• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

رحيم بخش

ايڊيٽر
ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي وڃڻ ٿيو سائين محمد سليمان جن اڳ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت لاء دعوت ڏني هئي ليڪن اچانڪ بي دعوتي بخار ان پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو نه ڏنو ٻه ڏينهن بعد جڏهن وري ڪراچي وڃڻ ٿيو ته سائين محمد سليمان سان فون تي رابطو ٿيو پاڻ نه فقط اچڻ لاء چيائون ليڪن پنهنجي گاڏي به الآصف تي موڪليائون محترم سائين مظهر صاحب جن آيا ساڻن گڏ سائين محمد سليمان جن جو والد صاحب پڻ گڏ هو ساڻن گڏجي سچل ڳوٺ جي سرهاڻ ۾ پهتاسين اوطاق تي اڳ ئي ميلو متو پيو هو سائين ڪرم الاهي محترم سائين تاج محمد وساڻ محترم سائين سراج احمد ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست موجود هيا جيڪي تمام محبت جي انداز سان مليا ڪافي وقت ساڻن ڪچهري ٿي سندن ڪچهري واقعي سنڌين جي ڪچهري هئي پهچڻ سان اهو معلوم ٿيو ته سڀ دوست سنڌ سلامت جي موضوع تي ڳالهائي رهيا هئا بيحد خوشي ٿي جو ڪراچي جهڙي شهر ۾ خالص سنڌين جو ڳوٺ وري انهن ۾ سنڌ متعلق ويچار ونڊيندي سندن گفتگو بيحد متاثر ڪيو صبح جو وري سائين محمد سليمان جن پنهنجي گاڏي ۾ جنهن دوست وٽ وڃڻو هو ان تائين پهچايائون سائين عبدالرشيد جن سان به فون تي ملاقات ٿي بهرحال سچل ڳوٺ جا سچا ماڻهو جهڙا ٻڌاسين اهڙا ڏٺاسين
الله تعالي سنڌ کي سنڌ واسين کي شاد و آباد رکي۔ آمين
۔
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

الله اچن اوءِ! جن آئي من سرهو ٿئي!

محترم سائين مولوي رحيم بخش صاحب مهربانيون

اها اسان سچل ڳوٺ وارن جي خوش نصيبي آهي جو اوهان جهڙا علم دوست ماڻهو اسان وٽ آيا ۽ ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو۔ جيتوڻيڪ اوهان سان ڪچهري ڪرڻ لاء بلڪل ٿورو وقت مليو ۽ سموري سنگت ان ٿوري عرصي ۾ به اوهان سان جيڪا ڪچهري ڪئي ان مان اهو پئي لڳو ته ڄڻ اوهان سان جنمن جو واسطو هجين۔ اوهان جهڙن محبتي دوستن سان دل بار بار ملڻ چاهيندي آهي ۽ اوهان اسان کي موقعو ڏئي سچ ته وڏو احسان ڪيو آهي۔

سچل ڳوٺ اسان سنڌين جو قلعي نما ڳوٺ آهي جنهن ۾ 100 في صد سنڌي رهن ٿا ۽ ڏک سور ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ٿا۔ سنڌ جي بيوروڪريٽس ۽ ڪيترن ئي وسندي وارن جي مهربانين سان سچل ڳوٺ سمورين سهولتن سان آراسته آهي ۽ اڃان به ترقي جي عمل تي راهه روان آهي۔

اسان جي اها اميد آهي ته اوهان جڏهن به ڪراچيء اچو ته اسان وٽ اچي رهو ۽ دوستن سان حال احوال ونڊ ڪيو۔​
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

سائين سچل ڳوٺ جي سچن ماڻهن مان سڄي دوست سليمان وساڻ جي ڇا ڳاله ڪجي اصل مکڻ ماڻهون آهي بس سائين اوهان جي سائين جي اوطاق تي وڃڻ کان پهريان اسان کي ٻڌايو ها ته اسان اوهان کي ڪن م هڪ سفارش ضرور ڪيون ها ته اوهان ادي سليمان کي اها ڳاله ضرور ٻڌايو ها پر هاڻي لڳي ٿو ته اها سفارش ادي طاهر کي ڪرڻ پوندي ته ادي سليمان کي جلدي شادي جا فائندا ۽ شادي شده هجڻ جا فضائل ٻڌائين ويسي ادو طاهر به هڪ ڪتاب ڏندڙ جا فضائل تصنيف ڪري چڪا آهين پر جي ادي سليمان جي لاء هڪ ٻيو ڪتاب شادي جا فضائل به لکن ته اڃا به وڌيڪ۔۔۔۔۔۔ ڀلو ٿيندو سو سائين هاڻي جي اوهان سچل ڳوٺ وڃو ته سائين جي والد صاحب کي اها گذارش ضرور ڪجو ته بابا خير جي ڪم ۾ دير نه ڪريو اسان پهنجي پرين کي هاڻي گهوٽ جي روپ ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا ۔۔۔۔ باقي سائين رحيم بخش اوهان جو ڪم مهنجي ذمي لاتو هو پاڻ وساريو ناهي بس موقعي جي تاڙ ۾ آهيون ۔۔​
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

ماشاءَ الله واه واه
اسان کي ڪنهن دوست اطلاع ئي نه ڏنو نه ته اوهان سان ملڻ جي بي حد خواهش هئي۔
بحرحال زندگي آهي ته ضرور ملبو ان شاءَ الله۔
ادا علي علي اوهان جو حڪم اکين تي ڏس ته هاڻ سليمان کي ڪيئن ٿا ڦيراٽيون کارايون جو دوست سچل ۾ آيا ته اطلاع به نه ڏنائين۔
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

مطلب طاهر سنڌي جو تازو ڪتاب هوندو ” مسائل شادي شده زندگي“ يا وري ” فضائل شادي شده زندگي“ پو به ٻئي ڪتاب ڪم جا هوندا ۔۔۔ هڪ دوست وساڻ لا ٻيو پاڻ لا ۔۔۔

اصل قرب ٿيندا سنگت جا پر ترسو رمضان کانپو وساڻ جي شادي ڪرائجو ته پاڻ به ڀت کائڻ ۾ شامل ٿيون ۔۔۔

باقي سچل ڳوٺ ۾ ڪافي اوطاقون آهن جت سنڌي ماڻهون ايندا هوندا پر محترم ” وساڻن“ جو اوطارو به پنهنجي مٽ پاڻ آهي، جيڪي آيا سي اگهيا ۔۔۔ سائين تاج محمد وساڻ سميت سندس سڄي خاندان جا مڙد مهمانواز سان گڏ قربائتا ۽ سلڇڻا آهن ۔۔۔ رب العالمين کين نظر بد کان بچائي ۔۔۔ دوست منهنجي پاڙي ۾ اچن ٿا پر منهنجي بدنصيبي جو آ ناهيان جو کين ڪا مهمانوازي حاصل ڪري، سندن جي محبت جي لائق ٿي سگهان ۔۔۔ پر پو به اميدن تي دنيا قائم آهي ۔۔۔

آ نه سهي سليمان سهي ۔۔۔ ٻارو ڀڄي ٻاري ۾ پيو ۔۔۔

رحيم بخش جي آمد سچل ڳوٺ تي دعا جي نظر ۔۔۔ سهڻا ماڻهون ۽ سهڻيون دعائون

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

سائين قبلا اوهان جي ڪاشيانه ناز جي پڻ زيارت نصيب ٿي بيحد خوبصورت گهر هو ٻاهران پارڪ به گهر جي زينت کي ديده زيب بنايو بيٺو هو صبح جو سوير اٿي گهمندي ڦرندي d 32 s.m.c تي نظر پئي ۔ في الحال ته مونکي پنهنجي پيشه سان منسلڪ لفظ ذهن تي تري آيو ته اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽي پوء ٿورو سوچيم ته سائين جو ان سان ڪهڙو تعلق ٿي سگهي ٿو ڪنهن اسڪول سان وابسته هجن ليڪن بعد ۾ پتو پيو ته سچل مينيجمينٽ ڪاميٽي جا روح روان هجڻ ڪري اهو اعزاز کين حاصل آهي سائين جن جي گهر کي ڏسي سائين جن جي ملاقات لاء ويتر دل سٽ کاڌي ليڪن قسمت جي ڳالهه آهي جو سائين جن جي ملاقات في الوقت ممڪن نه ٿي ٿي سگهي اميد ته سائين جن جي تشريف آوري بعد انشآء الله سندن زيارت ڪبي سندن علمي ادبي سرمايه مان محظوظ ٿيڻ جي شرف حاصل ٿيندو۔
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

