رحيم بخش
ايڊيٽر
ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي وڃڻ ٿيو سائين محمد سليمان جن اڳ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت لاء دعوت ڏني هئي ليڪن اچانڪ بي دعوتي بخار ان پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو نه ڏنو ٻه ڏينهن بعد جڏهن وري ڪراچي وڃڻ ٿيو ته سائين محمد سليمان سان فون تي رابطو ٿيو پاڻ نه فقط اچڻ لاء چيائون ليڪن پنهنجي گاڏي به الآصف تي موڪليائون محترم سائين مظهر صاحب جن آيا ساڻن گڏ سائين محمد سليمان جن جو والد صاحب پڻ گڏ هو ساڻن گڏجي سچل ڳوٺ جي سرهاڻ ۾ پهتاسين اوطاق تي اڳ ئي ميلو متو پيو هو سائين ڪرم الاهي محترم سائين تاج محمد وساڻ محترم سائين سراج احمد ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست موجود هيا جيڪي تمام محبت جي انداز سان مليا ڪافي وقت ساڻن ڪچهري ٿي سندن ڪچهري واقعي سنڌين جي ڪچهري هئي پهچڻ سان اهو معلوم ٿيو ته سڀ دوست سنڌ سلامت جي موضوع تي ڳالهائي رهيا هئا بيحد خوشي ٿي جو ڪراچي جهڙي شهر ۾ خالص سنڌين جو ڳوٺ وري انهن ۾ سنڌ متعلق ويچار ونڊيندي سندن گفتگو بيحد متاثر ڪيو صبح جو وري سائين محمد سليمان جن پنهنجي گاڏي ۾ جنهن دوست وٽ وڃڻو هو ان تائين پهچايائون سائين عبدالرشيد جن سان به فون تي ملاقات ٿي بهرحال سچل ڳوٺ جا سچا ماڻهو جهڙا ٻڌاسين اهڙا ڏٺاسين
الله تعالي سنڌ کي سنڌ واسين کي شاد و آباد رکي۔ آمين۔
الله تعالي سنڌ کي سنڌ واسين کي شاد و آباد رکي۔ آمين۔