سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    [justify]ڪجهه وقت اڳ منهنجي دوست ۽ صحافي علي محمد ميمڻ سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ارتقا لاء هڪ مصمون لکي ڏيڻ جو چيو هو۔ ان وقت مون سنڌ سلامت جي 2010 واري ڪيلينڊر ۾ ڇپيل مضمون جو فائدو وٺندي ان مان مدد ورتي هئي ۽ ڪجهه پنهنجي طرفان ان ۾ سنڌ سلامت بابت ڪجهه تعارف پيش ڪري ڇپجڻ لاء ڏنو۔ پر ميگزين ڇپجندي دير ٿي وئي ۽ اسپيس جي گهٽتائي سبب ان کي هڪ صفحي ۾ سميٽيو ويو۔ انکانپوء سنڌ سلامت تي وڌيڪ تبديليون به آيون آهن۔ جرنلسٽ ٽائيم ۾ ڇپيل اهو مضمون ۽ سنڌ سلامت بابت انگ اکر پيش ڪجن ٿا۔ [/justify]

    [​IMG]


    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام - انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم
    تحرير : محمد سليمان وساڻ

    [justify]دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.

    ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙه قابل قبول نه هوندي.

    ننڍي کنڊ جي ورهاست کانپوء پاڪستان ۾ سنڌيء جو قومي ٻوليء وارو درجو ختم ڪيو ويو ، صرف اردوء کي قومي ٻوليء جو درجو ڏنو ويو ۽ سرڪاري لکپڙه لاء صرف انگريزيء کي ئي اهميت ڏني وئي . ان هوندي به سنڌي ٻوليء جي چاهت رکندڙ ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا آيا ۽ پنهنجي وس آهر ڪيترائي ڪتاب ، رسالا ۽ اخبارون سنڌيء ۾ شايع ڪندا رهيا. سنڌي ٻوليء کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء عملي تحريڪون هلائيندا رهيا آهن جيڪي اڄ تائين جاري آهن. سنڌي ٻوليء جي واڌ ويجه لاء 1991 ۾ “سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي” جو قيام عمل ۾ آيو اهڙيء طرح سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيء لاء “سنڌي ادبي بورڊ” ، “انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي” ، “سنڌي ادبي سنگت ” ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ۽ شخصيتون پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

    جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. اهڙن سنڌي ڇاپگاهن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي (ڪراچي) ، ايڇ ايم احمد اينڊ برادرز ، نيو فيلڊس پبليڪيشن (حيدرآباد) ، روشني پبليڪيشن (ڪنڊيارو) ، مهراڻ اڪيڊمي (شڪارپور) ، سنگم پبليڪيشن (سچل ڳوٺ، ڪراچي) سرفهرست آهن جيڪي اڄ تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

    “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳاله کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.

    اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳاله کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.

    دوستن جي ٻيهر لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو ويو جنهن بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي آهي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال پيدا ڪونه ٿو ٿي.

    فورم جي سرپرستي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر نثار احمد ناز ڪري رهيو آهي جيڪي ٽنڊو محمد خان جا آهن ۽ منتظم اعلى جو انتهائي ڏکيو، پيچيده ۽ ٽيڪنيڪل ڪم رشيد سمون (ڪراچي) پنهنجي ٻانهن ٻيلي ۽ ذهين نوجوان عامر ضياء چارڻ (دادو) سان گڏ ڀلي ريت سر انجام ڏئي رهيا آهن. انتظاميه جي ٻين رڪنن ۾ نائب منتظم علي ظفر (عراق) ، نثار ابڙو (مڪو پاڪ ) ، مينيجنگ ايڊيٽر : سليمان وساڻ (سچل ڳوٺ، ڪراچي) ، ايڊيٽرس ۾ مولوي رحيم بخش (مورو) ، وحيد ڦلپوٽو (شڪارپور) ۽ اسد ميرجت (ڄامشورو) شامل آهن.

    سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن ۾ اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتاب ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ شامل آهن. ان کانسواء پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جتي ڪمپيوٽر ، آء ٽي يا سافٽويئرس بابت ڪيل ڪنهن به سوال جو جواب ۽ ان جو حل پيش ڪيو ويندو آهي.

