دوستو سلام
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام - انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم
تحرير : محمد سليمان وساڻ
ڪجهه وقت اڳ منهنجي دوست ۽ صحافي علي محمد ميمڻ سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ارتقا لاء هڪ مصمون لکي ڏيڻ جو چيو هو۔ ان وقت مون سنڌ سلامت جي 2010 واري ڪيلينڊر ۾ ڇپيل مضمون جو فائدو وٺندي ان مان مدد ورتي هئي ۽ ڪجهه پنهنجي طرفان ان ۾ سنڌ سلامت بابت ڪجهه تعارف پيش ڪري ڇپجڻ لاء ڏنو۔ پر ميگزين ڇپجندي دير ٿي وئي ۽ اسپيس جي گهٽتائي سبب ان کي هڪ صفحي ۾ سميٽيو ويو۔ انکانپوء سنڌ سلامت تي وڌيڪ تبديليون به آيون آهن۔ جرنلسٽ ٽائيم ۾ ڇپيل اهو مضمون ۽ سنڌ سلامت بابت انگ اکر پيش ڪجن ٿا۔
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام - انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم
تحرير : محمد سليمان وساڻ
دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.
ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙه قابل قبول نه هوندي.
ننڍي کنڊ جي ورهاست کانپوء پاڪستان ۾ سنڌيء جو قومي ٻوليء وارو درجو ختم ڪيو ويو ، صرف اردوء کي قومي ٻوليء جو درجو ڏنو ويو ۽ سرڪاري لکپڙه لاء صرف انگريزيء کي ئي اهميت ڏني وئي . ان هوندي به سنڌي ٻوليء جي چاهت رکندڙ ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا آيا ۽ پنهنجي وس آهر ڪيترائي ڪتاب ، رسالا ۽ اخبارون سنڌيء ۾ شايع ڪندا رهيا. سنڌي ٻوليء کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء عملي تحريڪون هلائيندا رهيا آهن جيڪي اڄ تائين جاري آهن. سنڌي ٻوليء جي واڌ ويجه لاء 1991 ۾ “سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي” جو قيام عمل ۾ آيو اهڙيء طرح سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيء لاء “سنڌي ادبي بورڊ” ، “انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي” ، “سنڌي ادبي سنگت ” ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ۽ شخصيتون پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. اهڙن سنڌي ڇاپگاهن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي (ڪراچي) ، ايڇ ايم احمد اينڊ برادرز ، نيو فيلڊس پبليڪيشن (حيدرآباد) ، روشني پبليڪيشن (ڪنڊيارو) ، مهراڻ اڪيڊمي (شڪارپور) ، سنگم پبليڪيشن (سچل ڳوٺ، ڪراچي) سرفهرست آهن جيڪي اڄ تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
“مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳاله کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳاله کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.
دوستن جي ٻيهر لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو ويو جنهن بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي آهي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال پيدا ڪونه ٿو ٿي.
فورم جي سرپرستي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر نثار احمد ناز ڪري رهيو آهي جيڪي ٽنڊو محمد خان جا آهن ۽ منتظم اعلى جو انتهائي ڏکيو، پيچيده ۽ ٽيڪنيڪل ڪم رشيد سمون (ڪراچي) پنهنجي ٻانهن ٻيلي ۽ ذهين نوجوان عامر ضياء چارڻ (دادو) سان گڏ ڀلي ريت سر انجام ڏئي رهيا آهن. انتظاميه جي ٻين رڪنن ۾ نائب منتظم علي ظفر (عراق) ، نثار ابڙو (مڪو پاڪ ) ، مينيجنگ ايڊيٽر : سليمان وساڻ (سچل ڳوٺ، ڪراچي) ، ايڊيٽرس ۾ مولوي رحيم بخش (مورو) ، وحيد ڦلپوٽو (شڪارپور) ۽ اسد ميرجت (ڄامشورو) شامل آهن.
سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن ۾ اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتاب ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ شامل آهن. ان کانسواء پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جتي ڪمپيوٽر ، آء ٽي يا سافٽويئرس بابت ڪيل ڪنهن به سوال جو جواب ۽ ان جو حل پيش ڪيو ويندو آهي.
سنڌ سلامت تي هن وقت 1747 رجسٽرد رڪن آهن ۽ روزانه 1200 کان مٿي ماڻهو سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃن ٿا. سنڌ سلامت تي مختلف موضوعن تي 12343 ليک ۽ 78132 رايا آيل آهن. سنڌ سلامت جي رڪنيت تمام آسان آهي ۽ ڪوبه رڪن ميمبر ٿيڻ کانپوء پنهنجو تحريرون ۽ شاعري ونڊ ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين جي تحريرن تي رايا ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهي ٿو.
سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .