خودمختياري ۽ امريڪا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    خودمختياري ۽ امريڪا!

    پاڪستان جي سالميت هن وقت ملڪ جي سياستدانن خصوصا مخالف ڌر جي قيادت توڙي ننڍن اڳواڻن جي گفتگو جو موضوع بڻيل آهي. پاڪستان جي سالميت ڇا آهي؟ دنيا جو ڪوبه ملڪ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس قانون سازي ۽ خارجي طوڙي داخلي پاليسيون پاڻ ٺاهڻ جو هڪ رکندو آهي. 1947 کانپوءِ پاڪستان کي به هڪ آزاد ملڪ طور ڄاتو وڃي ٿو. آزاديءَ کانپوءِ هي ملڪ سياسي طوڙي فوجي تجربن جي ور چڙهي ويو. ڪڏهن جمهوري آمريت ته ڪڏهن آمرتي جمهوريت، هن ملڪ کي هر ڌر پنهنجي طور تي هلائڻ ٿي گهريو. شايد هيءَ هن ملڪ جي بدقسمتي آهي يا وري خوشقسمتي ڇوته هتان جو هر سياسي ليڊر يا فوجي سربراه سندس اقتدار جو منتظر هوندو آهي. جيسيتائين حڪمراني هوندي آهي ته هرشيءِ بهتر لڳندي آهي. جيڪڏهن اپوزيشن ته پوءِ دهشتگري جي خلاف ڪاروائي به ملڪي خودمختاريءَ تي حملو لڳندي آهي. پاڪستان ۾ ريمنڊ ڊيوس واري واقعي کانپوءِ سياسي پنڊتن ۽ غير اقتداري سياستدانن کي تنقيد جو هڪ نئون موضوع ملي ويو. هڪ غير ملڪي شهري هجي يا ايجنٽ جيڪڏهن ان جي هٿان ڪنهن ماڻهن جو قتل ٿئي ۽ ميڊيا کي ڪل يا خبر به نه پوي ته اسان جو ملڪ محفوظ ، پر جيڪڏهن ساڳيو واقعو ميڊيا تي اچي ته ملڪي خودمختاري تي حملو ڪيتري نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. ريمنڊ ڊيوس واري واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ هر پاسي لاقانونيت جون واويلائون ٻڌڻ ۾ پئي آيون ان سان گڏو گڏ احتجاجي مظاهرن جو پڻ هڪ نئون سلسلو شروع ٿي چڪو هيو. ڪراچي جي اهم شهراهن جي اسٽريٽ لائيٽ جي ٿنڀن تي امريڪي ايجنٽ ريمنڊ ڊيوس کي ڦاهي ڏيو جي مطالبن تي مشتمل بينرز پڻ لڳايا ويا هئا. پر جڏهن عدالت جو فيصلو ٻڌجڻ ۾ آيو ته سياسي پنڊنتن جو ڌنڌو بند ٿي ويو. ريمنڊ ڊيوس رها ٿي ويو. جنهن جي خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون احتجاج ۽ ڌرڻا ڏسڻ ۾ آيا، پر فيصلو عدالت جو هيو ان ڪري اهو معاملو گهڻي دير هلي نه سگهيو. عدالت جي فيصلي تي احتجاج کان ياد آيو ته نيب جي چيئرمين سيد ديدار حسين شاهه جي برطرفيءَ واري عدالتي حڪم جي خلاف به هڪ احتجاج ٿيو هيو. اهو اهتجاج حڪمران ڌر جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن توڙي وزيرن پاران ڪيو وي. پر عدالت جي هن فيصلي جي خلاف احتجاج کي عدالت پنهنجي توهين سمجهندي پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ۽ سينئر اڳواڻ تاج حيدر کي توهين عدالت جو جوابدار بڻائيندي نوٽيس پڻ ڏنو ويو.هاڻي فرق اتي ئي سامهون آهي ته فيصلن ۾ برابري نه آهي. ملڪي سالميت ڏانهن واپس هلجي ته ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کانپوءِ 2 مئي رات جو 10 وڄي 42 منٽن تي ڪنهن چئنل تي ايبٽ آباد پي ايم اي ڪاڪل روڊ تي پاڪ فوج جوهيليڪاپٽر ڪري تباه ٿيڻ جي بريڪنگ نيوز هلي ٿي. پر جڏهن صبح 7 بجي دنيا جو سپر پاور سڏجندڙ ملڪ يعني امريڪا جو صدر هڪ پريس ڪانفرنس ڪري سڄي دنيا ۾تهلڪو مچائي ڇڏي ٿو ته ڇاڪاڻ ته اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگرد اساما بن لادن کي پاڪستان ۾ مارڻ جو اعلان ڪري ٿو. بس پوءِ ڇا سياسي پنڊتن ۽ غير اقتداري سياستدانن جو ميدان هڪ دفعو ٻيهر گرم ٿي وڃي ٿو. هر پاسي کان ملڪ ۾ امريڪا جي مداخلت خلاف لُڙُ ٻڌڻ ۾ آيو. پر هن واقعي کانپوءِ هڪ ناقابل فراموش ڳالهه اها ٿي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت توڙي اپوزيشن، سڀ هڪ هنڌ ويهڻ جي لاءِ راضي ٿيا. ۽ پارليمنٽ جو هڪ ان ڪيمرا جوائنٽ سيشن ٿيو. جنهن ۾ هڪ ٻئي ناقابل فراموش ڳالهه اهابه ٿي ته ڊي جي آئي ايس آئي پنهنجا ڏوهه مڃيندي انٽيليجنس فيليئر ايڊمٽ ڪيو.۽ هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي ته جنهن جي اڌ حصي کا ٽي وي چئنلز سندن بريڪنگ نيوز ۽ اخبارن هيڊنگ ٺاهي. ان ڳالهه جو اڌ حصو اهو هيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان کي حڪم ڪري ته اسان ڊرون جهاز ڪيرائي سگهون ٿا. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر يعني نواز ليگ هر گذريل ڏينهن کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت خلاف روايتي راڳ ڳائي رهيا هئا. ته هاڻي ڳوٽ حڪومت جي هٿ ۾ آهي ته هو ڊرون حملا روڪي سگهن ٿا. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جي ڪڏهن هڪ بند ڪمري ۾ اجلاس ٿئي ٿو ته ان ميٽنگ يا اجلاس جو ڳالهيون ٻاهر ڇو ٿيون اچن، جيڪڏهن اهڙا ڪي با خبر ذريعا آهن به صحيح ته پوري ڳالهه ظاهر ٿيڻ تائين انکي باقائدي نشر نه ڪيو وڃي ها. ميڊيا جي ڪنهن ذريعن ان ڳالهه جي ٻئي حصي کي واضع ڪيو ته ان ميٽنگ ۾ اهواظهار ٿيو هيو ته جيڪڏهن حڪومت اجازت ڏئي ته اسان ڊرون حملن کي ڪيرائڻ جي صلاحيت رکون ٿا. پر ان کانپوءِ هي ملڪ باقائدي حالت جنگ ۾ هوندو. هاڻي جيڪڏهن حڪومت هڪ ڊرون ڪيرائڻ جي اجازت ڏئي ۽ ڊرون جهاز ڪيرايو وڃي ته ان جو نتيجو ڇا ٿيندو؟ ڇا امريڪا ڊڄي حملا بند ڪندي؟ جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته پوءَ شايد اهو هن دنيا ۾ حال ۾ ٿيندڙ واقعن کان واقف نه آهي. جنهن ملڪ ۾ جي ايڇ ڪيو جهڙي حساس ادارن اندر دهشتگرد گهڙي ڪاروائي ڪري سگهن ٿا، ڪراچيءَ جي مصروف ترين علائقي ۾ واقع مهراڻ بيس تي جيڪڏهن منظم طور تي ڪاروائي ڪريي اربين روپين جو نقصان ڪري سگهن ٿا ته پوءِ اهي اسان جي ايٽمي طاقتن تائين پهچڻ جي صلاحيت به رکي سگهندا هوندا شايد!! هاڻي موجو دو حالتن جي نظر جيڪڏهن هڪ ڊرون جهاز ڪيرايو وڃي ته ان کانپوءِ اسان کي هن ملڪ ۾ جنگ جو منظر ٺهندي ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ڇو ته ڊرون جهاز ڪرڻ سائين امريڪا سلامتي ڪائونسل ۽ يونائيٽڊ نيشن ۾ اها قرارداد آڻي پاڪستان تي باقائدي حملن جي اجازت ماڻي سگهي ٿي. جيڪڏهن پاڪستان تي باقائدي حملن جي قرارداد منظور ٿئي ته پوءِ ملڪي سالميت جا راڳ آلاپيندڙن جي احتجاجن جو ڇا ٿيندو؟ شايد ليبيا جي مظاهرن جهڙو حشر ٿيندو!! الله نه ڪري جيڪڏهن ان جنگ جي شروعات ته پاڪستان وٽ ڪهڙا جهاز آهن يا ڪهڙي ٽيڪنالاجي آهي جيڪا امريڪا جي ٽيڪنالاجيءَ کي مات ڏئي. پوءِ شايد ڳالهه صرف امريڪا تائين محدود نه رهندي امريڪا جا اتحادي ٻيا ملڪ به حملن جي حمايت ڪندي گڏجي پوندا. ڇا اهو منظور آهي يا دهشتگردن جا ڊرون حملا؟ فيصلو ڪرڻ ڪنهن به عام ذهن رکندڙ جي لاءِ ته تمام آسان آهي پر شايد تنقيد ڪرڻ وارا اڃا به نه سمجهن. سنڌ جي دوري کانپوءِ تازو ئي ميان نواز شريف چيو ته 10 سال اڳ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ڪونه هئي ۽ نه ئي ڊرون حملا هيا. شايد ميان صاحب کان اهو حملو وسري ويو آهي سندس دور حڪومت 1999۾ رائيونڊ ويندي ان جي مٿا به حملو ٿيوهيو جنهن ۾ هڪ پل پڻ تباهه ٿي. ريمنڊ ڊيوس تي بحث ڪرڻ جو ٽاڪس ميان صاحب چوڌري نثار جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ريمنڊ ڊيوس جي جي ڳالهه تي تنقيد ڪندڙ ن ليگ جي قيادت ايمل ڪانسي جي امريڪا حوالي ڪرڻ جو جواب ڇونه ٿي ڏئي؟. ٻيو 1998 ع ۾ جڏهن ملڪ جو وزير اعظم نواز شريف هيو ۽ بل ڪلنٽن جي حڪومت ۾ امريڪا عربي سمنڊ کان افغانستان ۾ قائم اساما بن لاد جي ڪيمپن تي ڪروز ميزائيل اڇلايا اهي ميزائيل پاڪستان جي فضائي حدن جي پامالي ڪندا پوءِ افغانستان پهچن ٿا. ڇا اها پاڪستان جي سالميت تي حملو نه آهي؟ اهو ئي نه پر انهن حملن تي ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ٿيو ته اڄ ميان صاحب احتساب جو مطالبو ڇو ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن ڊرون حملن جي خلاف ڌرڻا ، احتجاج ۽ گمراهه ڪندڙ بيانبازي ڪري عام عوامي مسئلن کي پوئتي ڌڪڻ جو سلسلو جاري رهيو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو ته هن ملڪ ۾ نه پاڪستان جي سياستدانن جي هلندي نه ئي اسان جي فوج جي ڪا ڳالهه مڃي ويندي. جنهن جو اثر ورهين تائين جاري رهندو: : عمران درويش سومرو



    هي ليک 26 مئي جي هلال پاڪستان ۾ نشر ٿيو
    [​IMG]

    ______________________________________________________________
    ۽ 26 مئي جي عوامي آواز ۾ پڻ نشر ٿيو
    [​IMG]













    .
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    ادا عمران ماشاءَ الله اوهان ميڊيا ۾ رهي لکڻ جو بهترين صلاحيتون ماڻي ورتيون آهن، باقي پاڻ تجزيه ڪار نه آهيون جو ويٺا اوهان جي ليک تي تبصرا ڪريون، مونکي لڳي ٿو اوهان هن ليک ذريعي اسان سادن ماڻهن کي گمراه ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي!!
    زرداري جا هاڻ تمام ٿورا ڏينهن آهن ان ڪري ان جي حمايت بند ڪريو، اسان اهڙن ماڻهن جي شڪل يا نالو به ٻڌڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان عوام کي ڌارين هٿان پيسن ۾ وڪڻن ٿا۔
    ڊرون حملن کي برداشت ڪرڻ جي ته اوهان ڊرامائي انداز ۾ ڳالهه ڪري ويا، پر اهو ڇو نه ٿا ٻڌايو ته هڪ هڪ واقعي جو چاهي اهو وزيرستان ۾ هجي، چاهي داتا درٻار تي هجي، چاهي عبد الله شاه غازي تي هجي چاهي پي ايس مهراڻ تي هجي هڪ هڪ اسان تي وسيل گولي ۽ ميزائيل جا بلاول هائوس کي گهڻا ڏوڪڙ ٿا ملن؟
    ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو بائلا؟
    ڇا اوهان عوام کي ايڏو بي وقوف سمجهيو آهي؟
    ريمنڊ ڊيوس واقعو اوهان اسان کي نه ٻڌايو ها ته ڇا عوام کي خبر نه پئي ها؟
    ادا عمران! اوهان ڀلي پنهنجي پگهار جي نمڪ حلالي ڪريو، پر سهڻا ڀاءُ هاڻ اهي دغا بازيون گهڻو وقت هلڻ واريون نه آهن، اوهان بي بي جي نالي تي گهڻو ڪجهه کائي ورتو، هاڻي بس به ڪريو خدارا غلط کي غلط ته چئو!!!!
    بي بي جي حڪومت آهي، شينهن مرتضي ڪٺو ٿو وڃي!! ڇا ڪيو اوهان جي حڪومت؟
    قاتلن جو ٽولو آهي اوهان جي حڪومت، بدمعاشن ٺڳن ۽ ڦورن لٽيرن جو ٽولو آهي اوهان جي سرڪار، جيڪي به ان ۾ ويٺل آهن اهي اهڙا ماڻهو آهن، پوءِ توهان اسان پارا انهن جي هٿ استعمال ٿا ٿيون۔
    ادا عمران!
    اوهان کي گهڻا پيسا مليا آَهن هن آرٽيڪل لکڻ جا؟؟
    اوهان نواز ليگ تي تنقيد ڪري ڪهڙي نئي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟؟؟
    هڪ واري تواڊي تي هڪ واري ساڊي!!!
    ڊي جي آئي ايس آئي جي پوري ڳالهه ميڊيا اسان کي نه ٻڌائي ته ڀلا اوهان ئي قوم جو ڀلو ڪري ان ڪيمرا سيشن جون ڳالهيون اسان عوام کي ٻڌايو، هاڻ ايئن نه چئجو ته سيڪريٽس آهن، ڇو ته ڪجهه سيڪريٽس ته اوهان اسان سان ونڊيا ضرور آهن، پوءي سڀ ڇو نه؟
    اوهان ليبيا جي حشر کان الله جي پناهه گهري آهي!! ادا مٺا!! قذافي ڀلا ڪير آهي؟
    ڀلا قذافي آمريڪا جو ماڻهو نه آهي ڇا؟
    هو ڪهڙو پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان سچو آهي؟؟؟
    مسلمان ملڪن جا حڪمران مسلمانن جي مٿن تي ڪارا داغ آهن۔
    سهڻا ڀاءُ عوام بي وقوف نه آهي، اهڙن تبصرن تي منهنجو ڪافي قيمتي وقت ۽ علمي ڪم ضايع ٿئي ٿو نه ته اسان به اخبارن ۾ ليکن جي لائن لڳائي سگهون ٿا۔
    ادا عمران!!
    معاف ڪجو، پر هي ڊراما پراڻا آهن اليڪشن ويجهي آهي، قرباني ته ڏيڻي پوندي، پوءِ هن واري پنهنجي حڪومت کي طول ڏيڻ لاءِ وري ڪنهن حاڪم زرداري يا سلمان تاثير جهڙن جي قرباني ڏيڻي پوندي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي۔
    اوهان جو سارو ڊرامو اليڪشن جي حوالي سان رچيل آهي، بلاول هائوس 4 سالن ۾ ملڪ کي صرف تباه ڪيو آهي ته هاڻ اوهان کي ڪير ووٽ ڏيندو؟
    پنجاپي لابي پوري زور شور سان ميدان تي لٿل آهي، پي پي وارا به ٻانهون ڪنجي وري ڪا سنڌ کي پوڙائي حڪومت وڌائڻ جي ڪوشش ۾ آهن۔
    پر ياد رکو!
    الله جي لٺ بي آواز آهي، اهڙي طرح پي پي ڪرندي جو آئينده نسلون چونديون ڪنهن وقت ۾ پاڪستان جي ڪا پيپلز پارٽي به هئي جنهن پنهنجي عوام سان صرف ڌوڪو ڪيو۔
    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا، وقت جي ڪمي جي ڪري۔
    ڪا ڳالهه ڳري لڳي هجي ته معذرت۔
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    ادا عمران ماشاءَ الله اوهان ميڊيا ۾ رهي لکڻ جو بهترين صلاحيتون ماڻي ورتيون آهن، باقي پاڻ تجزيه ڪار نه آهيون جو ويٺا اوهان جي ليک تي تبصرا ڪريون، مونکي لڳي ٿو اوهان هن ليک ذريعي اسان سادن ماڻهن کي گمراه ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي!


    ادا طاهر (تنقيدي) تعريف ڪرڻ جي مهرباني ۔ حالانڪ مان نه ئي هڪ سٺو ليکڪ آهيان ۽ نه ئي سٺو تجزيا نگار پر اوهان جو جواب پڙهيو تمام خوشي محسوس ٿي ته هاڻي اسان به اهڙو لکي سگهون ٿا ته جنهن سان ڪن ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي۔ جيسيتائين ڳالهه آهي سٺي ليکڪ جي ته ماشا الله توهان تمام بهترين تنقيد نگار ثابت ٿي سگهو ٿا۔


    زرداري جا هاڻ تمام ٿورا ڏينهن آهن ان ڪري ان جي حمايت بند ڪريو، اسان اهڙن ماڻهن جي شڪل يا نالو به ٻڌڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان عوام کي ڌارين هٿان پيسن ۾ وڪڻن ٿا۔

    دا ڏيهن ته گهڻن ماڻهن اڳ به ڳڻيا هئا۔ ڪنهن چيو ته ٻه مهينا ڪنهن چيو ته هڪ ميهينو پر سمورا تنقيد نگار اڄ ڪٿان جا ڪٿي وڃي پهتا پر صدر زرداري پنهنجي جا تي آهي۔۔۔ رهي ڳالهه عوام کي وڪڻڻ جي ته شايد اوهان کي اهو شخص ياد نه آهي ته جنهن طالبان جو هڪ ڊيليگيشن امريڪا کي وڪڻي ڏنو ۔ ۽ يقينن اهو خودڪش حملن جو اين او سي پڻ هيو۔ جيڪڏهن اها ڊيل نه ٿئي ها ته اڄ شايد اهي خودڪش حملا نه هجن ها۔۔۔ توهان عوام کي وڪڻڻ وارن جي سڃاڻپ ۾ غلطي ڪئي آهي۔۔



    ڊرون حملن کي برداشت ڪرڻ جي ته اوهان ڊرامائي انداز ۾ ڳالهه ڪري ويا، پر اهو ڇو نه ٿا ٻڌايو ته هڪ هڪ واقعي جو چاهي اهو وزيرستان ۾ هجي، چاهي داتا درٻار تي هجي، چاهي عبد الله شاه غازي تي هجي چاهي پي ايس مهراڻ تي هجي هڪ هڪ اسان تي وسيل گولي ۽ ميزائيل جا بلاول هائوس کي گهڻا ڏوڪڙ ٿا ملن؟

    ادا جيڪڏهن اوهان سمجهيو ٿا ته اهي خودڪش حملا امريڪا ڪري رهي آهي ته پوءِ شايد اوهان وڏي غلط فهمي ۾ آهيو يا ته رات جو ٽاڪ شوز ڏسي پنهنجو سياسي مائينڊسيٽ تيار ڪندا آهيو...
    ڊرون حملا ڊرامو نه پر هڪ حقيقت آهن. ڇا ڊرون حملو ڪراچيءَ ۾ ٿئي ٿو؟؟ يا وري ٿر۾ ؟ يا وري ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾؟
    جيڪڏهن ان جو جواب نه آهي ته پوءِ ان جي وجه به سامهون آڻڻ گهرجي. جن علائقن ۾ ڊرون حملا ٿين ٿا اتان جي ماڻهن ۽ هتان جي ماڻهن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.. ڪجهه فرق هيٺ ڏجن ٿا؛
    هتان جا هاري پنهنجي خون پسيني سان زمينن مان اناج ۽ فصلون اڳائن ٿا..
    اتان جا ماڻهون ڏوڏي ۽ ٻيون نشيدار شيون پوکي زمين جي توحين ڪن ٿا. ڇا ان ۾ فرق نه آهي.
    هتان جي مدرسن ۾ ٻارن کي قرآن حفظ ڪرايو وڃي ٿو ، نماز سيکاري وڃي ٿي.
    پر افسوس ته اتان جي مدرسن ۾ ٻارن کي گوليون، گرنيڊ ۽ جنت جي لالچ ۾ ٻارن کي خودڪش بمبار بڻايو وڃي ٿو.
    جيڪي ٻار وزيرستان ۾ هجي، چاهي داتا درٻار تي هجي، چاهي عبد الله شاه غازي تي هجي چاهي مهراڻ بيس هر جاءِ تي اماڻي جيڪي انساني جانيون ضايع ڪرن ٿا ڇا انهن تي ڊرون نه ڪيرائجن. الله تعالي فرمائي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهون هڪڙي انسان جو قتل ڪيو ان پوري انسانيت جو قتل ڪيو. ڇا انسانيت جو قتل ڪندڙ ماڻهون جيئڻ جا حقدار آهن؟؟ شايد نه.!!


    ڇا اوهان عوام کي ايڏو بي وقوف سمجهيو آهي؟
    ريمنڊ ڊيوس واقعو اوهان اسان کي نه ٻڌايو ها ته ڇا عوام کي خبر نه پئي ها؟
    ادا عمران! اوهان ڀلي پنهنجي پگهار جي نمڪ حلالي ڪريو، پر سهڻا ڀاءُ هاڻ اهي دغا بازيون گهڻو وقت هلڻ واريون نه آهن، اوهان بي بي جي نالي تي گهڻو ڪجهه کائي ورتو، هاڻي بس به ڪريو خدارا غلط کي غلط ته چئو!!!!
    بي بي جي حڪومت آهي، شينهن مرتضي ڪٺو ٿو وڃي!! ڇا ڪيو اوهان جي حڪومت؟
    قاتلن جو ٽولو آهي اوهان جي حڪومت، بدمعاشن ٺڳن ۽ ڦورن لٽيرن جو ٽولو آهي اوهان جي سرڪار، جيڪي به ان ۾ ويٺل آهن اهي [quote/]اهڙا ماڻهو آهن، پوءِ توهان اسان پارا انهن جي هٿ استعمال ٿا ٿيون۔

    ادا طاهر هن جملي تي توهان جي تنقيد کي سلام آهي. ڪوشش ڪريو ته اڃان ذاتيات تي ٿورو وڌيڪ لکو ڇوته هن حڪومت ۾ ٽي وي چئنلز تي اهڙا اينڪرز گهربل آهن.
    اوهان چيو ته بي بي جي نالي تي گهڻو ڪجهه کائو ورتو هاڻي بس ڪريو!!
    ڇا اوهان حڪومت جي تبديلي چاهيو ٿا؟؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ 2013 جي اليڪشن ڪو انتظار ڪريو گهڻن ماڻهن ڊيڊ لائنون ۽ هيڊ لائينو ڏنيون پر کين شارٽ ڪٽ هٿ نه آيو.

    جيڪڏهن هن حڪومت ۾ ويٺل ماڻهون ٺڳ آهن ڦورن جو ٽولو آهن ته پوءِ اسان هر دفعي اهڙن ٺڳن ۽ ڦورن کي ووٽ ڏينداسين جيڪي غريب عورتن کي مفت زمينون ورهائي ڏين. اهن ڦورن کي اڳي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين جن ماضي ۾ خرچو نه هئڻ جي بنياد تي اڳي وڌي نه سگهيا هجن انهن نوجوانن کي هڪ ته مفت ٽيڪنيڪل ، ڪمپيوٽر ۽ هنر جا ڪورس ڪرايا نه صرف مفت ڪورس پر سکيا سان گڏ و گڏ ٽن انهن کي هر ٽريننگ دوران هر مهيني پگهار پڻ ڏني..

    اوهان جي قاتلن جي ٽولي هجڻ جي الزام کي به مان ذاتياتي تنقيد جو درجو ڏيندس.


    ادا عمران!
    اوهان کي گهڻا پيسا مليا آَهن هن آرٽيڪل لکڻ جا؟


    اوهانجي هن جملي تي سمجه ۾ نه ٿو اچي ته زور ڏئي کلان يا اوهان کان اهو سوال ڪريان ته اوهان کي مونتي تنقيد ڪرڻ جا گهڻا پئسا مليا آهن؟؟؟



    اوهان نواز ليگ تي تنقيد ڪري ڪهڙي نئي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟؟؟
    هڪ واري تواڊي تي هڪ واري ساڊي!!!

    ادا هاڻي ايئن چئجي ته اوهان کي ن ليگ تي تنقيد پسند نه آهي ۽ صدر صاحب تي تنقيد توهان جي ثوابديد آهي ؟؟ ته پوءِ تنقيد جيڪا صدر سنڌي هجڻ جي بنياد تي برداشت ڪئي آهي شايد دنيا جي ڪنهن صدر برداشت ڪئي هجي.

    ڊي جي آئي ايس آئي جي پوري ڳالهه ميڊيا اسان کي نه ٻڌائي ته ڀلا اوهان ئي قوم جو ڀلو ڪري ان ڪيمرا سيشن جون ڳالهيون اسان عوام کي ٻڌايو، هاڻ ايئن نه چئجو ته سيڪريٽس آهن، ڇو ته ڪجهه سيڪريٽس ته اوهان اسان سان ونڊيا ضرور آهن، پوءي سڀ ڇو نه?

    مطلب ته ميڊيا جيڪو عوام کي گمراه ڪري ٿو جنهن جي وجه سان ڪيتران نقصان ٿين ٿا. ان گمراهيءَ کي اوهان (ڀلا) جي هڪڙي لفظ ۾ لڪائي ڇڏيو. مطلب ته اوهان شين کي اهميت ڏيڻ ۾ به غطلي ڪئي آهي. جيڪڌهن انهن سيڪريٽس مان اوهان کي ڪجهه ملندو يا خودڪوش حملا بند ٿي ويندا ته پوءِ آئو اهي ڄاڻي اوهان کي پيش ڪندس..

    اوهان ليبيا جي حشر کان الله جي پناهه گهري آهي!! ادا مٺا!! قذافي ڀلا ڪير آهي؟
    ڀلا قذافي آمريڪا جو ماڻهو نه آهي ڇا؟
    هو ڪهڙو پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان سچو آهي؟؟؟

    ادا جيسيتائين ليبيا جي ڳالهه آهي ته مان اڄ به الله کان پناه گهران ٿو. پر جيڪڏهن اوهان قذافيءَ کي امريڪا جو ماڻهون سمجهيو ٿا ۽ پنهنجي عوام سان سچو نه ٿا سمجهو ته پوءِ ان ڳالهه تي به نظر رکو ته امريڪا جا حملا ڇو شروع ٿيا؟؟ مختصر ڪندي ايئين چئجي ته اتي به ڪجهه شر پسند ماڻهن عوام کي گمراهه ڪري مظاهرن جو رستو ڏيکاريو. ۽ اتان جا مظاهرين هٿن ۾ بيرنز ۽ پلي ڪارڊ نه پر راڪيٽ لانچر کڻي دفاعي ادارن کي تباهه ڪرڻ نڪتا هئا.. انهن مظاهرين ۽ ليبيا جي فوج وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون ۽ هڪ جنگ جهڙو ماحول پيدا ٿيو. جنهن سبب امريڪا سميت ٻين ملڪن ان فساد کي روڪڻ جي لاءِ حملو ڪيو. جيڪو عام ماڻهن تي نه آهي..

    ادا عمران!!
    معاف ڪجو، پر هي ڊراما پراڻا آهن اليڪشن ويجهي آهي، قرباني ته ڏيڻي پوندي، پوءِ هن واري پنهنجي حڪومت کي طول ڏيڻ لاءِ وري ڪنهن حاڪم زرداري يا سلمان تاثير جهڙن جي قرباني ڏيڻي پوندي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. اوهان جو سارو ڊرامو اليڪشن جي حوالي سان رچيل آهي، بلاول هائوس 4 سالن ۾ ملڪ کي صرف تباه ڪيو آهي ته هاڻ اوهان کي ڪير ووٽ ڏيندو؟


    ادا مونکي لڳي ٿو ته اليڪشن جو انتظار حڪومت کان وڌيڪ اوهانکي آهي.
    جيڪڏهن اوهان هڪ قتل کي ۽ الله جي طرفان طئي ٿيل طبي موت کي اقتدار حڪومت يا موجو ده حڪمرانن جي لاءِ ڪو سياسي طول سمجهيو ٿا ته پوءِ شايد اوهان وٽ ڪنهن ماڻهونءَ جو وجود به ڪنهن خاص مقصد برابر هوندو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مقصد ختم ٿيڻ کانپوءِ اوهان ان شخصيت کي ڇا ڪندا آهيو؟؟


    پنجاپي لابي پوري زور شور سان ميدان تي لٿل آهي، پي پي وارا به ٻانهون ڪنجي وري ڪا سنڌ کي پوڙائي حڪومت وڌائڻ جي ڪوشش ۾ آهن۔
    پر ياد رکو!
    الله جي لٺ بي آواز آهي، اهڙي طرح پي پي ڪرندي جو آئينده نسلون چونديون ڪنهن وقت ۾ پاڪستان جي ڪا پيپلز پارٽي به هئي جنهن پنهنجي عوام سان صرف ڌوڪو ڪيو۔
    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا، وقت جي ڪمي جي ڪري۔
    ڪا ڳالهه ڳري لڳي هجي ته معذرت۔

    هاڻي هڪ ڳالهه ته واضع ٿي ويئي ته اوهان جا اختلاف پيپلز پارٽيءَ سان آهن نه ڪي حڪومت جي پرفارمنس سان.. وڌيڪ اليڪش ٿيڻ ڏيو اوهان پنهنجي پسند جي ماڻهن کي نوازجو پوءِ نتيجو پڌرو ٿيندو..
    اوهان جي اها ڳالهه هڪ دفعو وري کلائي وڌو ته ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو.....








    .
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    بهتيرن تنقيد ۽ تنقيد سان ادي درويش جو دل سان قبول ڪري جواب ڏيڻ سٺو لڳو۔ اسان جو هن حڪومتن سان ڇا وڇي هي ته اسان جي مٿان چاهيندي يا نه چاهنيندي به مسط آهن ۽ مسلط رهڻا آهن جمهوريت اتي هوندي آهي جتي جو عوام ذهني آزادي رکندو هجي گو ڪه اسان جمهوريت جي به خلاف آهيون ڇو جو جمهوريت ۾ ايلڪشن آهي سليڪشن ناهي خير هي موضوع ته ٻيو آهي پر مون عرض ٿي ڪيو ته هي قوم روزِ ازل کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي اسان جا حڪمران اسان جي مٿان مسلط انلاءِ آهن جو اسان اهڙا آهيون ۔
    هن وقت تائين ڪو حڪمرا به اهڙو ناهي آيو نه ئي جنهن هن قوم کي پنهنجو سمجهيو هجي بس سڀني هن قوم کي ڪمائڻ جو بهترين زريعو سمجهيو آهي ۽ ڪمائي ڪنٿا پيا ۔
    وسلام
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    تازو صدر زرداري جو مون ڏانهن موبائل ميسيج آيو آهي جنهن ۾ فرمائن ٿا ته:


    جنهن به ڀاءُ وطن ڪارڊ جا 20000 ورتا آهن سي واپس ڪن مان بابا جي خيرات ڪندس ۔
    پاڪستان کپي
    جيئي ڀٽو


    يار هن کي رڳو منهنجو وطن ڪارڊ ئي نظر آيو ڇا جو هن مون ڏانهن ايس ايم ايس ڪيو؟ يا ٻئي ڪنهن ڀاءُ ڏانهن به ساڳيو ميسيج موڪليو اٿئين ته پوءِ ٻڌاريو ادا۔۔
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    ادي عمران جو جو جواب ڏاڍو خوبصورت لڳو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تنقيد براء اصلاح هجڻ گهرجي ادا عمران توهان جو ليک مستقبل جي هڪ سٺي ليکڪ جي عڪاسي ڪري رهيو آهي ۔۔۔۔۔ رهي ڳالهه زرداريء جي ته بخاريء جي بقول دل سان نه سهي دوکو ئي سهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حڪومت جي پاليسن ء ڪمن کي ڏسي مان خود به زرداري صاحب جي سخت مخالف ڪندو آهيان۔۔۔۔۔ جتي مان ڪم ڪيان ٿو اتي 99 اردو اسپيڪنگ آهن اهي جڏهن زرداري جي مخالف ڪند آهن ته ان محل مان زرداريء جو حامي ٿي ويندو آهيان ۔۔۔ پوء آخر اهو چئي انهن جو وات بند ڪندو آهيان ته ايڪ زرداري سب پي ڀاري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔خبر نه آهي ڇو شايد اهو جذبو سنڌ ء سنڌيت جي ڪري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ڪنهن سنڌيء کي صدر يا وزير اعظم طور پنجاب ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي۔۔۔۔ ڇو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    يار عرس ان ڳالهه کي ڇڏ، هو ۔۔۔ هو ۔۔۔۔ ڳالهه ڪر جيڪا سوير تون مون سان موبائل تي پنهنجي وطن ڪارڊ واري ڪئي هئي، يار ٻيلي مهرباني ڪري هت به ونڊ ڪر، او ۔۔۔ هو۔۔۔ 6 مهينن کان وطن ڪارڊ واري،،، هههههههههه
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    اسين سنڌي ان چوڻيءَ تي بلڪل سهي طرح سان پورا لهون ٿا ۔۔۔” انڌي ڀونڊي ۾ خوش“ ۔۔۔ اسانجا سنڌي پ پ پ جي جهوليءَ ۾ ڪريل يا مسلم ليگ جي جهوليءَ ۾ ۔۔۔ ۽ باقي بچيل فوج جا ڇاڙتا ۔۔۔۔

    يا ته اسين پاڪستان کي سهي سمجهي نه سگهيا آهيون يا وري سمجهندي به ٻليءَ جيئان اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ۔۔۔ پاڪستان ڪيئن ٺاهيو ويو آهي، ڪيئن هلايو ويو آهي ۽ انکي ڪيئن هلايو پيو وڃي، دنيا جو هر هڪ انڌو به ان ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو ۔۔۔ پر افسوس نه سمجهڻ جو ٺيڪو اسان سنڌين ئي شايد کنيو آهي ۔۔۔

    اسين هميشه هڪ چور کان پاسيرا ٿي ٻي ڌاڙيل جي ڪلهي تي وڃي هٿ رکندا آهيون ۔۔۔ پر الائجي ڪيستائين اها روش رهندي ۔۔؟

    پاڪستان جي ان ٽه مورتيءَ جي عملن سان عوامي حالت ٻرندڙ آتشفشان تي اچي بيٺي آهي پر پوءِ به اسين آهيون جو اکيون بند ڪري پيا هلون، سمجهڻ جي ڪا ڪوشش ناهي؟

    پاڪستان جي الائجي ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا انگريز سامراج جي آشرواد سان نه آئي آهي؟ چاهي فوجي هجي يا نام نهاد جمهوري ۔۔۔ سڀ جا سڀ هڪ ئي سڪي جا ٻه روپ آهن ۔۔۔ پوءِ اسين الائي ڪنهن کان ڀلائيءَ جي اميد ٿا ڪريون؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي؟

    جيڪي وفا سکيا ئي ناهن انهن کان وفا جون اميدون، جن ڪڏهن عوامي ڳالهه ڪئي ئي ناهي انهن کان عوامي ڀلائيءَ جون اميدون ڪرڻ ۔۔۔ حيرت آهي !!!!

    سهڻا دوستو، هاٿي جا ڏند آهن، مونکي ۽ اوهانکي ٻاهريان نظر اچن ٿا اندريان شايد نه!

    سنڌ ته لوڙي پئي ۽ لوڙيندي رهندي، انجو سبب اهو ناهي ته دشمن مضبوط آهي پر ان جو سبب اهو آهي ته اسين ڀاڙ جا تنمبا آهيون ۽ اسين ئي سنڌ جا غدار آهيون ۔۔۔!!!

    خئير اميدن جا ڏيئا روشن آهن ۔۔۔ مايوسي ڪفر آهي ۔۔۔ رب ڪا سڻائي ڪري باقي سنڌين جا حال ”ڍڳو پير پيران“

    رب العالمين سنڌ جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    ادي ڏاڏل ڇا نه خوب چيو آهي:

    ڪٿان ٻوٽيون مليون ته ڪٿا انساني هڏا



    اغيار سان ياري جا مليا آهي هي جي تحفا
    ڪٿان ٻوٽيون مليون ته ڪٿا انساني هڏا

    دشمن ڪڏهن گهرندو امن ۽ آشتي هتي
    بي سڪوني ڏانهن جي موڙي چڪو رستا

    ظلم جي لکجي ٿي پئي هر روز نئين داستان
    ماڻهون مارائي ڊالرن ۾ کيڏن ٿا هي جي بادشا

    خود مختاري تي ناهي ڪرڻي ڪا سودي بازي
    رحمان ملڪ جملا چوند ي لڳو بي شرم صفا

    ڏاڏل هر طرف هي جو ڏچو ۽ ڏول آهي
    لڳي ٿو هاڻي هي حالات ڪڏهن نه گهٽبا


    http://www.sindhsalamat.com/showthr...†-مليو-Ù†-ته-ڪٿا-انساني-هڏا
     
  10. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    سائين اسان سنڌي به ڪيڏا عجيب آهيون جو پاڪستان کي سمجهي نه سگهيا آهيون ۽ سنڌ جي آزاديءَ جا خواب ٿا لهون.. شايد اها غلطي ڪشميرين به پڻ ڪئي آهي. جيڪي نه پاڪستان کي ٿا سمجهن ۽ نه ئي هندستان کي ان لاءِ حقن جي جنگ ۾ ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن پر هميشه لٽڪيل وچ تي هوندا آهن. ڇوته اهي حقيقت کان منهن لڪائن ٿا. منهنجي نالائق ذهن جي سوچ مطابق جيڪڏهن ڪشمير به پهريان ڪنهن هڪ ملڪ جي حقيقت کي تسليم ڪري ته پوءِ سندس آزادي اڻٽر آهي.. ڪشميرين جو وچ تي لٽڪيل هجڻ اسانجي لاءِ هڪ مثال آهي. ته انه اسان سنڌ کي صحيح سمجهيو آهي ۽ نه ئي اسان پاڪستان. ڀلا اسان سنڌ جي انهن نام نحاد قومپرستن جي پٺيان ڪيئين لڳون جيڪي سنڌ جي حقيقي دشمنن کي آجو قرار ڏيندي سمورو الزام امريڪا ۽ مهاجرن تي پيا وجهن. پر افسوس جن ماڻهن سنڌ سان قانون جي نائن تي ناجائزيون ڪيون اهي ماڻهون ۽ نام نهاد قومپرست اڄ هڪ کٽ تي ويـٺل نظر اچي رهيا آهن. انهن نام نهاد قوم پرستن جون ماضيءَ جو تقريرون ٻڌي ۽ اڄ انهن ماڻهن جي بغل ۾ ويٺي ڏسون ٿا ته ٻڌايو ڇا ڪريون؟؟ سانڊي جيان رنگ تبيل ڪندڙ نام نهاد قومپرست جي پٺيان لڳاسون ته پوءِ اوهان جي ڳالهه ته هڪ چور کان پاسيرا ٿي ٻئي ڌاڙيل جي ڪلهي تي وڃي ڪرنداسون.. ڇا ان کانپوءِ اسان جا حالات تبديل ٿي ويندا؟؟؟؟
     
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    بلڪل سائين مان اوهان جي ڳالهه سان متفق آهيان ته تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ڪنهن سنڌيء کي صدر يا وزير اعظم طور پنجاب ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي۔۔ مٿان وري اهڙا حالات پيدا ڪيا ويا آهن ته پنهنجا سنڌي ئي مخالفت ڪرڻ لڳن سو اسين به انهن جي چال ۾ اچي نفرتي تنقيد جو مينهن وسائي ڇڏيون ٿا۔۔۔
    جواب تي ادا جي مهرباني۔۔
    سدائين گڏ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!


    سائين اول ته هي ملڪ ٺهيو ئي تجربا ڪرڻ جي لاءِ آهي !!! شايد۔
    هن وقت تائين ڪو حڪمرا به اهڙو ناهي آيو نه ئي جنهن هن قوم کي پنهنجو سمجهيو هجي بس سڀني هن قوم کي ڪمائڻ جو بهترين زريعو سمجهيو آهي ۽ ڪمائي ڪنٿا پيا ۔ ڪمائن سڀ پر جي سنڌي اچن ته اک ۾ ڪنڊو۔۔
    پسند ڪرڻ جي مهرباني،،






    ۔
     
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    ادا عمران درويش سومرو اوهان جو مضمون پڙهيم ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان جي فورم جا دوست الحمدلله هر ميدان ۾ اڳڀرا ٿيندا پيا وڃن ، ڪي شاعري جي ميدان ۾ ته ڪي وري ادب ۾ ، ڪي تحقيق ۾ ته ڪي وري تنقيد ۾ ، ڪي ڪمپيوٽر آئي ٽي ۾ ته ڪي وري سياست ۾ مطلب ته هر ڪو پنهنجي ميدان جو شينهن آهي ۔ اهڙي طرح اوهان پاڻ پنهنجي هنر ۾ ماشاءالله تمام سٺي نموني ڪم پيا ڪيو ، ادي طاهر جي تحرير به سٺي هئي پر ڪجه تنقيد جي مزاج تان هٽي پيو وڃي ۔

    جيتري قدر دوستن جي تحريرن ۽ اوهان جي ليک مان مون سمجهيو ته ڳالھ اوهان جي هڪ حقيقت کي وٺي سهي سمت ڏانهن وٺي وڃن جو سعيو پيا ڪريو پر اوهان جنهن جي پٺ ۾ رهي ڪري مضمون لکيو آهي سا هن جو ڪريڪٽر داغدار آهي ۔ جي ادا جيڪر اوهان پي پي پي جي آڙ نه وٺو ها ته اوهان جو مضمون سوني تي سهاڳو ۽ هڪ حقيقت جي ترجماني هئي ۔ باقي ادي طاهر مضمون کي سڄي جو سڄو پي پي پي جي نمائندگي سمجهي اڇي ڪاري جي فرق ڪرڻ بنا رڳو تنقيد جا تير پئي وسايا ۔
    دوستن به سنڌ جي ڳالھ ڪري الائجي ڇو هٽ ٺوڪي تاريخ ٺاهڻ وارن ۽ هن جي نمائندگي ڪري ڪهڙا ٿا مقاصد حاصل ڪرڻ چاهن سو ڳالھ سمجه کان چڙهيل آهي ” بي پوزيٽيو“ ٿيڻ بجائي رڳو جذباتي ڳالهيون ڪرڻ ۽ جوش و جنون ۾ اچي ڪري حقيقتن کي غلط لبادو پارائي پوءِ عوام مان اميد ٿا رکن ته اهي هنن جو ساٿ ڏيندا ، مان شايد موضوع کان هٽي ويو آهيان جيڪر دوستن جي دل آزاري جو خوف نه هجي ها ته شايد گهڻو ڪجه لکي پيو سگهجي پر هٿ ادب جا ٻڌي پنهنجي تحرير هتي ختم ٿو ڪريان ۽ دوستن جي دل آزاري ٿي ته هن لاءِ اڳواٽ معافي ٿو وٺان ۔ والسلام عليڪم
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!

    ادا ڏاڏل روز ازل کان سنڌين جي غلامي جي اوهان جي ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نه آئي۔
    خير۔۔ مون ته پنهنجن وڏڙن ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پڙهيو آهي ته سنڌ هميشه کان آزاد وطن رهي آهي، جيڪو اوهان به سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن تاريخ السند والهند، فتح السند، رجال السند والهند عربي ۽ سنڌ جي تاريخ تي مشتمل سنڌي ڪتابن ۾ ملاحظه ڪري سگهو ٿا۔
    سنڌ سان ڪشمير سان ڪهڙي قسم جا ناتا هئا؟ چين سان ڪهڙا انٽرنيشنل تعلقات هئا، هي ڪم ته گهڻو بعد جو آهي جيڪو اوهان غلامي واري ڳالهه ڪيو ٿا سو سائين سنڌ ازل کان غلام هرگز نه رهي آهي۔
    مرحوم سائين نبي بخش بلوچ صاحب جن فتح السند عربي وارو منهنجي حوالي ڪيو هو ته بابا هن جي عربي ۾ ڪمپوزنگ ڪريو ٻيهر ڇپرائڻو آهي، الحمد لله مون اهو سارو ڪمپوز ڪري والد صاحب جن جي حوالي ڪيو آهي جو سائين بلوچ صاحب جن وڌيڪ ڪم ڪرڻ انهن جي ذمي لڳايو هو۔
    سو چوڻ جو مقصد هي آهي ته مون ان ڪتاب ۾ سنڌ کي هڪ مڪمل آزاد وطن جي حيثيت سان ڏٺو آهي۔
    جنهن جون پنهنجون سرحدون ڪشمير سان لڳن ٿيون، هڪ پاسي چين سان، ٽين پاسي سمونڊ سان ۽ چوٿين پاسي ايران جو ڪافي حصو ان ۾ شامل آهي۔
    پاڪستان ته ٺهيو ئي غلامي جي سائي ۾ آهي، ان جي ته اسان ڪابه انڪار نه ٿا ڪريون۔
    روزنامه امت 18 مئي 2009 ۾ ڏسو ته اسلام آباد ۾ هڪ مشهور ديني جماعت جي علماء جي ڪانفرنس ۾ انهن سر عام قائد اعظم کي ڪافر قرار ڏنو آهي۔
    ان کان علاوه انهن سڀني شين جا اخباري حوالا مون وٽ رڪارڊ رکيل آهي۔
    27 اپريل 1979 ۽ 8 جون 1979 روزنامه جسارت ۾ ڏسو ته مولانا نوراني قائد اعظم تي ڪفر جي فتوي لڳائي پاڪستان جي مخالفت ڪري ٿو۔
    سو سائين جيسيتائين پاڪستان جي روز اول کان غلامي جي ڳالهه آهي سا ته قبول آهي باقي سنڌ ايئن هرگز غلام نه رهي آهي۔
    باقي هي حڪومتون جيڪي اسان تي عذاب بڻجي مسلط آهن ته سهڻا ڀاءُ هي به اسان جي پنهنجين غلطين جي ڪري مسلط آهن۔
    مشهور دعاء آهي مونکي ڪنفرم نه آهي ته آيا اها حديث ۾ آهي يا نه : ولا تسلط علينا بذنوبنا من لا يخافڪ فينا ولا يرحمنا جنهن جو مفهوم آهي ته اي الله اسان جي گناهن جي ڪري اسان تي ظالم حڪمران مسلط نه ڪر۔
    باقي جنهن جمهوريت جي ڳالهه اوهين ڪريو ٿا ته ادا ان لفء جمهوريت جي ڊيفينيشن ڇا آهي؟
    ڇا اهو اسلامي نالو آهي يا ڪفر جو اسان کي ڏنل انعام؟
    حڪومتي سرشتي ۽ نظام ۾ ۽ اسلام ۾ ڇا لفظ جمهوريت آهي؟
    نه، هر گز نه!! هي هنن جي پنهنجي جمهوريت آهي، اسلام ۾ ته لفظ جمهوريت جو آهي ئي نه۔
    اليڪشن ٿيندي آهي سليڪشن نه!!
    سو اها ڪهڙي جمهوريت آهي۔
    يعني عوام جيئن چاهي، عوام جي حڪومت، عوامي حڪومت۔
    ڀلا جي عوام چوي ته ملڪ ۾ عريانيت ۽ فحاشيت عام ڪريو جيئن مغربي ملڪن جو حال آهي ته پوءِ انهن جو چيو وٺجي ڇو ته جمهوريت جي معني ئي اها آهي ته عوامي حڪومت، جڏهن ته اسلام ان شيء جي هرگز اجازت نه ٿو ڏئي، چئبو ته اهو لفظ جمهوريت جتان ادو عمران پنهنجي ڳالهه اسٽارٽ ڪري تو اهو لفظ ئي اسلامي ڊڪشنري ۾ ناهي ته پوءِ اڳتي ڳالهه ڪيئن هلي سگهندي؟
    اوهان فرمايو هن وقت تائين ڪو حڪمرا به اهڙو ناهي آيو نه ئي جنهن هن قوم کي پنهنجو سمجهيو هجي، ادا مٺا شهيد ذوالفقار کان سواءِ چئي سگهو ٿا۔
    اوهان جي آخري ڳالهه سان اتفاق ٿو ڪريان ته بس سڀني هن قوم کي ڪمائڻ جو بهترين زريعو سمجهيو آهي ۽ ڪمائي ڪنٿا پيا ۔
     
  15. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: خودمختياري ۽ امريڪا!


    ادا افتخار اوهان جا لک لائق جو اوهان مون ناچيز جي هن ليک کي پسند ڪيو۔
    ادا آر پي پي جي نه ورتي هئي۔ مون ته حڪومت جي مجبوري کي واضع ڪرڻ ٿي چاهيو۔ اها حڪومت پي پي جي هجي يا ڪنهن ٻئي پارٽي جي۔ ڪا به حڪومت ڊرون حملا روڪي نه ٿي سگهي ۽ جهڙي طرح مون ڊرون حملن جي ڳالهه ڪئي ته ڊرون حملا عام علائقن ۾ نه پر دهشتگردن جي علائقن ۾ ٿيا آهن۔ جن ۾ هٿياربند مارجي ويا آهن۔۔
    ادا طاهر جو جواب ته مون ڏنو آهي۔ بحرالحال اظهار جي آزادي کص قيد نه ٿو ڪري سگهجي هر ماڻهون پنهنجو
    موقف بيان ڪري سگهي ٿو۔۔


    ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو