• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي فليش ڊرائيو کي آٽورن وائرس کان ڪيئن بچائجي؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
USB.jpg

اڪثر ڏٺو ويو آهي ته فليش ڊرائيو ۾ مختلف ڪمپيوٽرز گهمڻ ڪري وائرس جو اصل آکيرو بڻجي ويندو آهي۔۔۔۔ فليش ڊرائيو ذريعي مختلف قسمن جا وائرس نه صرف توهان جي ڪمپيوٽر جي ونڊوز کي وچڙندا آهن پر ٻين ڪيترن ئي ڪمپيوٽرز ۾ پڻ شامل ٿي ونڊوز کي ڪمزور يا ڪرپٽ ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔۔
اهڙن وائرسن ۾ هڪ عام وائرس اهڙو به هوندو آهي جيڪو Autorun.inf نالي هڪ فائيل به ٺاهي ڇڏيندو آهي جنهن سان ڪمپيوٽرز جو ڊرائيوز سڌو سئون کلڻ جو اصل نالو ئي نه کڻنديون آهي۔۔۔۔ توهان کي گهرجي ته پنهني فليش ڊرائيو کي اهڙن وائرسز کان بچائڻ لاءِ هيٺين مفت سافٽويئرن کي پنهنجي USB يا فليش ڊرائيو ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو۔۔۔۔

USB Firewall

usb_firewall_small.jpg

جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته هي هڪ قسم جو فائر وال آهي جيڪو فليش ڊرائيو ۾ ايندڙ وائرسز کي بلاڪ ڪندو آهي۔۔۔ ان کانسواءِ هن جي اضافي خوبي اها آهي ته هي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيوز کي Autorun.inf جهڙن وائرسن کان پاڪ ۽ صاف رکندو آهي۔۔۔۔

Auto Run Protector

autorun_2Dprotector_small.jpg


هڪ ننڍڙو ٽول جيڪو ٻن طريقن سان ڪم ڪندو آهي.... هڪ ته هي سافٽويئر آٽورن وارين فائيلز کان توهان جي ڪمپيوٽر جي پروٽيڪشن ڪندو آهي ۽ ٻيو ته توهان جي يو ايس بي ڊرائيو (فليش ڊرائيو) جي حفاظت ڪندو آهي... ان کانسواءِ هن ۾ ٻيا به ڪيترائي طريقا رکيل آهي آٽورن فائيل کان بچڻ جا....


USB Cop

USB_cop_small.jpg


هي سافٽويئر توهان جي فليش ڊرائيو ۾ جهڙوڪ پوليس جو ڪم ڪندو آهي.... هي اصل ۾ آٽورن فائيل جي هر حملي کي پسپا ڪندو آهي.... ان کانسواءِ هي ناپسنديده ۽ پاڻ مرادو هلندڙ پروگرامن کي پڻ روڪڻ ۾ مدد ڪندو آهي...

مون کي يقين آهي ته هي پوسٽ توهان کي پسند ايندي...
 
ادا رشيد واقعي يو ايس بي ۾ وائرس جو مسئلو هاڻي عام ٿئي ويو آهي ان لا۽ توهان جو هي شيئر ڪيل سافٽ ويئر تمام بهترين آهي هاڻي ئي ان کي ڊائونلوڊ ڪري وٺان ٿو ته جيئن ان کان لاڀ وٺي سگهجي .
تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو
ساٿ سلامت
 
ادا ڏسون ٿا انهي کي به ڪري من ڪو فائدو حاصل ڪري سگهون۔۔۔۔۔
مهرباني مٺڙا رشيد


ادا زاهد جڙيو هجين شال ،

ادا جيڪڏهن هن طرح لکو ها ته ڪجهه سمجهه ۾ به اچي ها

ادا ڏسون ٿا انهي کي به ڊائونلوڊ ڪري من ڪو فائدو حاصل ڪري سگهون:D


hall charihall charihall charihall charihall chari


sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top