    سنڌ سلامت تي هن وقت 1747 رجسٽرد رڪن آهن ۽ روزانه 1200 کان مٿي ماڻهو سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃن ٿا. سنڌ سلامت تي مختلف موضوعن تي 12343 ليک ۽ 78132 رايا آيل آهن. سنڌ سلامت جي رڪنيت تمام آسان آهي ۽ ڪوبه رڪن ميمبر ٿيڻ کانپوء پنهنجو تحريرون ۽ شاعري ونڊ ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين جي تحريرن تي رايا ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهي ٿو.

    سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .
    [/justify]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    سائين تمام بهترين ڪالم لکيو اٿوَ، سنڌ سلامت بلڪل سنڌي ٻولي جي وڏي ۾ وڏي فورم آهي ۽ فخر سان چئي سگهون ٿا ته سنڌ جا اديب، دانشور، شاعر، آئي ٽي جا ماهر، استاد، شاگرد ۽ هر طبقي جا ماڻهو سنڌ سلامت کي روز وزٽ ڪن ٿا ۽ هتان جا ميمبر آهن۔۔۔ سنڌ سلامت نه رڳو انٽرنيٽ تي ايوينٽس منعقد ڪري پئي پر ان پاڻ کي عملي ميدان ۾ به لاٿو آهي، ٻه سال تاريخي ڪيلنڊر جي اشاعت کان علاوه مختلف وقتن تي مختلف شخصيتن جي مان ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ اڳڀري رهي آهي۔۔ ۽ ان کان علاوه ان جا محنتي رپورٽر (سائين نثار ناز، طاهر سنڌي، سليمان وساڻ ۽ عبدالغفور سمون) سنڌ جي حوالي سان منعقد ٿيل وڏين تقريبن جي پنهنجي سر رپورٽنگ ڪري انهن جو پيرائتو حوال تصويرن ۽ تحريري صورت ۾ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندا رهن ٿا۔ سنڌ سلامت جو يوٽيوب چينل اهو آهي جيڪو فقط سنڌ سلامت جي پنهنجي محنت سان تيار ڪيل آهي ۽ محنتي ايڊيٽر جمن شيخ ۽ سائين نثار ناز جي ايڊٽنگ جي ڪري اهي خالص سنڌ سلامت جي محنت آهن۔۔ ان کان علاوه ادي چانڊوڪي سمون جي محنت کي به وسارڻ غلط ٿيندو جنهن عمرڪوٽ ۾ هڪ ميلي ۾ سنڌ سلامت جو اسٽال هنيو ۽ اتي سنڌ سلامت جي حوالي سان پروجيڪٽر تي تعارف پڻ ڪرايو ويو ۽ منهنجي خيال ۾ ان اسٽال کي انتظاميه پاران بهترين اسٽال ايوارڊ ڏنو ويو هو۔۔​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    محترم سائين وساڻ صاحب، اوهانجي انهن ڪاوشن جو ڪو جواب ڪو صلو پاڻ وٽ ناهي ۔۔۔ بس اسين صرف اوهانکي دعائون ڪري سگهون ٿا ۽ اوهانجي ڪاوشن جا گڻ سنڌ سموريءَ ۾ ڳائي سگهون ٿا ۔۔۔ جزاڪ الله

    سنڌ سلامت بيشڪ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار جي بهترين اوطاق آهي ۽ سنڌ جي تمام شعبن کي پاڻ ۾ سمائي سهڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جا سهڻا ايڊيٽر جن ۾ وحيد ڦلپوٽو، اسد ميرجت، رحيم بخش ۽ گم ٿيل عبدالوهاب ۽ پراڻو گم ٿيل دوست مگسي پڻ آهن، هنن دوستن جي ڏينهن رات جي محنت سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳايا آهن ۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جا ڪيترائي هم رڪاب رڪن پڻ آهن جيڪي شايد سنڌ سلامت جي انتظاميه کان به وڌ پنهنجيون ڪاوشون ڪندا رهنٿا ۔۔۔ انهن دوستن ۾ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا ۔۔۔

    مزي جي ڳالهه ته سنڌ سلامت اهو اڱڻ آهي جنهن تي هرهڪ رڪن في سبيل الله، صرف سنڌيت جي جذبي تحت ڪم پيو ڪري، بلڪ اسانجا سڀ دوست پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن ۔۔۔ نه ته هن فورم مان ڪڏهن ڪمايو آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن جي آڏو هٿ ڦهلايو ويو آهي ۔۔۔ هي سنڌ دوست فورم پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي هلي رهيو آهي ۽ خوب هلي رهيو آهي ۔۔۔

    هن فورم تي ايندڙ تمام رڪن، سٻاجهڙا، سنڌ جا دوست ۽ پنهنجي هنر جا ماهر آهن، جو جڏهن سندن لکڻيون ۽ ڪاوشون سنڌ سلامت تي اينديون آهن ته بلڪل ائين لڳندو آهي جيئن رات جو آسمان تي ننڍا وڏا ڪي گهڻا روشن تي گهٽ روشن ستارا اڀرندا آهن ۽ ڏسندي اکيين کي عجيب قسم جو سرور ملندو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جا رڪن دوستو! منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان دوستن سان آهن ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه آباد ۽ سکيو ستابو رکي ۔۔۔ آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    سائين محترم سليمان وساڻ صاحب اوهان جو ليک سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان محبت جو دليل ڏئي رهيو آهي ، يقينن اوهان سهڻي نموني مضمون کي ڄوڙي ونڊ ڪيو آهي جنهن تي اوهان کي جيتري داد ڏجي گهٽ آهي ، اوهان جا ليک جيڪي سدائين حيرت انگيز ۽ ڇرڪائيندر هوندا آهن هنن مان اهو مضمون پڻ هڪ آهي ،

    هن ناچيز ڪجه ڏينهن اڳ هن ئي موضوع تي هڪ ليک تيار ڪيو هو جيڪو ڪنهن سبب جي ڪري ونڊ ڪرڻ ۾ ليٽ ٿي ويو ، اوهان جي مضمون وري اهو شوق اڄاگر ڪري ڇڏيو تنهن ڪري اڄ اها ونڊ ڪريان پيو ، انشاء الله دوستن کي ضرور پسند ايندو ،

    سنڌ سلامت سان ناتو ڪجه اهڙي قسم جو ٿي ويو آهي جو هن جي محبت رڳ رڳ ۾ سمائيجي وئي آهي ، وقت نه هوندي به وقت ڪڍي ضرور ڦيرو ڏيندو آهيان ، دوستن جا نوان نوان مضمون سنڌ سلامت ۾ روح ڦوڪي ٿا ڇڏن ، جنهن مان لطف اندوز ٿيندو آهيان ،

    دعا آهي ته سنڌ سلامت کي الله تعال هر بري نظر کان بچائي ۽ اسين سڀنن کي پاڻ ۾ سچي ۽ پائيدار محبت جو جذبو اڄاگر ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت، ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ۔


    مضمون جي لنڪ ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamt.com
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    مهرباني ادا مست

    هي مضمون سچل ڳوٺ ۾ ڪيل هڪ پروگرام ۾ دوستن سان ونڊ ڪيو هو ۽ پوء ايڊيٽر صاحب جي چوڻ تي ان کي ٻيهر ٺاهي سندس حوالي ڪيو هيم پر شايد اسپيس گهٽ هجڻ سبب هن ليک کي محدود ڪري پيش ڪيو۔

    سنڌ سلامت جي دوستن کي واڌايون پيش ٿو ڪريان جيڪي هن مصروفيت جي دور ۾ به بغير ڪنهن لالچ ۽ اجوري جي سنڌ سلامت کي هيڏو سارو وقت ڏين ٿا۔ سڀني ميمبر دوستن ۽ انتظاميه کي سندن اهڙي بهترين ڪم تي سلام پيش ٿو ڪجي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    سائين مهربانيون

    سنڌ سلامت کي هن مقام تي پهچائڻ ۾ اوهان سينير دوستن جو ئي ڪمال آهي جن سنڌ سلامت کي شروع ڪيو ۽ اڄ اسان هن ساٿ ۾ شامل ٿي فخر محسوس ڪري رهيا آهيون۔ مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مونکي سنڌ سلامت جهڙي خوبصورت فورم تي آندو ۽ دوستن سان ملايو۔

    دوستن کي سلام جيڪي بغير لالچ جي پنهنجي قيمت وقت سان گڏ پنهنجي هڙان وڙان رقم لڳائي سنڌ سلامت جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا۔ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته اسان جي گم ٿيل دوستن مان محترم عباس مگسي سان ڪالهه ڪچهري ٿي۔ سائين جن خاص وقت ڪڍي ڪورنگيء کان گلستان جوهر آيا ۽ ان سان گڏ عمران درويش سومرو سان پڻ ملاقات ٿي۔ سائين مگسي صاحب جن واعدو ڪيو ته هو ٻيهر فعال ٿي سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل هوندا۔

    دوست هاڻي صرف نيٽ جا دوست ناهن پر عملي زندگيء ۾ به هنن جي دوستي ڳائڻ جهڙي آهي۔ سنڌ سلامت جي سڀني ميمبر دوستن ۽ انتظاميه کي واڌايون جيڪي هن فورم سان وچن نڀائي رهيا آهن۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    واه واه دوستو!
    هي ته ڪمال ٿي ويو آهي، جو هڪ ئي ڏينهن سنڌ سلامت پياري محفل تي ٿوري دير اڳ ئي مون ادا افتخار چوهاڻ جو بهترين ليک پڙهيو آهي وري ٻي پل ۾ محترم اسان جي ڇڙي دوست سليمان وساڻ جو هي پيارو ليک پڙهڻ لاءِ ملي ويو آهي، لڳي ٿو هاڻ هن ڪنواري ڇڙي کي ڇڙو چوڻ صحيح نه آهي، جو هن جو نڪاح سنڌ سلامت سان پئجي ويو آهي ۽ ظاهر آهي سنڌ سلامت پاڻ تي ڪا پهاج برداشت نه ڪندي هههههههههه
    ادا سليمان يار بهترين مضمون اوهان کي مبارڪون هجن جو هڪ ته اوهان اهڙو پيارو ونڊ لکي اسان سان شيئر ڪيو وري ان کي ڊائجسٽ ۾ ڏئي دنيا جي سڀ سنڌين لاءِ امر ڪري ڇڏيو۔
    ٿورا۔۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    سائين افتخار صاحب لک مهربانيون

    اوهان دوستن جو ساٿ، سنڌ سلامت جي سڪ، سنڌي ٻوليء سان وچن ئي آهي جو سنڌ سلامت جو فورم پنهنجي ڪاميابي سان روان دوان آهي۔ سچ پڇو ته مون به لکڻ هتي ئي سنڌ سلامت جي دوستن کان سکيو آهي ۽ اسان کي خوشي ۽ فخر آهي جو اوهان جهڙا دوست مليا آهن۔

    اوهان جو ليک پڙهيو آهي۔ تمام بهترين ليک آهي۔۔۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    مهرباني ادا طاهر

    سنڌ سامت دوستن جي جهرمٽ جو نالو آهي، سنڌ سلامت سنڌين جي پريت جو نالو آهي، سنڌ سلامت اوهان دوستن جي پيار ۽ خلوص جو نالو آهي، سنڌ سلامت سنڌيت جي پرچارڪ جو نالو آهي، سنڌ سلامت دنيا جي سموري سنڌين کي ملائڻ جو نالو آهي ۽ ۽ سنڌ سلامت اوهان ئي آهيو، سڀ دوست، سڀ ميمبر، سڀ چاهيندڙ۔

    لک قرب دوست اوهان جي مزاقي ۽ مرڪندڙ راين جا، مونکي اوهان جي مرڪ ، اوهان جا ٽهڪ هت ٻڌڻ ۾ پيا اچن۔ سچ پڇو ڪالهوڪي محفل ۾ اوهان دوستن کي بار بار ياد ڪندا رهياسين۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت، سونهن سلامت سڪ سلامت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    سائين تمام بهترين۔۔۔معاف ڪندا ٽائيم گهٽ هجڻ جي ڪري ليک سھي نموني نه ٿو پڙهي سگهان۔۔۔۔جيئو ادا جيئو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

    محترم سائين محمد سليمان پيارا اوهان جي مهرباني جو اوهان سنڌ ۽ سنڌ سلامت سان ايتري محبت رکو ٿا جو وقت ڪڍي ان لاء جاکوڙ جاري رکو ٿا تمام بهترين مضمون شيئرڪرڻ تي هن عاجز طرفان اوهان کي کوڙ ساريون مبارڪون هجن اميد ته توهان جهڙا دوست ٻين دوستن جي همٿائڻ جو ذريعو بنبا۔ الله تعالى توهان کي صحت و عافيت جي دولت سان مالا مال ڪري جو تا دير هن ڪم کي وڌائيندا رهو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    محترم سائين وساڻ صاحب اوهان کي تمام بهتر ۽ لاڀائتي ڪاوش لاءِ جسُ هجي، سنڌي ٻوليءَ کي انٽر نيٽ جي دنيا ۾ اهم مقام ڏيارڻ لاءِ سلسلو جاري رکو.
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا......
    ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،

    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    سليمان صاحب هي هڪ حلالي پٽ جو ڪم هوندو آهي جيڪو پنهنجي امڙ جي عظمت لاءِ ڪم ڪري سنڌ به اسان جي امڙ آهي ۽ سنڌ امڙ جي سنڌي ٻولي لاءِ جيڪو اوهان ڪم ڪيو پيا شايد ڪو اهڙو هوندو جيڪو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجھ ٽائم بچائي اهو ڪم ڪري. الله اوهان کي هن جو اجر ضرور ڏيندو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 سيپٽمبر 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيو

    واقعي ڌرتي ماء آهي ۽ ان حساب سان ٻولي جي خدمت اسان جو فرض آهي. سڀني دوستن جا وڏا وڙ جيڪي سنڌي ٻولي جي بقا لاء جاکوڙين پيا.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين سليمان وساڻ صاحب کي جس هجي جيڪو سنڌ سلامت کي نه صرف انٽرنيٽ تي فهلائي ٿو، بلڪ اخبارن رسالن ۾ به ونڊ ڪري مٿانهون مان ڏئي ٿو، پر سائين جن جو هڪ ڪم مونکي ڏاڍو وڻندو آهي، اهو آهي سنڌ سلامت جي فورم کي فيس بوڪ تان شئير ڪرڻ، جن ۾ هر ڪا معلومات شئير ڪندو آهي

    سائين جي ڪاوشن جو اسان وٽ ڪوبه جواب نه آهي، سائين لاءِ کوڙ ساريون نيڪ تمنائون
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. آزاد آخوند روهڙي

    آزاد آخوند روهڙي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آڪائونٽس آفيسر
    ماڳ:
    ڄامشورو پاورهائوس ڪالوني گھر نمبر ڊي 3 ڄامشورو
    توهان جي هي تحرير مان اڳ به پڙهي چڪو آهيان تمام سهڻي جذبي سان لکيل آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. زوهيب خاصخيلي

    زوهيب خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٽنڊو آدم
  18. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌي ٻولي لاءِ جيڪو اوهان ڪم ڪيو پيا شايد ڪو اهڙو هوندو جيڪو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجھ ٽائم بچائي اهو ڪم ڪري. الله اوهان کي هن جو اجر ضرور ڏيندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. اعجاز علي ڀٽي

    اعجاز علي ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ جاب، پوليس ڊپارٽمنٽ
    ماڳ:
    گولاڙچي ضلع بدين
    سنڌي ٻولي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ جيڪي دوست پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجھ ٽائم بچائي اهو ڪم ڪري رھيا آھن.اھي پنھنجي پياري سنڌ جي سڃاڻپ آھن ۽ ھميشه سڃاڻپ رھندا. انھن سڀني دوستن لاءِ رب پاڪ کان دعا آھي ته الله پاڪ سندن جائز ڪمن ۾ مدد فرمائي آمين
     
    ذولفقار بڙدي ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  20. Hafeez Zakhmi Chandio

    Hafeez Zakhmi Chandio
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سماج سڌارڪ،شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    جوابپور چانڊيو، ضلعو شڪارپور
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو