ ۾ مشغول آهن

سڄي سنگت کي ڏسي ڪري اصل ٿڪ لهي ويا

سائين سليمان وساڻ صاحب ويڊيو ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

لاجواب ڪوششون آهن دوستن جون جن ان پروگرام ۾ سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

لک لائق

سدائين گڏ
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

هيو ته آچر پر ادا سليمان کي پڪ نه هئي ته ڪو مان ايندس ان ڪري بار بار فون ڪري اچڻ جو ٿي چين۔۔۔ کين اها خبر ئي نه هئي ته محترم الطاف شيخ سان ملڻ جي خواهش منهنجي من ۾ ڪيتري هئي۔۔۔ جي ادا سليمان کي خبر هجي ها ته شايد ايترو فڪر نه ڪن ها۔۔۔۔ پر ان باوجود به الائي ڇو دل ۾ هڻ کڻ هئي ته شايد مان پروگرام تي نه وڃي سگهان۔۔۔
ڀلو ٿئي ادا عرس پرئي جو ۔۔۔ جنهن سمورا مسئلا سلجهائي ڇڏيا ۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته هن ڀلي ماڻهون جي طبيعت تي حيرت ٿيندي اٿم ته آفيس ۽ فيملي جي مسئلن کي سلجهائيندي ادو عرس سوشل ۽ دوستن سان ملڻ کي ايترو تڪڙو ڪهڙي طرح مينيج ٿو ڪري۔۔۔ پر هن مون لاءِ به آساني ڪري ڏيکاري۔۔۔۔
خير دل ۾ ان خواب جي پوري ٿيڻ جو تصور گُد گُد ڪرڻ لڳو جيڪو مون ننڍپڻ ۾ محترم الطاف شيخ سان ملڻ لاءِ ڏٺو هو۔۔۔ تڪڙ ۾ جڏهن ٽيڪسي نه ملي ته رڪشو ئي ڪرڻو پيو رستي تان گلدستي جو ريڙهو ڏسي ٿوري دير لاءِ بيهي رهيس پر هي ڇا سمورا گل ائين ڇو ٿي لڳا ڄڻ ڪو به محترم الطاف شيخ جي هٿن جي تائين پهچڻ جي اوقات ئي نه رکندو هجي۔۔۔ مون کي الجهندو ڏسي پنهنجي ڪرائي جي گهڙي ۽ وري رڪشي واري جي شڪل ڏسي عرس تڪڙو فيصلو ڪيو ۽ هڪ گلدستو پسند ڪري بل ڏيڻ جو چيائين۔۔۔
منزل جي ويجهو وري دل جي ڌڙڪڻ ٻڌڻ ٿي لڳم ته سامهون گيٽ ڀرسان ئي محترم سليمان وساڻ ۽ ادا مرتضى نظر آيا۔۔۔ ڀاڪر ۾ ڀريندي ادا سليمان وساڻ منهنجي ڳلي ۾ وجهڻ لاءِ هڪ ڪارڊ ڏنو۔۔ ڪارڊ تي عام نظر وڌم ته منهنجي نالي سان گڏ سنڌ سلامت جو مونوگرام نظر آيو۔۔۔ سليمان کي موٽ واري منهنجي نظر يقينن وڻي هوندي جنهن ۾ شڪرئي سان گڏ سندس محنت جي ڀرپور داد ڏنل هئي ۔۔۔
پر ان نظر انداز ڪندي تڪڙو هڪ ڪمري ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته محترم الطاف شيخ وقت جو پابند آهي ان ڪري ڪافي پهريان ئي پهچي چڪو آهي۔۔۔ تڪڙا هلي ساڻس سان ملو باقي ڳالهيون پوءِ۔۔۔ اڳتي وڌياسين ۔۔ سندس ملڻ جي شوق جو تجسس ايترو وڌيو جو محترم الطاف شيخ جي ڪتابن سان سجايل هڪ اسٽال تي خواهش هجڻ باوجود رڪي نه سگهيس ۽ نظرون اسٽال تي ڇڏي ڪمري ۾ داخل ٿي ويس۔۔۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

واه سائين واه اصل ٿڪ ئي لهي ويا ڪاله سنڌ ٽي وي تي اها رپورٽ ڏٺي هئي سين پر اڄ اوهان جي اها تصويرن واري رپورٽ ڏسي ڪري اسان جهونن جي من ۾ به سائين نثار ابڙي وانگر اها ئي خواهش اڀري ته ڪاش اسان به ان سٿ ۾ شامل هجون ها پر چوندا آهين ته زندگي آهي ته ضروور ساٿ رهندو انشآء الله تمام لک ٿورا ا دا وساڻ اهڙي پروگرام ڪرڻ جا ۽ اسان سان شيئر ڪرڻ جا​

مهرباني ادا علي علي

مون لاء اها گهڻي خوشي ۽ فخر واري ڳالهه هئي جو مان هڪ ئي وقت سنڌ سلامت ۽ سگا جي نمائندگي ڪري رهيو هوس ۽ اڃان به وڌيڪ خوشي هئي جو مان پنهنجي پسنديده ليکڪ سان گڏ اسٽيج تي ويٺو هوس، اهو ليکڪ جنهن کي اسان ننڍپڻ کان اڄ تائين اوتري ئي گهڻي چاهه سان پڙهون ٿا، جيڪو سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي۔

مان اوهان جي احساسن کي سمجهي سگهان ٿو، مان الطاف صاحب کي سموري سنڌ سلامت پاران سلام چيا هئا۔ مونکي خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌ سلامت هاڻي انٽر نيٽ کانسواء عملي طور به ميدان ۾ آهي ۽ سنڌ جي محسنن جي مان ۾ ۽ انهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا پاڻ پتوڙي رهي آهي۔

اوهان دوستن جا قرب آهن جن هن اوطاق کي سجايو جيڪا هاڻ سنڌ ۾ هر هنڌ سڃاتي وڃي ٿي ۽ ان جو سهرو اوهان دوستن کي وڃي ٿو جن هن فورم کي شروع ڪيو۔

لک مهربانيون جو اوهان دوستن مون جهڙي جونيئر کي ايڏو پيار ۽ عزت ڏني آهي۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

سڀ کان پهريان محترم سليمان وساڻ جي مهرباني لک قرب جنهن مونکي ء ادي رشيد کي خاص طور دعوت ڏئي ء مان مٿاهون ڪيو۔۔۔۔ الطاف شيخ سان ملڻ جي خواهش ننڍي کان ئي هئي سنڌ سلامت جي دوستيء جي سبب اهو خواب پور ٿيو۔ هن سان ملي اها پڪ ٿي وئي ته جهڙي سادگي ء سچائي هن جي لکڻين ۾ آهي اصل زندگيء ۾ به اهڙو ئي آهي۔۔۔۔الطاف شيخ جا سفر ناما پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي ڄڻ هو گڏ پيو گهمائي۔۔۔۔۔۔۔۔

سليمان وساڻ جهڙو سلڇڻو ء سٻاجهو آهي اهڙي ئي سندس پريت، هن کي رشيد ء منهنجو بيچينيء سان انتظار هيو پهچڻ سان ئي الطاف شيخ سان ملاقات ڪرايائين پوء بلڪل پهرين صِف ۾ ويهاريائين اتي منهڻجي ڳوٺ جو ڄڱو مڙس به ويٺو هيو جيڪو سگا جي تقريبن هر پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن سليمان سنڌ سلامت جي ميمبرن کي شيلڊ ء گلدستا ڏيڻ لاء گهرايو ته اسان سڀ ملي اسٽيج تي ويا سين ء جڏهن مان پنهنجي جاء تي ويٺس ته هن پڇيو ته هي وري ڇا آهي ڪهڙو فورم آهي جنهن تي مون کيس سنڌ سلامت جو تعارف ڪرايو ء هو ڏاڍو خوش ٿيو مونکي ء رشيد کي گهر هلي ماني کائيڻ جي دعوت پڻ ڏنائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان وقت منهنجو ڳاٽ اوچو هيو ته سنڌ سلامت جي ڪري اڄ ڳوٺ جو وڏيرو منهنجي ڪيتري عزت پيو ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ محترم عبدالرشيد سان به هن جي ڪچهري هلندي رهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

محترم سليمان وساڻ کي جس هجي جنهن سنڌ سلامت جو تعارف اهڙي نموني ڪرايو جو مون ء طاهر سنڌيء سميت ادو رشيد به حيرت ۾ پئجي ويو ته سنڌ سلامت جو پورو ڪوائف نامو ته سنڌ سلامت تي ڪيترا ميمبر آهن، ڪيترا مهمان، ڪيتريون تحريون ء موضوع آهن پورو ياد ٻڌايو۔۔

پروگرام ۾ تمام گهڻو مزو آيو اتي ويٺئي منهنجو دوست اچي ويو جنهن کي به الطاف شيخ سان ملڻ جو وڏو شوق هيو،
اتي ئي محترم غلام مصطفى ميمڻ، محترم شفيق جوکيو، محترم ذوالفقار بهڻ سان به ملاقات ٿي وئي ۔

وري به لک لائق سليمان وساڻ جا جنهن جي سبب اهو ممڪن ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔ اميد ته امر جليل سان ملڻ جي خواهش به ادي سليمان جي زريعي ئي جلد پوري ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

پروگرام جون ڪجهه ٻيون تصويرون به ونڊ ڪجن ٿيون:

228127_2067106875497_1179567033_32606842_2666948_n.jpg


225711_2067108435536_1179567033_32606844_5330470_n.jpg


228180_2067108675542_1179567033_32606845_6819575_n.jpg


225801_2067109955574_1179567033_32606846_8125174_n.jpg


228685_2067110915598_1179567033_32606847_5561947_n.jpg


222310_2067111955624_1179567033_32606848_6028215_n.jpg


225829_2067113075652_1179567033_32606849_6563027_n.jpg


228189_2067114635691_1179567033_32606850_5017306_n.jpg


226422_2067116195730_1179567033_32606852_3919967_n.jpg


227359_2067117395760_1179567033_32606853_820832_n.jpg


 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

سنڌ جي ابن بطوطه مهان انسان ۽ سنڌ ادب تي احسان عظيم ڪندڙ محترم الطاف شيخ جي قدرداني ڪندڙ اسان جي سنڌ سلامت وارن دوستن ساٿين ، محترم الطاف شيخ ابن بطوطه سنڌ سان شام ملهائي هڪ عظيم حق ادائي جو ثبوت ڏنو آهي ، جنهن ۾ اسان جهڙن ناڪارن انسانن کي محترم الطاف شيخ ابن بطوطه جي زيارت نصيب ٿي ، قسم الله رب العزت جي ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي عزت آبرو عظمت اعزاز وقار آهي ته مون پنهنجي حياتيء ۾ ڪڏهن به محترم الطاف شيخ جي زيارت نه ڪئي هئي ! پر سنڌ سلامت وارن اسان کي محترم الطاف شيخ جي زيارت جو لطف بخشو ۽ اهڙو انعام شايد ڪڏهن ابه نصيب نه ٿئي هان ؟ جيڪڏهن سنڌ سلامت وارا اها شام نه ملهائن هان ، اسان الله تعالي جي در دعا جا طالب آهيون ته، سنڌ سلامت وارا سنڌ جي محسنن سان شام ملهائيندا رهندا ۽ اسان جهڙا وات پٽيا اهڙيون زيارتون ڪندا رهندا ،

تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛
گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي.

تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛
مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي.

آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي.

سنڌ سلامت وارن جي پير جي خاڪ، خاص طور سهڻي سائينء محترم محمد سليمان وسان جي جنهن جي هٿ ۾ سليمان نبي وارا جن آهن، جن جي هميشه زيارت ڪرائيندو رهندو۔
_مسڪين جوکيو شفيق احمد
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

محترم الطاف شيخ ابن بطوبه سنڌ سان ملهايل شام کي مون پنهنجي ٽوئٽر ، مائي اسپيس ۽ فيس بوڪ تي شئر ڪيو آهي _جوکيو شفيق احمد
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

۔۔۔۔۔۔۔۽ نظرون اسٽال تي ڇڏي ڪمري ۾ داخل ٿي ويس۔۔۔ شايد ٻاهر جي وڌيڪ روشني ڪري يا وري ڪمري ننڍي هجڻ ڪري محترم الطاف شيخ کي ڳولڻ ۾ تڪليف ٿئي ها۔۔۔ پر مون کي ڏسندي ئي شيخ صاحب جن اٿي بيٺا ۽ فيس بوڪ تي اسان جي پيغامن جي ڏي وٺ ڪري شايد سڃاڻي ئي ورتائون يا وري شڪ ۾ هوندا ته ادا سليمان وڏي آواز سان منهنجي نالي سان گڏ منتظمِ اعلى سنڌ سلامت طور تعارف ڪرايو ۔۔۔ پاڻ کي جڏهن محترم الطاف شيخ جن جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪيم ته هڪ منظر هيو جيڪو ننڍپڻ کان وٺي محترم الطاف جن جي ڀاڪر تائين سيڪنڊن ۾ اکين اڳيان اچي ويو۔۔۔
پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳم ۔۔۔ سندن کان الڳ ٿيندي ٿيندي کين اکين جي بلڪل ويجهي واري تصور کي دائمي محفوظ رکڻ لاءِ ڪجهه پَل اڃان به گهرڻ چاهيم ٿي ته پٺيان عرس پريو شيخ صاحب جن کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ملڻ جي واري کي تڪڙو پورو ڪرڻ گهريو ۔۔۔ ادا سليمان عرس پريو جن جو به تعارف ڪرايو ۔۔
روايتي لفظن کان پوءِ محترم الطاف شيخ پنهنجي هڪڙي ماڻهون ڏانهن اشارو ڪندي تصوير ڪڍڻ جو چيو۔۔۔ ته ٻن ٻين ڄڻن پڻ موقعي مان فائدو وٺي تصويرون ڪڍڻ شروع ڪيون۔۔۔ تصويرن دوران محترم الطاف شيخ صاحب جن فرمايو ته۔۔۔ ”دوستو پاڻ کي تصويرن ڪڍڻ جو شوق ننڍ پڻ کان ئي آهي ان ڪري پنهنجي يادن کي محفوظ رکڻ پڻ منهنجو پسنديده شغل آهي۔۔۔ اهي تصويرون منهنجي فيس بوڪ کان علاوه گوگل پڪاسا کاتي تي به توهان کي نظر اينديون۔۔۔ ۽ صحيح ڳالهه ته اها آهي ته پاڻ آيا ئي تصويرون ڪڍرائڻ آهيون۔۔۔ ته جيئن پنهنجن جي محبت جو اظهار سموري دنيا تائين پهچائي سگهون۔۔۔“
سندن لفظن ڪافي متاثر ڪيو۔۔۔ هڪ ٻن بيٺل دوستن ويهڻ جي آڇ ڪئي پر ادا سليمان سنڌ سلامت تي رڪن ۽ پاڪستان جي قانون جي قابل ۽ ماهر دوست محترم غلام مصطفى ڏانهن اشارو ڪندي تعارف ڪرايو ۔۔۔ جڏهن ادا سليمان ٻڌايو ته ادا غلام مصطفى ٺٽي مان خاص هن پروگرام ڪارڻ آيا آهن ته حيرت ۽ خوشي جو مليل ردِ عمل آندم۔۔۔
ادا غلام مصطفى پنهنجي سوچ، قابليت جي حساب سان ته اڳ ئي اسان کي پنهنجو بڻايو آهي پر سندن شخصيت پڻ هڪ پر اثر، سمارٽ ۽ پر اعتماد لڳي ۔۔۔ کين ڀاڪر پائيندي مون کي فخر جو احساس ٿيو ته هيتري اعلى شخصيت جا حامل دوست پڻ اسان سان گڏ آهن۔۔ کين الطاف صاحب جي صحبت ۾ ويهاريندي مان واپس وريس ته جيئن محترم الطاف شيخ جا رکيل ڪتاب تي اضافي نظر رکي سگهان متان هڪ ئي وقت ايترن سمورن ڪتابن کي ٻيهر ڏسڻ جو موقعو پروگرام شروع ٿيڻ ڪري ملي نه سگهي۔۔۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

سڀ کان اڳ ته آ سنڌ گريجيوئيٽ ايسوسيئشن ۽ سنڌ سلامت۔ڪام سچل ڳوٺ جي دوستن کي لک لک واڌايون جن سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيندي محترم الطاف شيخ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، سنڌ جي مان وارن اديبن، ليکڪن ۽ سنڌ سڄڻن کي سندن حياتي ۾ مان ۽ شرف ڏيڻ واري رسم تمام لڀائيندڙ، اتساهيندڙ ۽ تعريف جوڳي آهي ۔۔۔ اوهان دوستن سنڌ دوستي جو عملي ثبوت پيش ڪري قوم جي خدمت ڪريوٿا ۔۔۔ اسان دوستن جون نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن، عمر رهي ته اسين به اوهانجي انهن خدمتن ۾ ٻانهن ٻيلي ضرور ٿينداسون ۔۔۔

ٻي ڳالهه مونکي چوڻ ڏيو ته سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان وساڻ جون سنڌ پرستي وارا عمل ساراهه جوڳا آهن ۽ هن وقت سنڌي نوجوانن ۾ سليمان وساڻ جو نالو سونهري اکرن ۾ لکڻ جي قابل آهي ۔۔۔ هي دوست نه فقط سنڌ ۽ سنڌيت لا پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو پر ان سان گڏ ڪراچي جي دل ۾ قائم ٿيل سچل ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ ٺاهڻ ۾ پنهنجون ڪاوشون ڪندو رهي ٿو ۽ هاڻ وري سنڌ سلامت جي نالي، ڪم ۽ انجي جڳ مشهوري ۾ پڻ سهڻو ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۔۔۔ سلام دوست

ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بو بهار جي ۔۔۔

اوهانجي دوستي تي سنڌ سلامت کي فخر آهي ۽ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن پاران اوهانکي خراج عقيدت پيش ڪجي ٿو ۔۔۔

آخر ۾ اوهانجي تيار ڪيل هي رپورٽ پڻ پنهنجي جا تي مڪمل ۽ پيرائتي آهي، جنهن ۾ پيرائتي ڄاڻ، سنڌ تي وي جي خبر وارو ڪلپ ۽ تصويرون ڏسي، ائين لڳو ته اسين به ان آجياڻي ۾ اوهان سان گڏ گڏ رهياسون ۔۔۔ لک ٿورا، سهڻو ڪم ٿيل آهي ۔۔۔

سلام آهي سڀني دوستن کي ۽ لک واڌايون سگا ۽ سنڌ سلامت۔ڪام جي انتطاميه کي ۔۔۔

ساه سين سڃاڻان، پساه سين پسان پرين،
اهـــي ٻـه ٽـــاڻــــان، اچـــــي رهيــــا روح ۾۔

سائين نثار سلام

سنڌ سلامت جي دوستن جا سلام ته مون سائين الطاف شيخ صاحب جن کي بار بار پي ڏنا ۽ ان ۾ سڀني دوستن جا سلام شامل هئا۔ سگا جي سموري ٽيم ، سچل ڳوٺ جي دوستن ۽ بزرگن سان گڏ دوست نويد ڪلوڙ جا به ٿورا جنهن هن پروگرام کي سجائڻ م خاص ڪردار ادا ڪيو۔ هي پروگرام سائين الطاف شيخ جي شخصيت لاء ته ڪجهه به ڪونه هو پر ان ۾ خلوص ۽ پيار اڻ ميو هئو۔

اوهان جي ايڏي عزت افزائي ۽ حوصلا افزائيء لاء ٿورا پر سچ پڇو ته سليمان وساڻ اڪيلي سر ڪجهه ناهي۔ جيڪڏهن هو ڪجهه آهي ته سنڌ سلامت ، اوهان دوستن ۽ سگا جي سينيئر دوستن جي رهنمائي ۽ ساٿ ۾ هڪ ننڍڙو ڪردار آهي۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

آڄ سنڌ سلامت ء فيس بوڪ تي پروگرام جون تصريون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي۔۔۔۔ هڪ دوست کي ڏيکاريم ان چيو ته ڪاش مان به ان پروگرام ۾ شريڪ ٿيا ن هان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔محترم غلام مصطفي1 ميمڻ سان گڏ ڪابه تصوير نه آئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادي سليمان ء غلام مرتضيَ وساڻ اتي ويٺي ڪافي خدمت ڪئي ء هر نئين ماڻهون سان تعارف پئي ڪرايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ محترم الطاف شيخ ملائيشيا جي ڳوٺ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته جڏهن مان پهريون دفعو ملائيشيا فيملي سان گڏ ويس ته هڪ ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي جي صورتحال ان وقت اها هئي جو نه اسڪول نه اسپتال، بنيادي ڪابه شئي نه هئي۔۔۔۔۔۔۔ ان وقت اسان جو ملڪ ملائيشيا کان اڳتي هيو۔۔۔۔ ء اڄ اهي ماڊل وليج آهن، هر ڳوٺ ۾ هڪ فيڪيٽري آهي۔۔۔۔۔۔۔ تعليم 100 آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

االله ڀلو ڪري اسانجي حڪمرانن جو جو ڪنهن کان ته سبق حاصل ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

اهڙي زبردست پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جي آس اڌوري رهجي وئي پر اوهان تصويرن سان پروگرام گهمائي ڇڏيو ، ڪامياب پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ



28w9kg.jpg
محترم سليمان وساڻ صاحب اوهان جون لک مهربانيون ۽ قرب جو توهان اسان کي هر پروگرام ۾ ياد رکيو آهي، ادا سنڌ جي ابن بطوطه مهان انسان ۽ سنڌ ادب تي احسان عظيم ڪندڙ محترم الطاف شيخ جي سنڌ سلامت جي آجياڻي ۾ به منهنجو پڪو پڪو پروگرام هو مگر ڪجهه مجبورين جي ڪري ( مجبوري هي هئي ته منهنجي چاچي جو دل جو باء پاس ٿيو هو، جنهن جي ڪري منهنجي ڊيوٽي سندس خدمت ۾ لڳل هئي، ) مان هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس، جنهن جو مون کي تمام گهڻو ارمان ۽ افسوس آهي، ادا سليمان صاحب ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هي پروگرام وڏي محنت ۽ محبت سان رچايو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ سلامت جي تمام ٽيم ۽ خاص توهان جي محنت جو ڪمال آهي، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ادا مون جڏهن توهان جي رچايل پروگرام جو وڊيو ۽ تصويرون ڏٌٺيون ته مون کي ان پروگرام ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو افسوس اڃان به وڌي ويو آهي، ۽ اهيو افسوس شايد زندگي ڀر رهي، ڇو جو اهڙو وقت ۽ اهيا گڏجاڻي وري ڪڏهن واپس نه ايندو،۔۔۔۔۔۔۔ ادا مان جڏهن دادو ۾ رهندو هئس ۽ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ لاء دادوء جي علامه آء آء قاضي لائبريري ويندو هئس ۽ اتي محترم سائين الطاف شيخ صاحب جو پهريون سفرنامو مون هي پڙهيو هو۔۔۔ اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا۔۔ جنهن کانپوء شيخ صاحب سان ملڻ لاء دل آتي رهي جيڪا اڄ تائين آتي آهي، ادا سليمان صاحب ۽ سنڌ سلامت جي تمام ٽيم کان مان معذرت خواه آهيان جو مان پروگرام ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس، جڏهن ته سنڌ جي هن عظيم سيلاني ۽ سنڌ جي سڃاڻ محترم الطاف شيخ جي ملاقات لاء مان ننٌڍپڻ کان آتو آهيان، کيس سان فون تي ته ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، ۽ پاڻ مهرباني ڪري مون ڏانهن پنهنجون اي ميل وغيره به موڪليندا رهندا آهن، جنهن لاء مان سندس شڪرگذار آهيان، الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي سنڌ جو هر شخص دل و دماغ سان پڙهندو آهي۔ الطاف شيخ کي شايد ئي ڪوسنڌي علم دوست هجي جيڪو نه ڄاڻندو هجي۔مان ته ائين چوندس ته جيئن شاه صاحب اسان جي سنڌي ٻولي کي سنڌي شاعري سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شاه صاحب جي شاعري ۽ فڪر اسان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاء فخر جي نشاني آهن اهڙي ريت سنڌ جي لطاف شيخ صاحب تي پڻ اسان کي ناز ۽ فخر آهي، الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۾ سون جي تعداد ۾ سفرنامه لکي ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌي سفر نامن سان مالا مال ڪري سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي، شايد اهيو احسان اسان جو سنڌي ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهي، محترم دوست الطاف شيخ صاحب سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه تڏهن ٿئي هئي جڏهن پاڻ ايران ۾ موجود هئا، شيخ صاحب مون سان جڏهن به ڳالهايو آهي ته پيار محبت ۽ اڪير سان ڳالهايو آهي، جڏهن ته پاڻ هڪ سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ۽ هڪ نيوي جا بالا آفيسر پڻ رهيا آهڻ ، مگر مون ڪڏهن به شيخ صاحب ۾ ڪا وڏائي، تڪبر ۽ غرور ناهي ڏٺو۔ نه محسوس ڪيو آهي، ۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

محترم رشيد سمون صاحب، سليمان وساڻ صاحب، عرس پريو صاحب ۽ ٻيا معزز مانوارا ميمبر جن سان اسان کي سائين الطاف حسين شيخ جي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرفِ ملاقات نصيب ٿي.
اسلام عليڪم -:
ھڪ عظيم ماڻھو جيڪو پنھنجي ڏاھپ ۽ سفرنامن جي ڪري ادب جي دنيا ۾ لازوال ٿي ويو آهي، ان کي صدراتي ايوراڊ ملڻ جي خوشي ۽ سائين جي وڏاين جي اعتراف طور ڏنل آجياڻو جيڪو روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪيو ويو ھو ان ۾ شرڪت سائين سليمان وساڻ جي مھرباني سان اسان کي ملي. سگا، ان جي ذيلي ادارا ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام فورم جا روح روان سائين رشيد سمون ۽ سليمان وساڻ وارا سچ ته تمام وڏي مبارڪن جا مستحق آهن جو انھن پنھنجن قابل ستائش ليکڪن کي مانَ ڏيندين ھن قسم جو پروگرام رکيو. شيديول مطابق پروگرام ته شام جو پنجين بجي شروع ٿيڻو ھو پر جئين ته اھا روايت عام ٿي ويئي آهي ته مقرر وقت تي ميزبان به پورا نه ھوندا آهن ته مھمانن جو ان وقت اچڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اسان به ان ڳالھه کي مدِ نظر رکندين پوڻين ڇھين بجي ڌاري روشن تارا اسڪول پھتاسين. ادا غلام مرتضى وساڻ گيٽ تي بيٺا ھئا جن اسان جو آڌار ڀاءُ ڪيو ان وقت 10/12 ماڻھو ڪُرسين تي ويٺل نظر آيا، اسان به شروع ۾ وڃي انھن سان گڏ ويھي رھياسين ۽ سائين سليمان وساڻ جي باري ۾ معلوم ڪيوسين. ادا غلام مرتضى وساڻ جن سائين سليمان صاحب کي وٺي آيا انھن سان اسان جي اھا پھرين ملاقات ھئي پر سليمان وساڻ صاحب جنھن محبت ڀري انداز ۾ اسان کي ڀليڪار چيو ته ائين لڳي رھيو ھو ته انھن جو ۽ اسان جو ساٿ صدين کان آهي. اسان کي ھو ھڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ جيڪو ڪُنڊ تي ٺھيل ھو اھو شايد ھيڊماستر يا ڪنھن ٻئي جو ھو وٺي آيا .اھو وقت اسان لاءِ تمام گھڻو حيرت وارو ھو جڏھن اسان محفل جو مور، جنھن جي مان ۾ منڊل مچايو ويو ھو ھن ڪمري ۾ ويٺل نظر آيا .اھا ته ھڪ عام ڳالھه آهي ته ھنن قسمن جي پروگرام ۾ مھمانِ خصوصي سڀني کان آخر ۾ ايندو آهي پر سائين الطاف شيخ صاحب جي سچائي ۽ ٽائيم جو قدر ان کان وڌيڪ ڪھڙي ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھو مھمانِ خصوصي ھوندي به وقت مقرر کان ٿورو اڳ ۾ پھتا. جيڪڏھن اسان سڀ سائين جي ان عمل جي پيروي ڪيون ته مون کي يقين آهي ته ھڪ بھترين ۽ سٺو مثال قائم ٿي ويندو. سائين الطاف شيخ صاحب ڏاڍي محبت ۽ اڪير سان اسان سان مليا. ان ڪمري ۾ محترم تاج محمد وساڻ پريزيڊنٽ روشن تارا اسڪول، سيڪريٽري سماجي ۽ بھبود تنظيم سچل ڳوٺ ۽ مرڪزي ميمبر سگا سنڌ ايسوسي ايشن ۽محترم سراج الدين ميمڻ پريزيڊنٽ سگا ايسوسي ايشن سچل ڳوٺ برانچ وارا به موجود ھئا .انھن محترمن اسان جو ايترو ته بھترين انداز ۾ آڌار ڀاءُ ڪيو جو ڪجھه وقت لاءِ اسان کي ائين محسوس ٿيو ته انھن کي اھا ته غلط فھمي نه ٿي ويئي آهي ته شايد اسان الطاف شيخ صاحب آھيون پر پوءِ جڏھن سائين الطاف شيخ صاحب جي ان ڪمري ۾ حقيقي موجودگي جو احساس ٿيو ته اسان جي غلط فھمي دور ٿي ويئي ۽ ھڪدم ھن خيال دل ۾ جنم ورتو ته محترم تاج محمد وساڻ ۽ سراج الدين ميمڻ پنھنجي روايتي مھمان نوازي جو سلوڪ ڏيندين اسان سان ايڏو شفقت جو مظاھرو نه رڳو ان ڪمري ۾ ڪيو پر پروگرام جي پُڄاڻي تائين بھترين انداز ۾ خيال رکيو، جن جي لاءِ اسان انھن جا تمام گھڻا ٿورائتا آھيون. جڏھن الطاف شيخ صاحب، تاج محمد وساڻ ۽ سراج الدين ميمڻ سان اسان جي ڪچھري ٿي ته ان ۾ اھو محسوس ٿيو ته تاج محمد وساڻ صاحب ۽ سراج الدين ميمڻ ڪن ٻين حوالن سان به اسان سان متعارف ٿيل ھئا. تاج محمد وساڻ صاحب ۾ اسان کي هڪ ڏاھي ۽ بردبار ماڻھوهجڻ جو احساس ٿيو.ساڳي طرح سائين سراج الدين ميمڻ صاحب به هڪ بهترين انسان وارين خوبين جا ما لڪ نظر آيا. ڪجھه دير کان پوءِ رشيد سمون صاحب ۽ محترم عرس پريو ان ڪمري ۾ داخل ٿيا سڀ کان پھريون سائين الطاف شيخ صاحب جي طرف متوجھه ٿي ان کي ڏاڍي پيار مان ڀاڪر پاتو ۽ جڏھن اسان جو وارو آيو ۽ انھن کي اسان سان تعارف ڪرايو ويو ته انھن ڏاڍي محبت، سڪ ۽ خلوص ڀري انداز ۾ ڀاڪر پاتو، جيڪو پنھنجائپ جو ڏيک ڏيئي رھيو ھو. ڪجھه وقت کان پوءِ سڀني مھمانن کي پنڊال ۾ ويھڻ لاءِ چيو ويو. اسان ڪوشش ڪئي ته ڪنھن پوئين سيٽ تي ويھي ھڪ ماٺيڻي ماڻھو وانگر ڏاھن جا سُّخن ٻڌون پر سائين تاج محمد وساڻ، سليمان وساڻ ۽ ٻين منتظمين اسان کي وٺي وڃي اڳئين سيٽ تي ويھاريو. ان عمل کي سائين رشيد سمون صاحب ڏاڍو بھتر محسوس ڪيو جيڪو انھن جي نظرن مان ظاھر ٿي رھيو ھو جڏھن هنن اسان کي ڏٺو. اُھو ھڪ عجيب ۽ ڏاڍو وڻندڙ منظر ھو جڏھن ننڍڙن، آسمان جي تارن وانگر چمڪندڙ ٻارن گلن سان سڀني مھمانن جو آجياڻو ڪيو، انھي گيت جا ٻول اڃان تائين اسان جي ڪنن ۾ گونجي رھيا آهن. سائين الطاف شيخ صاحب جو ھڪ قدم جيڪو اسان کي تمام گھڻو پسند آيوته سائين انھن سڀني گلڙن جھڙن معصوم ٻارن جي لاءِ تحفا وٺي آيا ۽ انھن کي ڏنا. .سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٻنهي روح روان رشيد سمون ۽ سليمان وساڻ صاحبن ،الطاف شيخ صاحب جن کي فورم جي طرفان گلن جو بڪئي ۽ شيلڊ ڏني.بظاهري ته اهئي تحفه ايڏا قيمتي نه هئا پر ان ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت سائين شيخ صاحب جي لاءٌ شامل هو، اها انمول هو ۽ انجو ڪو به ملهه نه پيو لڳي سگهي.ڪجھه ميمبرن جي فارمل تقريرن کان پوءِ سائين الطاف شيخ صاحب پنھنجي سفري زندگي جو احوال دوستن سان ونڊيو. جڏھن ملائيشيا جي ڳالھه پئي ڪيائين ته ان جي پراڻي حالتن کي سچل ڳوٺ سان تشبيهه پئي ڏنائين. ھڪ نئي ڳالھه جيڪا سائين جي خطاب مان اسان کي خبر پئي ته ھو ڪنھن به ڪتاب جي رائيلٽي نه وٺندا آهن ۽ جڏھن ڪو پبلشر انھن جو ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ سائين سان ملاقات ڪندو آهي ته شيخ صاحب جن انھن کي سنئون سڌو چئي ڏيندا آهن ته ڪتاب سيل ڪرڻ انھن جو مسئلو نه آهي ۽ نه ئي وري سيل مان انھن کي ڪجھه شئير کپي انھي ڪري نه ته ھو ڪنھن پبلشر کان پنھنجي ڪتاب جي ڪامپليمينٽ ڪاپيون وٺندا آهن۽ نه ئي ڪنھن کي ڪامپليمينٽري ڪاپي ڏيندا آهن. ھڪ تمام عجيب ڳالھه جيڪا سائين ڪئي ته 20 کن انھن جون اھڙيون تصنيفون/ ڪتاب آھن جيڪي انھن به اڄ تائين نه پڙھيا آهن. سائين پنھنجي آرٽيڪلس اخبار اُمت ۽ عبرت کي موڪليندا آهن ۽ پبلشرس اھي آرٽيڪل جمع ڪري ھڪ ڪتابي شڪل ۾ آڻيندا آھن .الطاف شيخ صاحب ڪاپي ڪلچر کي ميرٽ جو قتل قرار ڏيندين سڀني کي تعليمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. الطاف شيخ صاحب جن کان جڏھن سوالات پُڇا ويا حاضرين محفل جي طرفان ته انھن جا جواب تمام سٺي انداز ۾ ڏنائين. افسوس اسان کي ان وقت ٿيو جڏھن شيخ صاحب جن کان ڪجھه اھڙا سوال پُڇيا ويا جن موضوعن سان هنن جو ڪنھن قسم جوبه واسطو نه ھو، پر انھن جا جواب انھن ڏاڍي ڏاھپ سان ڏنا.
سائين سليمان وساڻ پنھنجي تقرير جي دوران سنڌ سلامت کي انگن ۽ اکرن جي انداز ۾ ٻڌائي سڀني مهمانن کي ڪافي حيرت انگيز ڪري ڇڏيو ۽ پھريون دفعو معلوم ٿيو ته وساڻ صاحب جن جسماني طورته ايڏا قداور نه آهن پر سمنڊ جھڙي گھرائي واري معلومات ۽ خيالن جا مالڪ آهن. ھو رڳو سٺو ليک نه ٿا ڄاڻن پر ڳالھائين به سٺي تقريري انداز ۾ ٿا. هنن جي ڪم ۽ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ جو اعتراف ته محترم الطاف شيخ جن پنهنجي خطاب دوران ڪيو. سائين رشيد سمون صاحب پروگرام جي دوران ڪجھه ماڻھن سان ملاقات ۾ مصروف رهيا ۽ انھن سان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي فروغ لاءِ ڳالھيون ڪندا رھيا. انھن سان مختصر ملاقات دوران اھو محسوس ٿيو ته دريا جي ماٺيڻي پاڻي وانگر اندر ۾ علم ۽ عمل جي وڏي ڇولي رکن ٿا ۽ ھر لمحي بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن. سائين عرس پريو به پنھنجي خيالات مان ھڪڙو تمام محنتي ۽ ذھين انسان جي صورت ۾ نظر آيو. سائين طاھر سنڌي ھڪ مضبوط جسم جا مالڪ پر ھڪ بھترين ذھن رکندڙ انسان نظر آيا .انھن سڀني سان ملاقات ڪري اھو محسوس ٿيو ته سنڌ سلامت فورم جا ميمبر ذھني ۽ جسماني طور ڏاڍا مضبوط آهن ۽ ھر مشڪل کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آهن ھڪ صحيح ۽ سچي رستي جي طرف ھلڻ لاءِ.
سائين منھنجا توھان جي وڏي مھرباني.
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

دوستو

سچ ڳالهه اها ته ٽي وي ڏسڻ جيترو ٽائيم ملي ئي نه ٿو لک ٿورا سائين سليمان وساڻ صاحب جن جا جن هيتري ساري مصروف

زندگي مان ايترو ٽائيم ڪڍي ڪري سنڌ ۽ سنڌيت جو پرچار ڪرڻ ۾ مشغول آهن

سڄي سنگت کي ڏسي ڪري اصل ٿڪ لهي ويا

سائين سليمان وساڻ صاحب ويڊيو ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

لاجواب ڪوششون آهن دوستن جون جن ان پروگرام ۾ سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

لک لائق

سدائين گڏ

فقير سائين لک قرب

مان سوچيو هو ته فقير هن بهاني ڪراچي ايندو ۽ ملاقات به ٿي ويندي پر اها خواهش به پوري ڪانه ٿي۔

سنڌ جي هن سيلاني ۽ عظيم ڏاهي ليکڪ محترم الطاف شيخ سان ته اڳ ۾ به ملاقاتون آهن۔ ساڻس پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هو منهنجو پڇائيندا اچي سچل ڳوٺ ۾ مليا هئا، ڪرم الاهي چنا صاحب جي ذريعي، پوء ته جلدي جلدي ملاقاتون ، اي ميل ۽ فون تي ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن۔

سنڌ جي بلڪل سچي ۽ کري ڏاهي ليکڪ جي مان ۾ هيء ته هڪ ننڍڙي ڪاوش هئي ، نه ته سندن ڪم ته بينظير آهي۔ سنڌ سلامت جي دوستن جون به مهربانيون جن پنهنجي پروگرام م شرڪت ڪري ان کي چار چنڊ لڳايا۔

اميد ته ايندڙ پروگرام ۾ اوهان اسان سان گڏ هوندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

هن پروگرام جون تصويرون ۽ پروگرام جي رپورٽنگ، سنڌ ٽي وي جي خبر واري ڪلپ ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جا رايا پڙهي، هن ليک کي هن سال جو بهترين ليک چئجي ته گهٽ نه ٿيندو ۔۔۔ آ سنڌ سلامت انتظاميه جي سڀني دوستن کي عرض ڪندس ته سال جي پڄاڻي تي سنڌ سلامت تي ايندڙ ليکن جو مقابلو ڪرائجي ۽ ان ۾ پهرين ٻي ۽ ٽين نمبر تي ايندڙ ليکن کي مڃتا طور انعام سان سرفراز ڪجي ۔۔۔

منهنجي خيال ۾ ان ڪم سان دوستن ۾ سٺن مضمونن ونڊ ڪرڻ جو اتساهه وڌندو ۔۔۔

سهڻن دوستن جا رايا پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

سنڌ جي ابن بطوطه مهان انسان ۽ سنڌ ادب تي احسان عظيم ڪندڙ محترم الطاف شيخ جي قدرداني ڪندڙ اسان جي سنڌ سلامت وارن دوستن ساٿين ، محترم الطاف شيخ ابن بطوطه سنڌ سان شام ملهائي هڪ عظيم حق ادائي جو ثبوت ڏنو آهي ، جنهن ۾ اسان جهڙن ناڪارن انسانن کي محترم الطاف شيخ ابن بطوطه جي زيارت نصيب ٿي ، قسم الله رب العزت جي ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي عزت آبرو عظمت اعزاز وقار آهي ته مون پنهنجي حياتيء ۾ ڪڏهن به محترم الطاف شيخ جي زيارت نه ڪئي هئي ! پر سنڌ سلامت وارن اسان کي محترم الطاف شيخ جي زيارت جو لطف بخشو ۽ اهڙو انعام شايد ڪڏهن ابه نصيب نه ٿئي هان ؟ جيڪڏهن سنڌ سلامت وارا اها شام نه ملهائن هان ، اسان الله تعالي جي در دعا جا طالب آهيون ته، سنڌ سلامت وارا سنڌ جي محسنن سان شام ملهائيندا رهندا ۽ اسان جهڙا وات پٽيا اهڙيون زيارتون ڪندا رهندا ،

سنڌ سلامت وارن جي پيرن جي خاڪ، خاص طور سهڻي سائينء محترم محمد سليمان وسان جي جنهن جي هٿ ۾ سليمان نبي وارا جن آهن، جن جي هميشه زيارت ڪرائيندو رهندو۔

_مسڪين جوکيو شفيق احمد

سائين جوکيو صاحب لک قرب

منهنجي اها دلي خواهش هئي ته محترم الطاف شيخ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء ڪراچيء ۾ موجود سموري سنگت هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري۔ سچ ته اوهان اسان جي ننڍڙي عرض تي جيڪو به صرف فيس بوڪ پيغام ذريعي موڪليو هيو ان کي شاندار موٽ ڏئي اسان جو مان مٿانهون ڪيو ۽ پروگرام جي آخر تائين اسان سان گڏ رهيا۔

اها اوهان جي حسنِ نظر آهي ۽ اوهان جي وڏائي آهي. اوهان پاڻ دلبر ماڻهو آهيو جهڙو نالو شفيق اهڙائي پاڻ به شفيق آهيو. ماڻهو جڏهن پاڻ قربدار ۽ شفيق هوندو آهي ته ٻين کي به ايئن ئي ڀائيندو آهي۔ ٻيو ته مان اوهان جو ئي دوست ۽ ساٿي آهيان ۽ مان اوهان منجهان ئي آهيان، مون وٽ ڪوبه جن ڪونهي پر اوهان جهڙا دوست آهن، مهربان آهن، پيار ڪندڙ آهن، انهن جي ساٿ سان ئي هي سڀ ڪري سگهيا آهيون۔

لک ٿورا اهڙي پيار، خلوص ۽ عزت افزائيء جا،۔ سائين الطاف شيخ بيهر فون ڪري دوستن ۽ حاضر ٿيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو آهي۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top