
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته فليش ڊرائيو ۾ مختلف ڪمپيوٽرز گهمڻ ڪري وائرس جو اصل آکيرو بڻجي ويندو آهي۔۔۔۔ فليش ڊرائيو ذريعي مختلف قسمن جا وائرس نه صرف توهان جي ڪمپيوٽر جي ونڊوز کي وچڙندا آهن پر ٻين ڪيترن ئي ڪمپيوٽرز ۾ پڻ شامل ٿي ونڊوز کي ڪمزور يا ڪرپٽ ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔۔
اهڙن وائرسن ۾ هڪ عام وائرس اهڙو به هوندو آهي جيڪو Autorun.inf نالي هڪ فائيل به ٺاهي ڇڏيندو آهي جنهن سان ڪمپيوٽرز جو ڊرائيوز سڌو سئون کلڻ جو اصل نالو ئي نه کڻنديون آهي۔۔۔۔ توهان کي گهرجي ته پنهني فليش ڊرائيو کي اهڙن وائرسز کان بچائڻ لاءِ هيٺين مفت سافٽويئرن کي پنهنجي USB يا فليش ڊرائيو ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
USB Firewall

جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته هي هڪ قسم جو فائر وال آهي جيڪو فليش ڊرائيو ۾ ايندڙ وائرسز کي بلاڪ ڪندو آهي۔۔۔ ان کانسواءِ هن جي اضافي خوبي اها آهي ته هي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيوز کي Autorun.inf جهڙن وائرسن کان پاڪ ۽ صاف رکندو آهي۔۔۔۔
Auto Run Protector

هڪ ننڍڙو ٽول جيڪو ٻن طريقن سان ڪم ڪندو آهي.... هڪ ته هي سافٽويئر آٽورن وارين فائيلز کان توهان جي ڪمپيوٽر جي پروٽيڪشن ڪندو آهي ۽ ٻيو ته توهان جي يو ايس بي ڊرائيو (فليش ڊرائيو) جي حفاظت ڪندو آهي... ان کانسواءِ هن ۾ ٻيا به ڪيترائي طريقا رکيل آهي آٽورن فائيل کان بچڻ جا....
USB Cop

هي سافٽويئر توهان جي فليش ڊرائيو ۾ جهڙوڪ پوليس جو ڪم ڪندو آهي.... هي اصل ۾ آٽورن فائيل جي هر حملي کي پسپا ڪندو آهي.... ان کانسواءِ هي ناپسنديده ۽ پاڻ مرادو هلندڙ پروگرامن کي پڻ روڪڻ ۾ مدد ڪندو آهي...
مون کي يقين آهي ته هي پوسٽ توهان کي پسند ايندي...