سائين سچل ڳوٺ جي سچن ماڻهن مان سڄي دوست سليمان وساڻ جي ڇا ڳاله ڪجي اصل مکڻ ماڻهون آهي بس سائين اوهان جي سائين جي اوطاق تي وڃڻ کان پهريان اسان کي ٻڌايو ها ته اسان اوهان کي ڪن م هڪ سفارش ضرور ڪيون ها ته اوهان ادي سليمان کي اها ڳاله ضرور ٻڌايو ها پر هاڻي لڳي ٿو ته اها سفارش ادي طاهر کي ڪرڻ پوندي ته ادي سليمان کي جلدي شادي جا فائندا ۽ شادي شده هجڻ جا فضائل ٻڌائين ويسي ادو طاهر به هڪ ڪتاب ڏندڙ جا فضائل تصنيف ڪري چڪا آهين پر جي ادي سليمان جي لاء هڪ ٻيو ڪتاب شادي جا فضائل به لکن ته اڃا به وڌيڪ۔۔۔۔۔۔ ڀلو ٿيندو سو سائين هاڻي جي اوهان سچل ڳوٺ وڃو ته سائين جي والد صاحب کي اها گذارش ضرور ڪجو ته بابا خير جي ڪم ۾ دير نه ڪريو اسان پهنجي پرين کي هاڻي گهوٽ جي روپ ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا ۔۔۔۔ باقي سائين رحيم بخش اوهان جو ڪم مهنجي ذمي لاتو هو پاڻ وساريو ناهي بس موقعي جي تاڙ ۾ آهيون ۔۔​

سائين علي علي پيارا توهان جي مهرباني جو ياد ڪيوَ اگر اها خبر هجي ها ته سائين جن اڃا ازدواجي زندگي کان ٻاهر آهن ته ضرور سندن والد صاحب جن کي ۽ سائين تاج محمد صاحب جن کي اهڙي سفارش ڪجي ها محبوبن جو فرمان آهي ته شادي گناهن جي ڍال آهي شادي متعلق ڪيتريون ئي احاديث آهن ۔انکان علاوه سائين جن جي شادي سان سلڇڻن سنڌي فردن ۾ به ته اضافو ٿيندو، شادي کان سواء انسان جي زندگي اڌوري آهي ليڪن سائين نثار جن جي ڳالهه وانگر ته شادي به خدا ڪري ته ڪنهن نيڪ سيرت سڳوري سان ٿئي جو پنهنجي مڙس جي هر دک درد ۾ شريڪ هجي ورنه ته زندگي پريشانين ۾ به مبتلا ٿيو وڃي اسان جي دعا آهي ته اسان جي پياري محسن ڀاء کي الله تعالى نيڪ سيرت سندن جهڙي با اخلاق عورت سان نڪاح نصيب ڪري ۔ آمين
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

سائين بيوقتي صلاح اسان به ڏينداسين سالڪن کان ٻڌي هئي سون ته شاديشده ماڻهون جون ٻه رڪعتون غير شادي شده جي ستررڪعتن جي برابر آهن سو سائين سليمان صاحب ميان جلدي ڪيو سائين علي علي به اوهان کي چوي ٿو ٻيلي ديرنه ڪريو ۔ پر ها هڪ ٻي ڳالھ به ياد اچي وئي پهريان ته سڀ سائين ممتاز کي منٿون ڪريون ته سندن عمر جو بزرگي وارو حصوڄاڻ شروع ٿيو پوءِ نجهن کيچونداسين ته اسانکي رشتو گهرجي ۽ جڏهن سائين ممتازکي سامهون آڻينداسينته الائي ڇاٿيندو
ادا اهيته اهي دوست آهن جنکي اسان سڃاڻُن ٿا ته هي غير شادي شده آهن پر هڪ اطلاع ٿا ڪريون

تمام سنڌ سلامتجي انهن دوستن کيجيڪي غيرشادي شده آهن ٻيلي شادي ڪريو ڇو جو اسان عذابن ۾ ته آهيون پرهي سور توهان به ڏسو ۽ پوءِ سنڌ سلامتکي وقت ڏيو ته مڃون
وسلام
 
جواب: سچل ڳوٺ جا محبتي ماڻهو

ادا سليمان هي اسان ڇا ٿا ٻڌون
ائين نه ڪريو يار شادي ڪريو جڳ جهڙا ٿيو ادا ڏاڏل جي ڳالهه وانگي شادي ڪريو پوء ڏسون ته توهان سنڌ سلامت کي گهڻو ٽائيم ڪيئن ٿا ڏيو
اسان کي توهان جي شادي جي ڪارڊ جو انتظار رهندو
ادا علي علي مان متان هفتي جي اندر ڪراچي وڃان ته ادي سليمان جي بابا کي ضرور چوندس
ادا سائين رحيم بخش ادا سليمان جن پاڻ به سٺا آهن ۔
 
Back
Top