سنڌي ٻولي، انٽرنيٽ ۽ سنڌ سلامت

پيارا سائين
سليمان وساڻ صاحب
اميد ته پنهنجي عظمتن جي ڇانوري ۾ جيئندا رهو، پياراسائين اوهان جو بلاگ ڏسندي پڪو ويساهه ٿيوم ته ”اڃان ڪي آهين“ اوهان کي شابس آهي، بلاگ ڏسي سرهائي ٿي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف صنفن تي مشتمل جهجهي مقدار ۾ موجود مواد هن بلاگ تي ڏٺم ، هي مواد ڇاپڻ ۽ گڏ ڪندي اوهان کي ڪيڏين وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو هوندو تنهجو آءُ اندازو لڳائي سگهان ٿو، پيارا اوهان کي پوري ٽيم سميت واڌايون هجن جو هڪ جاءِ تي بيٺل بدبودار سماج ۾ شاندار نموني علمي،ادبي پورهيو ڪري رهيا آهيو، يقينن اوهانجي هيءَ ڪوشش علم جي اڃارن جي اُڃ ضرور اجهائيندي، اسان پتڪڙن ماڻهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جو سهڪار درڪار هجي ته حاضر آهيون.
اوهان جو ئي پنهنجو
حفيظ چانڊيو..لاڙڪاڻو
03063570782
 
سليمان صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اسان سڀني کي هي فورم ڏئي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو. اوهان جون ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿيون آهن.
 
Back
Top