عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
خودمختياري ۽ امريڪا!
پاڪستان جي سالميت هن وقت ملڪ جي سياستدانن خصوصا مخالف ڌر جي قيادت توڙي ننڍن اڳواڻن جي گفتگو جو موضوع بڻيل آهي. پاڪستان جي سالميت ڇا آهي؟ دنيا جو ڪوبه ملڪ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس قانون سازي ۽ خارجي طوڙي داخلي پاليسيون پاڻ ٺاهڻ جو هڪ رکندو آهي. 1947 کانپوءِ پاڪستان کي به هڪ آزاد ملڪ طور ڄاتو وڃي ٿو. آزاديءَ کانپوءِ هي ملڪ سياسي طوڙي فوجي تجربن جي ور چڙهي ويو. ڪڏهن جمهوري آمريت ته ڪڏهن آمرتي جمهوريت، هن ملڪ کي هر ڌر پنهنجي طور تي هلائڻ ٿي گهريو. شايد هيءَ هن ملڪ جي بدقسمتي آهي يا وري خوشقسمتي ڇوته هتان جو هر سياسي ليڊر يا فوجي سربراه سندس اقتدار جو منتظر هوندو آهي. جيسيتائين حڪمراني هوندي آهي ته هرشيءِ بهتر لڳندي آهي. جيڪڏهن اپوزيشن ته پوءِ دهشتگري جي خلاف ڪاروائي به ملڪي خودمختاريءَ تي حملو لڳندي آهي. پاڪستان ۾ ريمنڊ ڊيوس واري واقعي کانپوءِ سياسي پنڊتن ۽ غير اقتداري سياستدانن کي تنقيد جو هڪ نئون موضوع ملي ويو. هڪ غير ملڪي شهري هجي يا ايجنٽ جيڪڏهن ان جي هٿان ڪنهن ماڻهن جو قتل ٿئي ۽ ميڊيا کي ڪل يا خبر به نه پوي ته اسان جو ملڪ محفوظ ، پر جيڪڏهن ساڳيو واقعو ميڊيا تي اچي ته ملڪي خودمختاري تي حملو ڪيتري نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. ريمنڊ ڊيوس واري واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ هر پاسي لاقانونيت جون واويلائون ٻڌڻ ۾ پئي آيون ان سان گڏو گڏ احتجاجي مظاهرن جو پڻ هڪ نئون سلسلو شروع ٿي چڪو هيو. ڪراچي جي اهم شهراهن جي اسٽريٽ لائيٽ جي ٿنڀن تي امريڪي ايجنٽ ريمنڊ ڊيوس کي ڦاهي ڏيو جي مطالبن تي مشتمل بينرز پڻ لڳايا ويا هئا. پر جڏهن عدالت جو فيصلو ٻڌجڻ ۾ آيو ته سياسي پنڊنتن جو ڌنڌو بند ٿي ويو. ريمنڊ ڊيوس رها ٿي ويو. جنهن جي خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون احتجاج ۽ ڌرڻا ڏسڻ ۾ آيا، پر فيصلو عدالت جو هيو ان ڪري اهو معاملو گهڻي دير هلي نه سگهيو. عدالت جي فيصلي تي احتجاج کان ياد آيو ته نيب جي چيئرمين سيد ديدار حسين شاهه جي برطرفيءَ واري عدالتي حڪم جي خلاف به هڪ احتجاج ٿيو هيو. اهو اهتجاج حڪمران ڌر جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن توڙي وزيرن پاران ڪيو وي. پر عدالت جي هن فيصلي جي خلاف احتجاج کي عدالت پنهنجي توهين سمجهندي پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ۽ سينئر اڳواڻ تاج حيدر کي توهين عدالت جو جوابدار بڻائيندي نوٽيس پڻ ڏنو ويو.هاڻي فرق اتي ئي سامهون آهي ته فيصلن ۾ برابري نه آهي. ملڪي سالميت ڏانهن واپس هلجي ته ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کانپوءِ 2 مئي رات جو 10 وڄي 42 منٽن تي ڪنهن چئنل تي ايبٽ آباد پي ايم اي ڪاڪل روڊ تي پاڪ فوج جوهيليڪاپٽر ڪري تباه ٿيڻ جي بريڪنگ نيوز هلي ٿي. پر جڏهن صبح 7 بجي دنيا جو سپر پاور سڏجندڙ ملڪ يعني امريڪا جو صدر هڪ پريس ڪانفرنس ڪري سڄي دنيا ۾تهلڪو مچائي ڇڏي ٿو ته ڇاڪاڻ ته اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگرد اساما بن لادن کي پاڪستان ۾ مارڻ جو اعلان ڪري ٿو. بس پوءِ ڇا سياسي پنڊتن ۽ غير اقتداري سياستدانن جو ميدان هڪ دفعو ٻيهر گرم ٿي وڃي ٿو. هر پاسي کان ملڪ ۾ امريڪا جي مداخلت خلاف لُڙُ ٻڌڻ ۾ آيو. پر هن واقعي کانپوءِ هڪ ناقابل فراموش ڳالهه اها ٿي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت توڙي اپوزيشن، سڀ هڪ هنڌ ويهڻ جي لاءِ راضي ٿيا. ۽ پارليمنٽ جو هڪ ان ڪيمرا جوائنٽ سيشن ٿيو. جنهن ۾ هڪ ٻئي ناقابل فراموش ڳالهه اهابه ٿي ته ڊي جي آئي ايس آئي پنهنجا ڏوهه مڃيندي انٽيليجنس فيليئر ايڊمٽ ڪيو.۽ هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي ته جنهن جي اڌ حصي کا ٽي وي چئنلز سندن بريڪنگ نيوز ۽ اخبارن هيڊنگ ٺاهي. ان ڳالهه جو اڌ حصو اهو هيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان کي حڪم ڪري ته اسان ڊرون جهاز ڪيرائي سگهون ٿا. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر يعني نواز ليگ هر گذريل ڏينهن کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت خلاف روايتي راڳ ڳائي رهيا هئا. ته هاڻي ڳوٽ حڪومت جي هٿ ۾ آهي ته هو ڊرون حملا روڪي سگهن ٿا. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جي ڪڏهن هڪ بند ڪمري ۾ اجلاس ٿئي ٿو ته ان ميٽنگ يا اجلاس جو ڳالهيون ٻاهر ڇو ٿيون اچن، جيڪڏهن اهڙا ڪي با خبر ذريعا آهن به صحيح ته پوري ڳالهه ظاهر ٿيڻ تائين انکي باقائدي نشر نه ڪيو وڃي ها. ميڊيا جي ڪنهن ذريعن ان ڳالهه جي ٻئي حصي کي واضع ڪيو ته ان ميٽنگ ۾ اهواظهار ٿيو هيو ته جيڪڏهن حڪومت اجازت ڏئي ته اسان ڊرون حملن کي ڪيرائڻ جي صلاحيت رکون ٿا. پر ان کانپوءِ هي ملڪ باقائدي حالت جنگ ۾ هوندو. هاڻي جيڪڏهن حڪومت هڪ ڊرون ڪيرائڻ جي اجازت ڏئي ۽ ڊرون جهاز ڪيرايو وڃي ته ان جو نتيجو ڇا ٿيندو؟ ڇا امريڪا ڊڄي حملا بند ڪندي؟ جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته پوءَ شايد اهو هن دنيا ۾ حال ۾ ٿيندڙ واقعن کان واقف نه آهي. جنهن ملڪ ۾ جي ايڇ ڪيو جهڙي حساس ادارن اندر دهشتگرد گهڙي ڪاروائي ڪري سگهن ٿا، ڪراچيءَ جي مصروف ترين علائقي ۾ واقع مهراڻ بيس تي جيڪڏهن منظم طور تي ڪاروائي ڪريي اربين روپين جو نقصان ڪري سگهن ٿا ته پوءِ اهي اسان جي ايٽمي طاقتن تائين پهچڻ جي صلاحيت به رکي سگهندا هوندا شايد!! هاڻي موجو دو حالتن جي نظر جيڪڏهن هڪ ڊرون جهاز ڪيرايو وڃي ته ان کانپوءِ اسان کي هن ملڪ ۾ جنگ جو منظر ٺهندي ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ڇو ته ڊرون جهاز ڪرڻ سائين امريڪا سلامتي ڪائونسل ۽ يونائيٽڊ نيشن ۾ اها قرارداد آڻي پاڪستان تي باقائدي حملن جي اجازت ماڻي سگهي ٿي. جيڪڏهن پاڪستان تي باقائدي حملن جي قرارداد منظور ٿئي ته پوءِ ملڪي سالميت جا راڳ آلاپيندڙن جي احتجاجن جو ڇا ٿيندو؟ شايد ليبيا جي مظاهرن جهڙو حشر ٿيندو!! الله نه ڪري جيڪڏهن ان جنگ جي شروعات ته پاڪستان وٽ ڪهڙا جهاز آهن يا ڪهڙي ٽيڪنالاجي آهي جيڪا امريڪا جي ٽيڪنالاجيءَ کي مات ڏئي. پوءِ شايد ڳالهه صرف امريڪا تائين محدود نه رهندي امريڪا جا اتحادي ٻيا ملڪ به حملن جي حمايت ڪندي گڏجي پوندا. ڇا اهو منظور آهي يا دهشتگردن جا ڊرون حملا؟ فيصلو ڪرڻ ڪنهن به عام ذهن رکندڙ جي لاءِ ته تمام آسان آهي پر شايد تنقيد ڪرڻ وارا اڃا به نه سمجهن. سنڌ جي دوري کانپوءِ تازو ئي ميان نواز شريف چيو ته 10 سال اڳ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ڪونه هئي ۽ نه ئي ڊرون حملا هيا. شايد ميان صاحب کان اهو حملو وسري ويو آهي سندس دور حڪومت 1999۾ رائيونڊ ويندي ان جي مٿا به حملو ٿيوهيو جنهن ۾ هڪ پل پڻ تباهه ٿي. ريمنڊ ڊيوس تي بحث ڪرڻ جو ٽاڪس ميان صاحب چوڌري نثار جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ريمنڊ ڊيوس جي جي ڳالهه تي تنقيد ڪندڙ ن ليگ جي قيادت ايمل ڪانسي جي امريڪا حوالي ڪرڻ جو جواب ڇونه ٿي ڏئي؟. ٻيو 1998 ع ۾ جڏهن ملڪ جو وزير اعظم نواز شريف هيو ۽ بل ڪلنٽن جي حڪومت ۾ امريڪا عربي سمنڊ کان افغانستان ۾ قائم اساما بن لاد جي ڪيمپن تي ڪروز ميزائيل اڇلايا اهي ميزائيل پاڪستان جي فضائي حدن جي پامالي ڪندا پوءِ افغانستان پهچن ٿا. ڇا اها پاڪستان جي سالميت تي حملو نه آهي؟ اهو ئي نه پر انهن حملن تي ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ٿيو ته اڄ ميان صاحب احتساب جو مطالبو ڇو ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن ڊرون حملن جي خلاف ڌرڻا ، احتجاج ۽ گمراهه ڪندڙ بيانبازي ڪري عام عوامي مسئلن کي پوئتي ڌڪڻ جو سلسلو جاري رهيو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو ته هن ملڪ ۾ نه پاڪستان جي سياستدانن جي هلندي نه ئي اسان جي فوج جي ڪا ڳالهه مڃي ويندي. جنهن جو اثر ورهين تائين جاري رهندو: : عمران درويش سومرو
هي ليک 26 مئي جي هلال پاڪستان ۾ نشر ٿيو
______________________________________________________________
۽ 26 مئي جي عوامي آواز ۾ پڻ نشر ٿيو
.